خيرپور

راندين جي صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول ۾ تعمير ٿيندڙ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو

khairpurخيرپور: راندين جي صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول اندر 5 ڪروڙ 9 لک روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رانديون صحت مند معاشري جي لاءِ ضروري آهن ۽ راندين جا ميدان آباد هوندا ته اسپتالن ۽ جيل ويران هوندا. هن چيو ته نوجوانن کي راندين جي صحت مند سرگرمين ۾ مشغول رکڻ لاءِ موجوده حڪومت صوبي اندر مختلف ضلعن اندر راندين جا گرائونڊ ۽ اسٽيڊيم جوڙائي رهي آهن جنهن سان راندين جي سرگرمين کي هٿي ملندي. هن هڪ سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽرن کي پنهنجي ڪيل گناهه جي سزا ضرور ملڻ گهرجي پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) کي پنهنجو اهڙو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها جنهن سان سٽيباز ڪريڪٽ رانديگرن پنهنجي ملڪ اندر سزا ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ تي جوا هر ملڪ ۾ ٿئي ٿي پر پاڪستان جي رانديگرن کي پاڪستاني هجڻ جي ڪري سزا ملي آهي. ان موقعي تي صوبائي صلاحڪار حليم عادل شيخ ناز هاءِ اسڪول ۾ تعمير ٿيندڙ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم سان لاڳاپيل انجنيئرن ۽ ٻين عملدارن کي پروجيڪٽ جو تفصيلي سائن بورڊ جنهن ۾ پروجيڪٽ جو مڪمل نالو، لاڳت، ڪم جي شروعات ۽ مڪمل ٿيڻ جون تاريخون شامل هجڻ ضروري آهي. هن لاڳاپيل عملدارن کي اسٽيڊيم جي گرائونڊ تي ڇٻر پوکي سائو (گرين) ڪرڻ جون پڻ هدايتون جاري ڪيون ته جئين پروجيڪٽ جي ڪم هلڻ دوران پڻ گرائونڊ تي مختلف رانديون ٿي سگهن. ان موقعي تي صوبائي صلاحاڪار سان ڊسٽرڪٽ آفيسر اسپورٽس خيرپور ۽ سکر مير محمد ڪلهوڙو پڻ گڏ هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button