سنڌ جو ناليوارو اديب منير سولنگي بيمار، ثقافت کاتي سارنه لڌي
پير جو ڳوٺ (رپورٽ: اصغر ملاح ) سنڌ جو ناليواري اديب، شاعر ۽ نقاد منير سولنگي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي ويئي، بيماري جي بستري داخل، ثقافت کاتي سميت ڪوبه لڙي نه پهتو، رپورٽ موجب، سنڌ جي ناليواري اديب ۽ شاعر منير سولنگي جي بدستور بيماري جي بستري تي پيل آهي جڏهن ته گذريل ٻن ڏينهن کان سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي جنهنڪري ڊاڪٽر پاران کيس فوري طور ڪنهن وڏي اسپتال مان علاج جو مشورو ڏنو ويو آهي جڏهن ته هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو گذري وڃڻ باوجود هيل تائين ثقافت کاتي سندس جي ڪابه سار نه لڌي آهي نه ئي چونڊيل نمائندن توڙي ڪامورن هلي اچي سندس حال پڇيو آهي جنهنڪري هو بي يارو مددگار بيماري جي بستري تي پيل آهي ناليواري اديب شاعر ۽ نقاد منير سولنگي ٻڌايو ته کيس شگر، پتي ۾ پٿري ۽ دل جي تڪيلف ۾ ڪيتري عرصي کان مبتلا آهي ۽ هينئر ڪابه سگهه نه رهي آهي جو وڌيڪ علاج ڪرائي سگهان هن چيو ته سڀ ڪجهه وڪڻي علاج تي لڳائي ڇڏيو آهي ان سلسلي ۾ اديبن توڙي شاعرن شڪيل ملڪ، بنگل گهمرو، غلام نبي مهر، عطا قاضي ۽ ٻين ثقافت کاتي توڙي اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ناليواري شاعر منير سولنگي جي وقتائتي سار لهي سندس حياتي بچائي وڃي.