بلاگ

سگريٽ ڇڪڻ ۽ تعليم

ظھور احمد سولنگي
Smokingڪجھ ڏينھن پھريان ڳوٺ ۾ ھڪ ٻارڙن جي پروگرام ۾ شرڪت جو موقعو مليو، پروگرام عيد ميلا النبي صلي الله عليه و آله وسلم جي حوالي سان ھئو، ان پروگرام ۾ ٻارڙن تمام سٺيون تقريرون ڪيون، سوالن جوابن جي پروگرام ۾ حصو ورتو ۽ ڪجھھ ٻارڙن نعتون پڙھيون، نعتون پڙھندڙ ٻارڙن مان ھڪ کي نه پيو سڃاڻان،مون ان جي باري ۾پتو ڪيو ته خبر پئي ته فلاڻي شخص جو پٽ آھي،

جڏھن ته حقيقت ۾ غربت سان ان ٻار جو ڪو تعلق ئي ناھي، ڳوٺن ۾ شھرن جي مقابلي ۾ تمام گھٽ غربت ھوندي آھي.
خبر پئي ته ٻار جو والد سگريٽ جام پيئندو آھي ۽ ھن جي سگريٽ جو خرچ ڪافي آھي، ڏينھن ۾ پاڪيٽ کان مٿي پيئندو آھي، جيڪڏھن ھو سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏئي ته ھڪ سائيڪل ته ڇا ٻه سائيڪلون اچي سگھن ٿيون.

مون ان جي ڪلاس جي باري ۾ پڇيوته ٻڌايو ويو ته ٻار پنج درجا پاس ڪري گھر ۾ ويٺو آھي، پڙھي ڪونه پيو. مون سبب پڇيوته خبرپئي ته ٻارڙي کي ته پڙھڻ اڻ ئي جو ڏاڍو شوق آھي پر ھن جو والد کيس نه پيو پڙھائي. چئي پيو ته غريب آھيان، سائيڪل ڪٿان وٺي ڏيانس جو اٺ ڪلوميٽر پري پڙھڻ وڃي.
ظاھر آھي ته اھا ڳالھھ ٻڌڻ وارو پھريان پريشان ٿي ويندو ۽ ان جي غريبي جو احساس ٿيندو ته ايتري غربت جو سائيڪل نه ٿو وٺي سگھي پر اھو تصوير جو ھڪ رخ آھي.
جڏھن ته حقيقت ۾ غربت سان ان ٻار جو ڪو تعلق ئي ناھي، ڳوٺن ۾ شھرن جي مقابلي ۾ تمام گھٽ غربت ھوندي آھي.
خبر پئي ته ٻار جو والد سگريٽ جام پيئندو آھي ۽ ھن جي سگريٽ جو خرچ ڪافي آھي، ڏينھن ۾ پاڪيٽ کان مٿي پيئندو آھي، جيڪڏھن ھو سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏئي ته ھڪ سائيڪل ته ڇا ٻه سائيڪلون اچي سگھن ٿيون.
ڪاش اسان جا اھڙا ڳوٺاڻا پنھنجي ٻارڙن جي مستقبل سان کيڏڻ ڇڏي ڏيئن.
[social-bio id=4]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button