ٺٽو

عيد کان پهريان ۽ عيد جي ٽن ڏينهن دوران ٺٽي جي روڊن ۽ ڳلين کي صاف سٿرو رکيو وڃي: ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال

EDO Revenue presiding a meetingٺٽو: ضلعي انتظاميه ٺٽو پاران ٽائون ميونسپل انتظاميه وغيره کي عيدالاضحٰي جي موقعي تي صفائي، حفاظتي ۽ ٻين انتظامن جي هدايت ڪئي ويئي آهي. ان ڏس ۾ اڄ دربار هال اڪلي ۾ اي ڊي او روينيو ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال ضلعي عملدارن جي اجلاس جي صدارت ڪندي عيد جي موقعي تي صفائي وغيره جي انتظامن بابت جائزو ورتو ۽ ان کي آخري شڪل ڏني. هن ضلعي جي 9 تعلقن جي ٽائون ميونسپل انتظاميه کي هدايت ڪئي ته عيد کان پهريان ۽ عيد جي ٽن ڏينهن دوران روڊن ۽ ڳلين کي صاف سٿرو رکيو وڃي ۽ پاڻي جي نيڪال واري نظام کي بهتر رکيو وڃي جنهن سان گڏو گڏ قرباني جي جانورن جو گند ڪچرو فوري طور تي هٽائڻ جا خاص انتظام ڪيا وڃن. هن چيو ته عيد نماز وقت عيد گاهن تي حفاظتي انتظامن جي خاص هدايت ڪئي ۽ سرڪاري ادارن جي لازمي عملي جون موڪلون رد ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون. اجلاس ۾ اي ڊي اوز شفيق الرحمان، جاويد صبغت الله مهر، شبير احمد جوکيو، ڊاڪٽر ظهور احمد ميمڻ، ضلعي جي ڊي ڊي اوز، مختيارڪار ۽ ٻيا موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button