نواب شاھ

تعلقي دوڙ ۾ پاڪستان ڪارڊ جي حصول ۽ ان کي ڪيش ڪرائڻ شهرين لاءِ آزار بڻجي ويو

watan cardدوڙ: پاڪستان ڪارڊ جي حصول ۽ ڪيش ڪرائڻ ۾ شهرين کي ڏکيائيون بينڪ عملي هٿان شهري پريشان، دوڙ شهر ۾ ڪارڊ ڪيش ڪرڻ جي سهولت بند تفصيل موجب ضلعي شهيد بينظيرآباد جي تعلقي دوڙ ۾ پاڪستان ڪارڊ جي حصول ۽ وري ان کي ڪيش ڪرائڻ شهرين لاءِ آزار بڻجي ويو آهي، پاڪستان ڪارڊ سينٽر تي جيالن ۽ مقامي پوليس اهلڪارن جي ملي ڀڳت سان ايجنٽ مافيا سرگرم آهي، شهري توڙي ڳوٺاڻا سڄو ڏينهن قطارن ۾ بيٺا رهن ٿا، جڏهن تي ٻئي پاسي رشوت ڏيندڙن کي بينڪ عملي جي ملي ڀڳت سان جلدي ڪارڊ ٺهي ملي وڃي ٿو، اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته بينڪ طرفان ڏهاڙي تي رکيل مقامي نوجوان رات جو ايجنٽن کان شناختي ڪارڊ ۽ سلپون حاصل ڪري ۽ ڏينهن جو اي ٽي ايم ڪارڊ جاري ڪرائي ايجنٽن حوالي ڪندا آهن ۽ في ڪارڊ تي ٽي سو روپين کان پنج سو روپين تائين وصول ڪن ٿا، جڏهن ته ايجنٽ ۽ پوليس اهلڪار ماڻهن کان هزار کان پندرنهن سو تائين وصول ڪري رهيا آهن، شهرين ٻڌايو ته ايجنٽ روزانو سينٽر تي مقرر نادرا ۽ بينڪ عملي کي هزارين روپين جي چانهين، بوتلن ۽ کاڌي جو خرچ به ڪندي نظر ايندا آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي قطار ۾ بيٺل ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي جي سهولت به موجود نه آهي.
شهرين الزام هڻندي چيو ته بينڪ طرفان قائم ڪيل ڪائونٽر تي غير متعلقه ماڻهو به ويٺل نظر ايندا آهن، جڏهن بينڪ عملي طرفان شهرين کي هڪ الڳ سلپ به ڏني پئي وڃي ته ڪارڊ ڪيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ نادرا کان فنگر پرنٽس جي تصديق ڪرائي وڃي، جنهن ڪري شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهن ۽ ڪارڊ ڪيش نه ٿيڻ ڪري وري نادرا آفيس جي چڪرن تي مجبور آهن جتي وري شهرين کي هڪ هزار روپين جو ٽوڪن حاصل ڪري نئون شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جو چيو پيو وڃي، درجنين شهرين ٻڌايو ته پندرنهن ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اڃان تائين انهن جا شناختي ڪارڊ انهن کي نه ملي سگهيا آهن، معلوم ٿيو آهي ته نادرا جو عملو نئون شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ وارن شهرين جو رڪارڊ هيڊ آفيس موڪلڻ ۾ هرو ڀرو تاخيري هربا استعمال ڪري رهيو آهي. شهرين جو رڪارڊ هڪ هفتو گذري وڃڻ باوجود اڃان تائين هيڊ آفيس نه موڪليو ويو آهي، اهو به معلوم ٿيو آهي ته اسي سيڪڙو ماڻهن کي هڪ هزار روپين جو ٽوڪن ڏنو پيو وڃي جڏهن ته ويهه سيڪڙو ماڻهن کي وري ٻه سو ۽ ٽي سو روپين جا ٽوڪن ڏنا پيا وڃن.
مقامي بينڪ طرفان به پاڪستان ڪارڊ ڪيش ڪرڻ جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري شهري پاڪستان ڪارڊ ڪيش ڪرائڻ لاءِ ڪرايا ڀاڙا ڀري نوابشاهه يا ٻين شهرن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن. شهرين ان سلسلي ۾ حڪومت کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button