خيرپور

خيرپور امن ڪاميٽي جو قيام خيرپور جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان ليکيو ويندو،محمد عباس بلوچ

DC SSP Press Conferenceخيرپور: ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ، ايس ايس پي خيرپور عرفان بلوچ ۽ امن ڪاميٽي خيرپور جي اڳواڻن گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته خيرپور امن ڪاميٽي جو قيام خيرپور جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان ليکيو ويندو جنهن سان شهر اندر امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي. هنن چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن جا ماڻهو خيرپور ۾ مذهبي جهيڙن جو ذڪر ڪندا هئا پر امن ڪاميٽي جي قيام سان هاڻي هر ماڻهو خيرپور جي امن جو مثال ڏيندا. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور محمد عباس بلوچ ڳالهائيندي چيوته خيرپور رياست جي دور کان وٺي هڪ امن پسند خطو رهيو آهي جنهن ۾ هر مذهب جا ماڻهو بنا ڪنهن مذهبي تفريق جي پاڻ ۾ امن ۽ ڀائيچاري سان رهندا هئا. هن چيوته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خاص هدايتن تي ضلعي انتظاميه تازو خيرپور امن ڪاميٽي سان هر ممڪن سهڪار ڪيو آهي ۽ آئينده به ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيوته امن ڪاميٽي خيرپور شهر جي نوجوان نسل، مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگردن، ڪاروباري ماڻهن سان گڏو گڏ عام شهرين جي لاءِ هڪ خوشخبري آهي جنهن سان خيرپور ۾ امن امان جي صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي. هڪ سوال جو جواب ڏيندي ڊي سي خيرپور چيو ته امن ڪاميٽي خيرپور جي قانوني حيثيت ڏيارڻ لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي کان هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو ته جيئن ڪاميٽي هميشه فعال رهي سگهي. ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور عرفان علي بلوچ چيوته امن ڪاميٽي خيرپور اهلسنت ۽ اهلتشيعه خيرپور شهر جي اڳواڻن گڏيل ڪوشش جو نتيجو آهي جنهن جي تعاون سان شهر ۾ ڪو به مذهبي اڻ وڻندڙ واقعو ڪو نه ٿيندو. هن چيو ته امن ڪاميٽي کي با اختيار بڻايو ويو آهي جنهن جي رضا مندي کانسواءِ ڪنهن به مذهبي اڳواڻ تي ڪا به ايف آءِ آر داخل نه ڪئي ويندي نه ئي ڪا گرفتاري ڪئي ويندي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته ڪاميٽي پاران ٻين فيصلن سان گڏو گڏ اهو فيصلو به پڻ ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به مذهبي گروپ پاران جهنڊا يا مذهبي چاڪنگ نه ڪئي ويندي جنهن سان مذهبي تفريق ختم ٿيندي جنهن جي نتيجي ۾ شهر اندر امن ۽ ڀائيچارو قائم ٿيندو. پريس ڪانفرنس ۾ ڪاميٽي جي چيئرمين مولانا صدر الدين ڦلپوٽو، سيڪريٽري سيد ناصر علي شاهه، ميمبرن استاد لعل ڏنو خاصخيلي ، سيد ڪمال شاهه ۽ ٻين پڻ ڪاميٽي جي مختلف نقطن کان آگاهي ڏني ۽ شهر اندر امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ضلعي انتظاميه خاص طور تي ڊي سي ۽ ايس ايس پي خيرپور جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي جڏهن خيرپور جي ميڊيا جو پڻ شُڪريو ادا ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور پاران ضلعي انتظاميه پاران مختلف دوڪانن جي مالڪن کي 6 لک روپين جا چيڪ ڏنا ويا جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ مختلف دوڪاندارن کي 16 لک روپين جا چيڪ پڻ ڏنا ويا هئا. بعد ۾ ڊي سي خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور جي اڳواڻي مان سرڪٽ هائوس خيرپور مان پريس ڪلب خيرپور تائين هڪ امن ريلي پڻ ڪڍي وئي جنهن ۾ مذهبي اڳواڻن، پوليس عملدارن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button