سکر

ڪنهن به مريض کان ڪنهن به قسم جي فيس نه ورتي وڃي، انعام الله خان ڌاريجو

ghotki 2گهوٽڪي: ڪمشنر سکر ڊويزن انعام الله خان ڌاريجو تعلقه اسپتال گهوٽڪي ۾ دل جي شعبي، گڙدن جي شعبي، ايمرنجسي وارڊ، چائلڊ ڪيئر سينٽر ۽ آپريشن ٿيٽر جو معائنو ڪيو ان موقعي تي هن ايم ايس کي سختي سان هدايت ڪئي ته ڪنهن به مريض کان ڪنهن به قسم جي فيس نه ورتي وڃي ۽ مريضن ۾ مفت دوائون فراهم ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي هن ڊاڪٽرن کي پڻ هدايت ڪئي ته هو وقت جي پابندي ڪن. ان موقعي تي هن تعلقه اسپتال گهوٽڪي لاءِ 25 ڪي وي جا 3 جنٽريٽر ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ پيٽس ڊپارٽمينٽ ۾ ايڊيشنل هال تعمير ڪرائڻ لاءِ پڻ هدايت جاري ڪئي. بعد ۾ هن سرڪٽ هائوس گهوٽڪي ۾ ورڪس اينڊ سروسز، تعليم، ميونسپل، ايجوڪيشن ورڪس ۽ ايريگيشن جي عملدارن سان گهوٽڪي ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏجاڻي ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي زاهد علي عباسي ڪمشنر کي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گهوٽڪي ۾ 16 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان مختلف ترقياتي اسڪيمون هلي رهيون آهن جڏهن ته شهيد بينظير ڀٽو پارڪ کي 5.3 ملين جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ان موقعي تي ڪمشنر ورڪس اينڊ سروسز جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته گهوٽڪي کان عادلپور روڊ جو ڪم 15 ڏينهن جي اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ شهيد بينظير ڀٽو پارڪ جو ڪم پڻ جلد از جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ ڪم جي رفتار ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ نگراني ڪئي وڃي. ان موقعي تي هن ايجوڪيشن ورڪس جي آفيسر کي پڻ سختي سان هدايت ڪئي ته هو ترقياتي ڪمن جي ذاتي طور تي نگراني ڪري ڪم جي رفتار ۽ معيار کي يقيني بڻايو وڃي. هن ڊي او تعليم کي پڻ هدايت ڪئي ته استادن جي حاضري کي يقيني بڻائي پڙهائڻ لاءِ پابند بڻايو وڃي ۽ اسڪولن ۾ انرولمينٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن تعليم بهتر کان بهتر ٿي سگهي. پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان هن ڊائريڪٽر سيڊا کي سختي سان هدايت ڪئي ته آبادگارن کي فوري طور تي پاڻي فراهم ڪيو وڃي ان سلسلي ۾ آبادگارن جي شڪايت تي ڪارروائي ڪئي ويندي بعد ۾ هن گهوٽڪي شهر اندر هلندڙ مختلف ترقياتي اسيڪمن جو معائنو ڪري هدايتون جاري ڪيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button