آمريڪا پاڪستان کان معافي وٺڻ جي آڇ ڪري ڇڏي
واشنگٽن; آمريڪا سلاله چيڪ پوسٽ تي حملي تي پاڪستان کان فوجي سطح تي معافي وٺڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان نيٽو سپلاءِ جي بحالي تي آمريڪا کان وڌيڪ ساڍا 36 ڪروڙ ڊالر ساليانو وٺندو، جڏهن ته پاڪستان سلاله چيڪ پوسٽ تي حملي تي آمريڪا کان معافي ۽ ڊرون حملا بند ڪرڻ جي مطالبن تان هٿ کڻي ويو آهي، هڪ آمريڪي اخبار جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته نيٽو سپلاءِ جي بحالي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدي تي اتفاق ٿي ويو آهي، آمريڪا کي ساليانو وڌيڪ 36 ڪروڙ ڊالر ڏيڻا پوندا، جنهن جو جلد باضابطه طور اعلان ڪيو ويندو، آمريڪي قيادت ۾ قائم اتحادي ملڪ پاڪستان کي نيٽو سپلاءِ لاءِ هر ٽرڪ تي 1500 کان 1800 ڊالر ڏيندا، جيڪي روزاني جي بنياد تي 10 لک ڊالر ٿين ٿا، رپورٽ موجب واشنگٽن ۾ عملدارن جو چوڻ آهي ته کين اهو معلوم نه ٿيو آهي ته نئين قيمت ڪيتري ادا ڪرڻي پوندي، آمريڪا افغانستان ۾ موجود هڪ لک 30 هزار اتحادي فوجين کي سامان پهچائڻ لاءِ 2 ڀاڱي هڪ کان وڌيڪ خرچ ڪري رهيو آهي، آمريڪا پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته نيٽو سپلاءِ جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي، ڇو ته نيٽو جي ٽرڪن ۽ ٽينڪرن تي حملا ڪيا ويندا آهن.
رپورٽ موجب نيٽو سپلاءِ جي بحالي تي روزانو 600 ٽرڪون پاڪستان مان افغانستان روانيون ٿينديون. آمريڪي ڪمانڊر چاهين ٿا ته پاڪستان مان نيٽو کي سامان جي فراهمي جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو وڃي، نيٽو سپلاءِ نئين سر لاڳاپا بحال ٿيڻ بعد پاڪستان کي ڪوليشن سپورٽ فنڊ تحت پاڪستان کي 1.3 ارب ڊالر ملندا، پاڪستان ۾ آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته معاهدي ۾ سلاله چيڪ پوسٽ تي حملي تي آمريڪا کان معافي گهرڻ جو ذڪر ٿيل ناهي، آمريڪي اخبار پاڪستاني ناڻي وزارت جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته اقتصادي طور پاڪستان کي مالي مدد جي ضرورت آهي، واشنگٽن پوسٽ موجب نيٽو سپلاءِ جي بحالي مان فائدو کڻندڙن ۾ پاڪ فوج به شامل آهي. 30 سيڪڙو نيٽو آئل ٽينڪرن تي فوج جو ڪنٽرول آهي، قبائلي علائقن ۾ عسڪريت پسند به نيٽو سپلاءِ مان منافعو ڪمائيندا آهن، ٻي صورت ۾ ٽئنڪرن تي حملا ڪيا ويندا آهن، پشاور جي هڪ هاري جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته نيٽو سپلاءِ جي بحالي سان هٿيارن ۽ بارود جو اگهه گهٽجي ويندو، سلاله چيڪ پوسٽ تي حملي کانپوءِ آمريڪي ۽ يورپي پسٽل جي قيمت ٻيڻي ٿي وئي آهي. ٻئي طرف آمريڪا سلاله چيڪ پوسٽ تي حملي تي پاڪستان کان فوجي سطح تي معافي گهرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي، سفارتي ذريعن موجب آمريڪي سفارتخاني ذريعي پاڪستان کي هڪ خط لکي ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪا سلاله چيڪ پوسٽ تي حملي تي پاڪستان کان فوجي سطح تي منافعي وٺڻ لاءِ تيار آهي، آمريڪي فوج جا فور اسٽار جنرل پاڪ فوج جي عملدارن کان معافي گهري سگهندا
مانيٽرنگ ڊيسڪ