ٺري ميرواھ

پ پ جي حڪومت ھوندي به پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ڳوٺاڻڻ جو پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

Villagers Protest Tharimirwahبوزدار وڏا (رپوٽر جمشيد خان بلوچ ): ٺري ميرواهه پريس ڪلب اڳيان ڳوٺاڻن جو احتجاجي ڌرڻو مظاهرو ڳوٺ ظفر علي شر جي ڳوٺاڻن ۽ جهونن پ پ ڪارڪنن بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف احتجاج ڪيو . ٺري ميرواهه لڳ يونين ڪائونسل صبڙ رند جي ڳوٺ ظفر علي شر جي ڳوٺاڻن ۽ جهونن پ پ ڪارڪن، معصوم ٻارڙن بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف مظاهرا ڪيا. پ پ قيادت پاران نظر انداز ڪرڻ بنيادي سهوليون روڊ، اسڪول، ڊسپنسري وغيره نه هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،ان موقعي تي ڳوٺ جي نيڪ مردن غلام قادر شر، جمشيد احمد شر، سليم رضا شر ، ممتاز علي شر، سڪندر علي شر ۽ غلام علي شر ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته اسان هر آمريت ۽ جمهوريت جي دئورن ۾ پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيو ۽ جيل ڀوڳيا مخالفن جو سختيون برداش ڪيو، هن وقت پنهنجي پارٽي جي حڪومت هوندي به ڪارڪنن ۽ ڳوٺ کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو پيو وڃي ۽ اڄ ڪلهه جي ترقي آفتا دئور ۾ 2 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تان اسان کي روڊ نه ٿو ڏنو وڃي ڪيترائي دفعا ٽرينڊر به منظور ٿيا ۽ ماپون به ٿيو، پر تر جا بااثر ماڻهون اسڪيمون کڻائي پنهنجي من پسند ماڻهن کي روڊ ٺهرائي ڏنا اسان جي ڳوٺ ۾ قائم مسجد پرائمري اسڪول جيڪو گذريل چئين سالن کان بند آهي اتي ڪو به ماستر نه ٿو مقرر ڪيو وڃي ڪيترائي دفعا تعليم کاتي جي ڪامورن وٽ دانهيو آهي پر اڄ تائين ڪو به کڙتيل نه نڪتو آهي اسان جي ڳوٺ کي ڪا به بنيادي سهولت نه آهي وڌيڪ هنن چيو ته هاڻي دانهي دانهي پنهنجي زندگي مان به تنگ ٿئي چڪا آهيون، جيڪڏهن اسان سان انصاف نه ڪيو ويو ته اسان وزير اعليٰ سنڌ هائوس اڳيان پاڻ ساڙينداسين. وري به نمائي گذارش ڪندي پنهنجي حد جي ايم.پي.اي محترم پيار علي شاهه ۽ وزير اعليٰ سنڌ ۽ روڊس جي وزيرن کي اپيل ٿا ڪيو پنهنجن ڪارڪنن جي سارلهڻ لڌي وڃي ۽ پارٽي کي ٽٽڻ کان بچايو وڃي..

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button