اڻڄاتل ھٿياربندن ھٿان ڳوٺاڻو قتل
ٺري ميرواهه (محمد اقبال سومرو) ٺري ميرواهه ڀرسان جي ڳوٺ باغ بچراهه جي رهواسي خيرپور حاضري کان موٽندي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿيار بندن لياقت علي جوڳي کي ڪوٽ ڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن پاران ويگن مان لاهي مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا ، ڳوٺاڻو لياقت علي جوڳي شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪوٽڏيجي پوليس سرڪاري اسپتال ۾ پهچايو جتي زخمن جا سور نه سهندي سرڪاري اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ، اهڙو اطلاع ملڻ تي سندس ڳوٺاڻا ۽ مائٽ وڏي انگ ۾ ڪوٽ ڏيجي جي سرڪاري اسپتال ۾ گڏ ٿي ويا پوسٽ مارٽم بعد لاش وارث پنهنجي ڳوٺ کڻائي آيا لاش پهچڻ تي ڳوٺ ۾ قهرام مچي ويو جڏهن ته ڪوٽ ڏيجي پوليس واقعي جو اڃان تائين ڪو به ڪيس داخل نه آهي ڪيو نه ئي ڪو جوابدار گرفتار ڪيو آهي وارثن پاران ڳوٺ باغ بچراهه وٽ قتل ٿيل لياقت علي جوڳي جو لاش سکر نواب شاهه روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ نعريبازي ڪئي وئي روڊ ڌرڻي بعد ٻنهين طرفن کان سوين گاڏيون گڏ ٿي ويون جڏهن ته قتل ٿيل لياقت علي جوڳي جي وارثن وٽ ڪوبه ٺري ميرواهه جو عملدار ڊي ايس پي نه پهتو وارثن پاران دانهون ڪندي چيو ته ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آهي پر پوليس هيئنر تائين ڪو به قدم نه آهي کنيو نه ئي ڪو جوابدار گرفتار ڪيو آهي