گھوٽڪي

نواز شريف اگر اسلام آباد ڏانھن مارچ ڪندو ته پي پي تخت لاھور ڏانھن مارچ ڪندي، قائم علي شاھ جو ڌرڻي کي خطاب

qaim ali shahگهوٽڪي : سنڌ پنجاب بارڊر ڪمون شهيد ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف جمهوريت خلاف اسلام آباد طرف مارچ ڪندو ته سنڌ جا 40 لک باشعور ماڻهو جمهوريت جي حفاظت لاءِ تخت لاهور ڏانهن مارچ ڪندا پوءِ شريف ڀائر ڳوليا به نه لڀندا. هن چيو ته جمهوريت پسندن جي هن ميڙاڪي ۾ 10 لکن کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪري واضع ڪيو آهي ته سنڌ جو عوام جمهوريت سان گڏ آهي . هن چيو ته 1998 ۾ به ڪمون شهيد وٽ سنڌ جي لکين ماڻهن ڌرڻو هڻي ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري ڇڏيو ۽ اڄ وري سنڌ جي باشعور ماڻهن جمهوريت دشمنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته هيءَ عوامي حڪومت آهي ۽ اسان 4 چار سال عوام جي خدمت ڪئي آهي انڪري هيءَ حڪومت 5 سال پورا ڪندي ۽ جمهوريت دشمنن جا خواب پورا نه ٿي سگهندا. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عظيم قرباني سبب هن ملڪ ۾ جمهوريت قائم ٿي ۽ هيءَ حڪومت شهيدن جي خون سان رنگيل آهي ۽ شهيدن جو خون ڪڏهن رائگان ناهي ٿيندو انڪري اسان هن ملڪ ۽ عوام جي خدمت ڪندا رهنداسون جڏهن ته جمهوريت دشمن اهو نه ٿا چاهين ته اسان عوام جي خدمت ڪريون، هن وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ به پيپلز پارٽي کي چونڊيو ويندو ڇو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جمهوريت خاطر ملڪ جي ترقيءَ لاءِ سمورين ڌرين سان مفاهمت تحت هلي رهيا آهن. عوامي جلسي کي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه، صوبائي وزير روينيو ڄام مهتاب حسين ڏهر، اسپيڪر سنڌ اسيمبلي نثار احمد کهڙو ۽ سينيٽر اسلام الدين شيخ پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي وفاقي وزير مير هزار خان بجاراڻي، ايم اين ايز نفيسه شاهه، شگفته جماڻي، ميان عبدالحق عرف ميان مٺو، وفاقي وزير گل محمد جکراڻي، صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق، صوبائي وزير آبپاشي ڄام سيف الله خان ڌاريجو، صوبائي وزير بلديات آغا سراج خان دراني، وزير اطلاعات شازيه مري، ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا، صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو، صوبائي وزير مظفر شجراع، ايم پي ايز شرجيل انعام ميمڻ ۽ اڪرام الله خان ڌاريجو پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button