ٻهراڙي کي شهري علائقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سان هڪ منصوبو ترتيب ڏنو ويو آھي:سيد امير علي شاهه
حيدرآباد: قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ چيئرمين اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪلچر سيد امير علي شاهه ڄاموٽ چيو آهي ته پ پ پ حڪومت ٻهراڙي جي علائقن کي بنيادي سهولتن جي حوالي سان شهري علائقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سان هڪ منصوبو ترتيب ڏنو آهي جنهن تي وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت ۽ عوامي نمائندن جي ترقياتي فنڊن سان عملدرآمد ڪرايو ويندو هو اڄ يونين ڪئونسل ٽنڊو قيصر جي مختلف ڳوٺن ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائن جو جائزو وٺڻ دورن ڳوٺاڻن سان ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته پ پ پ جڏهن به قتدار ۾ ائي آهي تڏهن ماڻهن کي روزگار ، واپار ۽ سماجي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا آهن هن چيوته ايندڙ بجيٽ ۾ ٻهراڙي جي ترقي لاءِ انقلابي قدم کنيا پيا وڃن۽ بيروزگاري خاتمي لاءِ صرف وفاقي حڪومت هڪ لک نيون آساميون پيدا ڪري رهي آهي هن چيو ته حڪومت ٻهراڙي جي علائقي ۾ غير سرڪاري روزگار جا نوان وسيلا پيدا ڪرڻ لاءِ رٿا بندي ڪري رهي آهي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته زراعت واري شعبي کي ان ۾ شامل ڪيو وڃي هن چيو ته هن وقٽ 25 لک روپين جي لاڳت سان حسين خان ٺوڙهو وايا محمد شاهه روڊ کان ڳوٺ الهه بخش کور رستو تعمير ڪيو پيو وڃي ساڳئي طرح ٽنڊو قيصر ۾ رستن جي ٻيهر مرمت گهٽين ۽ نڪاسي آب جي نالين کي پڪو ڪرڻ تي پڻ 25 لک روپيا خرچ ڪيو پيو وڃي ساڳئي يوسي ٽندو قيصر جي ٻين ڳوٺن ۾ رستن جي تعمير ۽ گهٽين کي پڪو ڪرڻ تي پٻڻ وڌيڪ 25 لک روپيا خرچ ڪيا پيا وڃن هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڳوٺ مصري خان سولنگي ۽ ڳوٺ ڇٽو مير بحر ۾ پڻ 8 لکن کان وڌيڪ لاڳت سان بجلي فراهم ڪئي وئي آهي هن ڳوٺاڻن پاران پيش ڪيل مطالبن جو حوالو ڏيندي چيو ته سندن جائز مسئلن کي پڻ حل ڪيو ويندو ان موقعي تي هن ڳوٺ حسين خان ٺوڙهو ، ڳوٺ ٻڍو کور، ڳوٺ محرم سولنگي ديهه گل محم ٺوڙهو، ڳوٺ فتن ڌماچ، ڳوٺ گل محمد ٺوڙهو، ڳوٺ گل محمد ڌماچ ، ڳوٺ نوح کور، ڳوٺ الله بچايو سولنگي ۽ ڳوٺ مصري خان سولنگي جو دورو ڪيو ۽ اتان جي رهواسين سان ملاقات ڪري انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن مسئلن جي فوري ازالي جو پڻ يقين ڏياريو