بدين

بدين شهر ۾ وڌندڙ حد دخلين شهرين جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيوانتظاميا بيوس بڻيل.بدين جي نوجوان وڪيل پاران ڪورٽ ۾ وڃڻ جو چتاءَ.

Encroachment 1بدين(اسلم نهڙيو) بدين شهر ۾ وڌندڙ حد دخلين شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، تقريبن ٻه لک جي برابر آدمشماري رکندڙ هن شهر ۾ انتظاميه نالي ڪا شيءَ نظر نٿي اچي، انهي لاءِ هن شهر جي هر ٻئي ٽئي دڪاندار جو سامان گدامن جي بدران روڊن تي رکيو ڇڏين، جنهن جي ڪري شهرين ۽ خاص ڪري اسڪول ايندڙ ويندڙ ٻارن کي رستي تان گذرندي پريشاني ٿيندي رهي ٿي. اڄ ڪالهه حد دخليون اهڙو مسئلو بڻجي ويو آهي، جو انتظاميه ڄڻ ته لاچار ۽ بيهوش هجي، جنهن ڪري بدين شهر جو نهايت اهم روڊ قائداعظم روڊ مڪمل قبضا مافيا جي ڪنٽرول ۾ آهي، حيدرآباد بس اسٽاپ روڊ تي گاڏن وارا، نسيم سٽي سينٽر کان شهيد بينظيرڀٽو پارڪ تائين موٽر سائيڪل شو روم وارن قبضوڪيو برقرار آهي. جڏهن ته انهي روڊ جي مهاڙئ ۾ ٻنهئ طرفن کان فرنيچر ۽ اليڪٽرانڪس دڪانن وارا پنهنجو سمورو سامان روڊ تي رکي ٻنهي طرفن کان ٽي چار فوٽ روڊ والاري ڇڏين ٿا، جنهن سبب روڊ تي ٽريفڪ سدائين جام رهي ٿي . شهر جون اهم ست کن بينڪون به قائداعظم روڊ تي آهن ۽ گرلز هاءِ اسڪول به انهئ روڊ تي آهي. اسڪول جي موڪل ٽائيم تي حادثا هتي روز جو معمول بڻيل آهن .جڏهن ته واپاري تمام بااثر آهن ، انهي لاءِ تعلقه انتظاميه لاچار بڻيل نظر اچي رهي آهي ڪجهه عرصو پهرين اهو معاملو عدالت تائين به وڃي چڪو آهي. بدين شهر جي انهن اهم روڊن رستن کانسواءِ شاهي بازار بدين جيڪا پنهنجي تاريخي حيثيت رکي ٿي سا به قبضه مافيا جي ور چڙهي وئي آهي. ڪنهن دور ۾ انهئ بازار مان گاڏيون گذرنديون هيون پر هاڻي چار ماڻهو به گڏ گذري نه ٿا سگهنEncroachment .
انهئ شاهي بازار جي دنگ تي موجود بدين جي ايم پي اي ۽ پي پي پي بدين جي صدر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي گهر منڌرا هائوس تي ڪنهن دور ۾ بينظير ڀٽو جي جلوسن جا قافلا ايندا هئا پر هاڻي اتي وڌيل حد دخيلن سبب رڪشا به گذارڻ هڪ اهم مسئلو بنجي ويو آهي. بدين ۾ وڌندڙ حد دخلين جي صورتحال ايتري ته خطرناڪ آهي جو انهن دڪاندارن کي سندن اهڙي غير قانوني روش تي ڪير نظر ثاني ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته هو انهئ جا دشمن ٿي پون ٿا. جڏهن ته انهن حد دخيلين جي ڪري شهر جي خوبصورت ڏينهن ڏينهن ختم ٿي رهي آهي. بدين جي نوجوان وڪيل ڪامران لاکي پاران انهئ معاملي تي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان به ڪيو ويو آهي .
بدين جي سياسي ۽ سماجي ڌرين سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته هو انهئ اهم عوامي مسئلي تي ترت ڌيان ڏئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button