پي پي 12 مئي تي ڪمون شھيد وٽ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو
حيدرآباد: بين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير ۽ پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته ملڪ جون مڙني سياسي جماعتون غير جمهوري طريقي سان حڪومت کي هٽائڻ لاءِ سازشون سٺي رهيون آهن ۽ سندن اهڙي رويي کي ننديندي پ پ پ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي قيادت ۾ 12 مئي 2012 تي ڪمون شهيد واري هنڌ ڌرڻُو هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ اترسنڌ سميت پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جا لکين ڪارڪن ،اڳواڻ ۽ عوام شريڪ ٿي عوامي سگهه جو مظاهرو ڪندو ۽ اهڙن امراڻه ذهنيت رکندڙ عنصرن تي واضح ڪيو ويندو ته اڄ به ملڪي عوام پ پ پ سان گڏ آهي ۽ سندن هر سازشن ۽ حربن سان هرموڙ تي مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهي. هن اهڙو اظهار اڄ سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو . مخدوم جميل الزمان وڌيڪ چيو ته ن ليگ اڳواڻ جمهوري حڪومت کي هٽائي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هو مختلف طريقن سان سنڌ جي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندن سياست مفاهت پرست آهي ۽ اهي عوام جي ڏکن ، سورن کان بي خبر آهن . هن چيو ته جيڪي ڌريون ن ليگ اڳواڻن جو سنڌ ۾ آڌر ڀاءُ ڪن ٿيون اهي ن ليگ اڳواڻن کان ڪالاباغ ڊيم تي سندن موقف معلوم ڪن ته کين خبر پئجي ويندي ته سنڌ جو خيرخواهه ڪير آهي . هڪ سوال تي هن چيو ته سنڌ کي ٽوڙڻ هڪ غلط فهمي آهي جيڪا هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌي عوام سنڌ جي سرحدن سان عقيدت رکي ٿو ۽ اسان سنڌ کي ڪنهن به قيمت تي ٽوڙڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته پ پ پ مفاهمتي پاليسي تحت سمورين ڌرين گڏ کڻي هلي رهي آهي جڏهن ته سنڌ جي قومپرستن ۽ پ پ پ ۾ هڪ ٿيڻ لاءِ وڏي گنجائش موجود آهي پر ڪجهه عنصر سندن وچ ۾ اختلاف پکيڙي رهيا آهن . هن چيو ته پ پ پ قومپرستن کي جيڪا عزت ڏني آهي اها کين ڪٿي به نه ملي آهي .هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته وزير اعظم پاڪستان کي هٽائڻ بابت جيڪو عدالت فيصلو ڏيندي اهو قبول ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن وزير اعظم کي هٽائڻ جو حتمي فيصلو اچي ويو ته وزير اعظم پاڻمرادو عهدو ڇڏي ڏيندو ۽ ٻيو وزيراعظم پڻ پ پ پ مان ئي هوندو.هن وڌيڪ چيو ته پ پ پ تي هميشه الزام ، تنقيد ۽ سازشون ٿينديون رهيون آهن ڇاڪاڻ ته پ پ پ هڪ عوامي جماعت آهي ان تي ڪڏهن به ڪنهن ٻاهرين هٿ جي سرپرستي نه رهي آهي . لياري آپريشن جي حوالي سان هڪ سوال تي هن چيو ته لياري آپريشن عوام جي خلاف ناهي ۽ لياري ۾ وڏي پيماني تي هٿيار موجود آهن ۽ هٿيارن کي صاف ڪرڻ لاءِ اهو آپريشن ڪيو ويو آهي . هڪ سوال تي هن چيو ته ممتاز علي ڀٽو جي سڃاڻپ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ئي آهي ۽ سندس بنيادي پارٽي پڻ پ پ پ ئي آهي جنهن شخص پنهنجي بنيادي پارٽي سان وفا نه ڪئي اهو ڪنهن ٻي پارٽي سان ڪيئن وفا ڪري سگهي ٿو .هڪ سوال تي هن چيو ته بدين ۾ بيروزگار نوجوان طرفان پنهنجو پاڻ کي باهه ڏيڻ وارو واقعو افسوسناڪ آهي آهي تنهن باوجود به هن چيو ته پ پ پ صرف حڪومت نه ڪري رهي آهي پر سندس آڏو ڪيترائي محاّذ کهڙا ڪيا ويا آهن جن کي پڻ هڪ ئي وقت منهن ڏنو پيو وڃي تنهنڪري هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهو صبر ۽ تحمل سان ڪم وٺي ۽ پ پ پ تي اعتماد رکي پر پنهنجي زندگين سان نه کيڏي. حيدرآباد ۾ پ پ پ جي ضلعي عهدي تي قاتلاڻي حملي بابت هڪ سوال تي هن ان معاملي جي مذمت ڪندي چيو ته هن ان سلسلي ۾ پ پ پ ضلعي صدر کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جنهن جي روشني ۾ ملوث جوابدارن خلاف قدم کنيا ويندا .ان کان اڳ پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي گڏجاڻي ۾سمورن عهديدارن وزير اعظم پاڪستان يوسف رضا گيلاني کي ملڪ ۾ جمهوري ادارن جي مضبوطي ، آزادي ۽ ملڪ جون آئيني ۽ قانوني طريقي سان ذميواري نڀائڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ مٿس مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو .گڏجاڻي ۾ صدر پاڪستان ۽ شريڪ چيئرمين پ پ پ َ آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي قيادت تي پڻ ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو _ گڏجاڻي۾ ايم پي اي امير علي شاهه هاشمي ، پ پ پ اڳواڻ ميان علي محمد ولاري ، امان الله سيال ، روشن سولنگي ، ڊاڪٽر تحسين شيخ ، الهه بچايو سومرو ، آفتاب خانزاده ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي .