حيدر آباد

حاڪم علي خان زرداري تمام وڏو سياستدان هو: قائم علي شاھ

qaim ali shah
قائم علي شاھ
حيدرآباد : سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ نوابشاهه پهتو جتي هن صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري جي والد، اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ سينيئر سياستدان مرحوم حاڪم علي خان زرداري جي پهرين ورسي جي موقعي تي ڳالهائيندي وڏي وزير مرحوم حاڪم علي خان زرداري جي ڪيل خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرحوم حاڪم علي خان زرداري هميشه عام ماڻهن جي ڀلائي ، جموريت جي بحالي ، قومن کي بنيادي حق ڏيارڻ توڙي پاڪستان عوام لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي. ان موقعي تي وڌيڪ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته مرحوم حاڪم علي خان زرداري ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند سياستدان هو جنهن هميشه قوم جي خوشحالي لاءِ جاکوڙيو . هن چيو ته مرحوم حاڪم علي خان زرداري هڪ سٺي ساک رکندڙ وڏو سياستدان هو جنهن جمهوري سوچ جا حامي سياستدان پيدا ڪيا جن هميشه قوم جي استحڪام لاءِ جدوجهد ڪئي ، وڏي وزير چيو ته حاڪم علي خان زرداري تمام وڏو سياستدان هو جنهن جو سياست جو دائرو سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ پکڙيل هو ۽ هو سياستدانن لاءِ هڪ نرسري جي حيثيت رکندو هو جنهن جي ڪري اڄ تمام گهڻا سياستدان سنڌ سميت پاڪستان جي ماڻهن جي خدمتن ۾ مصروف عمل آهن . هن چيو ته پ پ پ سميت سمورا جمهوريت جا حامي توڙي ٻين سياسي پارٽين جا ليڊر سندس خدمتن کي صدين تائين ياد رکندا . ان کان اڳ زرداري هائوس نواب شاهه ۾ مٽن مائٽن ، پ پ پ ڪارڪنن ، شاگردن ۽ سول سائٽي پاران مرحوم جي ايثال ثواب لاءِ قرآن خواني جو اهتمام پڻ ڪيو ويو . قرآن خواني کانپوءِ لنگر جو اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن کي في سبيل الله ماني کارائي وئي . ان موقعي تي مرحوم حاڪم علي خان زرداري جون نياڻيون قومي اسيمبلي جي ميمبر محترمه فريال ٽالپر جيڪا پ پ پ ليڊيز ونگ پاڪستان جي چيئرپرسن پڻ آهي ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو پڻ ورسي جي موقعي تي موجود هيون . بعد ۾ مرحوم حاڪم علي خان زرداري جي ايثال ثواب لاءِ اجتمائي دعا ڪئي وئي ۽ ان بعد پ پ پ جي ڪارڪنن ، اڳواڻن ۽ مائٽن مرحوم جي نواب شاهه ويجهو اباڻي قبرستان بالو جي قبا وڃي مرحوم جي قبر تي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي . ورسي جي موقعي تي ٻين کان علاوه گلگت بلتستان جي وڏي وزير سيد مهدي شاهه ، صوبائي وزير لوڪل گورنمينٽ آغا سراج دراني ، صوبائي وزير قانوني اياز سومرو ، صوبائي وزير اقليتي معاملا موهن لعل ڪوهستاني ، پ پ پ شيهد بينظرآباد جي صدر ۽ ايم پي اي غلام قادر چانڊيو ، ايم اين اي غلام مصطفيٰ شاهه ، ايم اين اي فريال ٽالپر جي ڪوآرڊينٽر ضياالحسن لنجار، سيد احمد علي جلباڻي ، ايم پي اي طارق چوڌري ، ڊي سي شهيد بينظير آباد رشيد احم زرداري ، ايس ايس پي نثار احمد چنا کان علاوه ٻين پ پ پ اڳواڻن ،ڪارڪنن ، تر جي معززين کان علاوه مٽن مائٽن جي وڏي انگ ورسي ۾ شرڪت ڪئي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button