آبُ آبُ ڪَندي مُئين

نجم حسن سيد
ترجمو سيد محبوب علي لڪياري لاھور
ٻوليءَ باري ۾ ٻه پُراڻِيون ڳالهيون نَيون ڪَريون.
پهرين:مُغلن ويلي گُجرات لَڳ ڪنجاھ ۾ ڪي وڏا عالِم هُئا مولوي غَنيمت. فارسي شاعر ھُئا فارسي ڪِتاب لِکِيائون. نانءُ ڪَمايائون. فارسي بَحَر ايڏو کُلي وَيُن جو عام ڳالھ به فارسيءَ ۾ ڪَرڻ لڳا. مَجال آ جو ڪَڏهن ڀُلجي به ڪو ديسي ٻول واتَئون ڪڍي ويهَن. ماڻهن سوُ وَس ڪَيا پر مولوي جَن نَه ٿِڙِڪيا. هِڪ ڏينهن ڇا ٿيو مولوي سڳورن پنهنجي مُنهِن ويٺي فارسي شعر پَڙهيا ته هِڪ ڏينڀوُ گوڏ ۾ وَڃي گھِڙِيَن. ڏينڀوءَ ڏَنگيو ته مولوي جَن اوٽارجي وَيا گوڏ تي ڌَڪُ هڻي دانهن ڪَيائون “اڙي تُنهنجيءَ ماءُ کي” (جيڪي بُزرگ گارگَند کان پاسو ڪَندا هِن اُهي چَوَن ٿا مولوي سڳورن “هَئي ڙي اَمان” چَيو هُو) مولوي جَن جو بِه چَيو اُهو فارسي نَه هُئو.سو شاگرد ڀَڄندا وَيا ۽ ڳوٺ وارن کي وَڃي ٻُڌايائون. چَيء مولويءَ جَن نيٺ ڳالهايو آ اَڄُ۔
ٻِي: مُغلن ويلي هڪ ڳوٺاڻو ڳَڀرو شاهي لشڪر ۾ ڀرتي ٿيو.هِڪ ويڙھ ۾ ڦَٽجي پيو. اُڃ کان مَرڻهارڪو ٿي پَيو.پنهنجو ڳوٺ ويجهو هُئس. گھوڙو ڀَڄائيندو اُتي پُڳو ۽ فارسيءَ ۾ اَچي پاڻي گھُريائين. چَئي آب! آب!! ماڻهن گَھڻئي ڌُڪا هَنيا. وري وري پُڇيو اَٿن پُٽَ ڇا گھُرجَئي. هُو رُڳو آب آب ڪندو وَيو ۽ پُورو ٿي وَيو. پويَئون ڪنهن مولوي غَنيمت ڳوٺاڻن کي ڏسيو اَڙي آبُ پاڻيءَ کي چَوندا هِن. جي توهان فارسي پَڙهيَل هُجو هان ته اَڄ توهان جو لَشڪري پُٽ اُڃيو نه مَري ها. هاڻي هڪ ته پُٽ وِڃايَوَ ٻيو تيار ٿي وَڃو بادشاھ پُڇا ڪَرِڻي آهي تَه منهنجي لشڪريءَ کي پاڻي ڇو نَه ڏِنَوَ. ڳالھ اِئين به پُوري ٿي سگھندي هُئي ته ڳوٺاڻن جَهٽِ مولوي غَنيمت کان فارسي سِکي وَرتي. بادشاھ به کين کڻي معاف ڪَيو ۽ اَڳيئون ڳوٺ جو ڪوئي لَشڪري پُٽُ اُڃِيو به نَه مُئو. پر ڳالھ پُوري اِيئن ٿي تَه لَشڪريءَ جي ماءُ کي جَڏَهن آب جي مَطلَب جو پَتو پيو ته هُن پِٽيو. چَئي
جي مان ڄاڻان مَڱِين پاڻي ڀَري تان پِيالا پِيارِيا
آب آب ڪَندي مُئين ٻَچِڙا فارسِيُن گَھرَ ڳارِيا
ڳالهيون چَوِڻيون چَتَر هونديون هِن. سَدا اَڌُوريون. پنهنجي اَندرَئون نِتُ پَيون پورَ ڏيکاريندِيون هِن. ۽ پورَ هُوندا هِن پُڇائون. پهرين ڳالھ پُڇي ٿي: جي مولوي غَنيمت جَن ديسي ٻولُ بِه واتَئون نَه ڪَڍندا هئا تَه هو ڪَميُن کان ڪم ڪيئن وٺندا هُئا. گھرواريءَ سان ڳالھ ڪيئن ڪندا هئا. اوڙي پاڙي ۾ اُٿي ويٺي ڪيئن رَکَندا هئا. ٻي ڳالھ پُڇي ٿي: جي سپاهي پُٽ اُڃَ کان پئي مُئو ته هو پاڻ ڪنهن کوھ واھ تي ڇونه وڃي ڪِريو. ڳوٺاڻن ۾ بيٺو آب آب ڇو ڪندو رهيو. وَرَنديون ڪيئي ٿي سَگھن ٿيون. جيئن هيءَ: گھرواريءَ کي ته مولوي جن اِشاري سان ئي سَمجهائي وٺندا هئا. باقي ماڻهن سان هُو ڳالھ ڪندا هئا شاگِردن راهين. شاگِرد سَمجهو پَڙهي لِکي مولوي جن جا وِچُوئا ٿي ويا هئا. جيئن پاڻ مولوي سڳورا پڙهي لِکي مُغلن جا وِچُوئا ٿِيا هئا. ٻي ڳالِھ جي وَرَندي به هِڪ هيءَ ٿي سگھي ٿي ته سپاهي ڇوڪري جي ڳوٺ ۾ کُوھُ واھُ ته هُئو ئي ڪونَه. ڪَئِني ڪوهَن تان مايُون جِهرِڻي جو پاڻي ڀَري آڻِينديون هُيون. جي ڳوٺَ ۾ کُوھَ هُجَن ها يا ويجهو واھَ درياھَ لَنگَھن ها ته ڳوٺ جا ڇوڪرا لَشڪَرن ۾ ڀَرتي ڇاکَئون ٿِيَن ها. پر پهرين ڳالھ جو هِڪ جَوابُ اِهو به آهي ته مولوي غَنيمت جن ڪُنجاھ جي عامِيُن لوڪَن سان رَلَڻ مِلَڻ نه هئا چاهيندا. اُنهن کان پَرانهان ٿِيَڻ چاهيندا هئا. تاريخ وارا ڏَسِن ٿا ته غَنيمت جي پيءُ جي ڪنجاهه ۾ فَتويٰ هَلندي هئي. ۽ غَنيمت سڳورا پاڻ لاهور جي مُغل گورنر مُڪرم خان جي ڀَرِ ۾ ويهَڻ وارَن مَنجَهئون هئا. فارسي انهن ڏينهَنِ ۾ لوڪَ کان اُوچو نِيارو هُئَڻ جو نِشان هُئي. مولوي جَن جُڙَڻ چاهيندا هُئا مُغل حاڪِم سان ۽ فارسي تَڏهن مُغل حاڪِم سان جُڙَت جو اُهُڃاڻ هُئي. سو هِڪ هِڪ فارسي فقري ۾ مولوي جَن کي ٻيڻو نَشو چَڙهندو هُئو. لوڪ کان پَرانهَپ جو ۽ حاڪم جي ويجِهڙائِپ جو. سپاهي نينگر به اِنهيءَ ٻِٽي نشي جو هيراڪ هو. پاڻي ته کيس گُھربو ئي نه هو. هُو ته آيو هُئو پنهنجي جهوڪَ جي عامي لوڪ کي ڏَسِڻ ته ڏِسو مان توهان نِماڻن کان ڪيڏو ڏُورانهون هان ۽ پوشاڪُن وارن سائيُن کي ڪيڏو اوڏِڙو. اِها آهي منهنجي نَئين ڪَمايل هَستي. مون لاءَ پاڻي آب ٿي وَيو آ. مان اُن کي وَري پاڻي چَئي پنهنجي نَئين ڪَمايل هَستي ڪِيئن وِڃائي ڇَڏيان. (آب فارسيءَ ۾ عزت کي بِه چَوندا آهِن).
آکاڻيون چَوِڻيون جُڙنديون روزَ جي وَهي واپريءَ مَنجَهئون ئي هِن پَر جُڙنديون تَڏهن هِن جَڏهن روز واپريءَ ۾ ڪو سَنهو ٿُلهو واڌو گھاٽو ٿي وَڃي. پهرين ڳالهه جُڙي آ واڌي سان. ڏينڀوءَ جو واڌو. تُرڪن مُغلن ويلي شهرن ڳوٺن منجهه ننڍا وَڏا مولوي غنيمت عام هُئا. دَرس پڙهائيندا هُئا ۽ بادشاهه جي نالي جو خُطبو پڙهندا هُئا. نَنڍن کي وَظيفا مِلڻا. وڏن وَٽ جاگيرون به جُڙي پَوڻيُون. ماڻهن سَندن اُتَمپِڻي تي چِڙڻو به گَھٻرائِڻون به. گَڏ خدمت چاڪري به چڱي ڪَرڻي جي هَلو مَٿِيَنِ سان ڳالهه ڪَرڻ جوڳو اُنهن جِي سَمجهڻ جوڳو وَسيلو ته ساڻ آهي. اِهو ته روز ئي ٿيندو هوندو ته مولوي جن آيا هِن. دَرس پڙهايو اَٿن. شاگردن سان فارسي ڳالهائي اَٿَن. ڪو پاڻ جهڙو آيو آ ته اُن سان فارسي شعر جي ڏي وَٺ ڪَئي ٿَن. ڪنهن هيڻي نِماڻي ڪا ڪم جي ڳالهه پنهنجي ٻوليءَ ۾ چَئي به ڇڏي آ ته وَرَندي فارسيءَ ۾ ئي آئي آ. پر اَڄ اِن روز وَرتڻيءَ ۾ ڏينڀوءَ جو واڌو ٿي پَيو آ. ڏينڀوءَ مولوي سَڳورن کان فارسي ڇَڏرائي آ ته ڳالهه جُڙي پَئي آ.
الائي اِها ماڻهن جي چِڙ ئي آ جيڪا ڏينڀو بَڻجي مولوي سڳورن جي گوڏ ۾ وَڃي گِهڙي آ. پَر نَه چِڙ ڪاوَڙ جا ڏينڀو ايڏا سياڻا سُڄاڻ ناهِن هوندا. هي ڏينڀو لوڪ سُرت جو سيکاريل ٿو ڄاپي.
ٻي ڳالهه بَڻي آ گھاٽي سان. وِچُوئي جو گھاٽو.
اِهو ته روز ئي ٿيندو هوندو ته لشڪري فارسيءَ ۾ دَڙڪو دَهمان ڪَندا ڳوٺ ۾ اَچي گِھڙيا آهن. ڊُنَل ڳوٺاڻا وائڙا لڳا بيٺا هن. ڪو مولوي غنيمت جَهٽ اڳتي اَچي کين ڏَسي ٿو ته هي بادشاهي لشڪري هِن فلاڻي فلاڻي شي پَيا گُھرن تُرت حاضر ڪَريو. پر اَڄُ هوڏانهن سِپاهي پُٽ آب آب ڪندو ڳوٺ ۾ گھڙيو آ. هيڏانهن ماڻهن فارسي سمجهائڻ وارو وِچُوئو وِچئون کڻي ڇڏيوآ. اَلائجي هُنن پنهنجي مولوي غنيمت جي گوڏ ۾ ڏينڀو وِجهي ڇڏيو آ. سپاهيءَ جي ڳالهه جو ترجمو ٿي نه سگھيو ته هو اُڃيو ئي مَري وَيو. لوڪ سُرت روز وَرتڻي ۾ واڌو گھاٽو ڪَري اُن جي کيڏ بَڻائي ڇڏيندي آهي. اِها کيڏ لوڪ ڪَلا آ. لوڪ سُرت اِن کيڏ کي ڄَڻيندي به آهي ته اِن جي ڄائي به آهي. انهيءَ راهين نِسرندي مُوربي آهي. اِنهيءَ راهين پنهنجي پاڻ کي سُڃاڻيندي پَروڙيندي آ. مُنڍ قديم کان حاڪمن حاڪمي ڪرڻ لاءِ لوڪ کان نِويڪلو نِيارو ٿِيَڻ ضروري سَمجهو. حاڪم لوڪَ کي ڏَسِيندا هُئا ته اَسين ٻِي جُوڻ آهيون توهان ٻي جُوڻ، توهان مِٽي مان بَڻيل آهيو اَسان چنڊ سج جي اولاد آهيون. رَب جا پاڇا آهيون. اَسان کي حق آهي توهان جي ڪَمائي کَسي وَٺُون. اَڃا توهان جو فَرض آ ته جو ڪُجهه اُپايو بَڻايو اُن مان پنهنجي تَڳَڻ جوڳو ٿورِڙو رَکي پاڇِي اَسان وَٽ جَمع ڪَرايو. اِهو قدرت جو وَرتارو آ. لوڪ جي ڪَمائي پهرين تَه ڏاڍائي ڪري کَسي وَئي. پويَئون اِن ڏاڍ کي ڍِڍَئون مَڃائڻ لاءَ قدرت جو وَرتارو چَئي لاڳو ڪيو وَيو. حاڪمن پنهنجو رَهڻ وَرتڻ ويس مُهانڊو سَڀ خاص ڪَري لوڪ کان ڌار رَکيو. اِها ڌاريائِپ شان بَڻي. دَٻدَٻو. قدرت جي ڏات. جيترو عام مخلوق کان حاڪم پَري ٿيو اوترو ان جو شان وَڌيو. جَڏهن لوڪَن اِن ڌاريائِپ اِن شان کي وَڏائِي مَڃي وَرتو ڳُڻ سَمجهيو ته هُو اُن اڳيان جُهڪَڻ کي اِن کي پوڄِڻ کي به ڳُڻُ ۽ وَڏائي سَمجَهڻ لڳا. کَٽِي ڪَمائي ته اَڳي ئي شان وارن کي ڏَئي ويٺا هُئا هاڻي دِين ايمان به هُنَن جي نانءِ ڪرڻ تي راضي ٿي وَيا. هوريان هوريان وِساري ويٺا ته اِهو شان، اَسان جي ۽ حاڪم جي رَهڻيءَ ۾ اِهو وِيڇو، اَسان جي محنت صَدقي ئي آهي. هُو شان کي حاڪم جو ڄَماندرو حُسُن مَڃڻ لڳا. اِنهيءَ کي ماڻِهپي جي چوٽِي سَمجَهڻ لڳا. هُنَن دِليُن ۾ اِن حُسُن جي تانگھه دُکائي ۽ ان جي وِڇوڙي جو ڏُکُ پاليو. حاڪم شان جي نالي تي پنهنجو ڏاڍُ مَڃرايو ۽ پُوڄرايو.
پنهنجي گھُرج کان وَڌيڪ اَناج ۽ وَٿَ وَست اُپائڻ لاءِ خَلقت کي ڪَم تي لائڻ پوءِ خَلقت جي اِن پورهئي جي واڌُو ڪَمائي کي پُوري دَعوىٰ سان کَسي کَڻَڻ ۽ پنهنجي سُکَ لاءِ وَرتَڻ هيڪڙائيءَ هوندي نَٿو ٿي سگھي. جي شِڪاريءَ جي شِڪار سان ڀائِپي هُجي تَه هُو شِڪار ڪيئن ماري. مارڻ واري کي پنهنجي شِڪار کي دِلَئون دُور ڪَرڻو پوندو آ. وارُ ڪرڻ کان پهرين دِل مان ماڻِهپي واري نَرمي ۽ نَهٺائي ڪَڍڻي پَوَندي آ. حاڪمن مالڪن لاءِ ضروري آ ته هو ڪَميُن پورهيتَن کي پاڻ جهڙو ماڻهو نَه سَمجهن. جيتري دُوري هوندي اوترو ڪَمُ ڪَڍڻ سولو ٿيندو. اِنهيءَ دُوريءَ جو نانءُ شان آ. يا چئجي شان پَهَرَڻُ آ اِن دُوريءَ جو. ڇو جو اِها اُگھاڙي نَٿي بيهي سَگھي. ڪڏهن ڏُکيي ويلي اِن کي ڀائِپي ۽ هيڪڙائيءَ جو ويس به پَهرائڻو پَئجي ويندو آهي.پر شان اِن جو قدرتي ويس آهي.اِهو ويس دُوريءَ کي دُوري ئي بَڻائي ڏيکاريندو آ. شان جي ويس ۾ سينگاريل دُوري حاڪمن جو هَٿيار نَٿي ڄاپي دَٻَيلَن جي گُھرج گَتِي بَڻجيو پَوي سندن رِيس. حاڪِم مالِڪ ڪَمِي ڪَسبيءَ کي چَوندو آهي ڏِس مان ڪيڏو اُچِرَج جهڙو ڪيڏو نَويڪلو اُچيرو هان ڪو جوڙ آهي مُنهنجي حُسُن ڳُڻ ۽ وَڏائيءَ جو. مون کي پُوڄ. پوڄڻ دُوريءَ کي ماڻِڻ آ. دُوري ماڻي تون منهنجي ويجهو ٿي سَگھين ٿو. منهنجي صِفتُن جي تَجَلي پَسي سگھين ٿو. تنهنجي منهنجي نِيارپ ئي اَسان ٻنهي جي هُوندَ آهي. مان پُوڄِڻ جوڳو هان ۽ تون پُوڄِڻ وارو. اِهو اَسان جو قُدرتي سانگُ آ. اِها ئي رَب جي رَضا آ. قُدرت جو وَهنوار آ.
حاڪِم جو اُٿَڻ ويهَڻ کائِڻ کيڏَڻ وِندُر وِرُونهن سَڀ شان جو ڏيکاءُ آ. هُن جا ڪَپڙا اُس پاري کان بَچاءَ لاءَ ناهِن سَندس دَرجي جو نِشان هِن. هُن جي ٻولِي ٻولِي ناهي هُن جا لَفظ لَفظ ناهن هوڪو هِن هُن جي رُتبي جو. اُهي خَلقت کان سَندن دُوري ڪَڇي ڏيکارِن ٿا. انهن لفظن ۾ معنىٰ ڪانهي. اِهي لفظ اُهي مَنتر هِن جيڪي حاڪِم کي حاڪِميءَ ۽ دَٻِيَل کي دَٻِيَل هُجَڻ جي پَڪَ ڪَرائين ٿا. اِنهَن راهين حاڪِم پَنهنجي پُوڄا جوڳ هُجَڻ کي ۽ دَٻِيَل پنهنجي پُوڄاري هُجَڻ کي مَڃي ماڻي ٿو.
تُرڪَن مُغلن کان پهرين هِتي جي حاڪِمن کي لوڪ ٻوليءَ کان ڌارَ رَهَڻ لاءِ سِيڙجي هِڪ درٻاري ٻولي گَھڙائِڻي پَئي هُئي. تُرڪَن مُغلَن کي اِها سِيڙَپ نَه ڪَرڻي پَئي هُو جِتان آيا هُئا اُتي فارسي بادشاهي ٻولي هُئي. هُنَن هِتي اُها هَلائي ڇَڏي. فارسي هَلي ته سَوين وَرهيه لوڪ ٻوليءَ کان لوڪ رَهڻيءَ کان ڌار ٿيڻ جو مَنتر بَڻيل رَهي.
بادشاهي وَرتاري سان لاڳاپو فارسي پَڙهي ڳالهائي ئي پَڌرو ٿِيڻو. سو لَشڪريُن لاٺِڙيَن لاڳيُن ٽَلُ لائي فارسيءَ کي مُنهن هَڻڻو. فارسي لفظ پُوڄِڻ جوڳا ٿي وَيا. فارسي لِکِڻيون سُونهَن سوڀيا جون کاڻِيون بَڻجي وَيون. جنهن چاهِڻو اِنهَن کاڻِيُن ۾ هَٿ وِجِهڻو ۽ اَميرُ ٿي وَڃڻو. گھوڙا جوڙا مَحل ماڙيون ته مَهانگيون هُيون فارسي نُورُ سَستو هُئو. جنهن کي ديسي رَهِڻي ڪَهِڻيءَ جي مِٽِي ڀانءِ نَه پَوِڻِي اُنَ جَهٽِ فارسي نُور ۾ وِهِنجي نُوري ٿي وَڃِڻو . عالِمن جي عالِمائي ۽ شاعِرن جي شاعِري لوڪ ٻوليءَ کان دُوريءَ جي گَزَ سان ماپِجڻ لڳي. جيڏي ڪنهن عالِم شاعِر جي لِکِڻي خَلقت جي پهچ کان پَرانهين هُجِڻي اوتري اُن جي آڌَرَ ٿِيَڻي. جيڏو ڪنهن لوڪ ٻوليءَ کي نِندِڻو رَدِڻو اوڏو ئي اُنَ سُگَھڙ مَلُوڪ ۽ سِياڻو سَڏرائِڻو. اِنهيءَ ڪري خَلقَت ۾ بِه پَنهنجي پاڻَ کي نِندڻ رَدِڻ جو پَنهنجي پاڻ کي ڪَچو ڪوجهو سَمجَهڻ جو رَواج پَيو. ماڻهو پاڻ پَنهنجي اَندر حاڪم جو وِچُوئو بَڻجي ويهڻ لڳو. پنهنجي پاڻ کي شاهِي جُتيءَ هيٺ رَکڻ لڳو. پاڻ پنهنجي اَندر ۾ غيرُ بڻجي ويٺو. پنهنجي هُجَڻ کان پاڻ اِنڪاري ٿي وَيو. هُو اَڻ ڏِٺَل پَرديسَن کي دِلَئون ديسُ مَڃِڻ لڳو ۽ ديسَ واسو هُن کي ميهڻو ٿي وَيو. اِهو آپُ وِڇوڙو آپُ ويرُ تان ئي پُورو ٿي سگھيو پَئي جي پنهنجي اَصُل جو ٻِج ئي چِٿي ڇَڏيو وَڃي. پنهنجي ڀَرپاسي پنهنجي پوئِياڙيءَ مان سَهيڙيل هَر رَنگ لاهي حاڪم جي رَهِڻيءَ جو رَنگُ چاڙِهيو وَڃي. اِهو ٿي ويندو هُئو پَر اَڌوگابِرو. پُورو نه هُئو ٿيندو. ڪنهن مَهَل ڪو ڏينڀو گوڏ ۾ گِھڙي وَڃڻو ته ٺَهيَل ٺُڪيَل ٺاھُ ڦِٽِي وَڃِڻو.
سو لوڪ وِڇوڙي ۽ لوڪ ويرَ جَڏهن ماڻهوءَ جي اَندر گَھر ڪَيو ته اِهو آپُ وِڇوڙو ۽ آپُ وير بَڻيو. حاڪِمن جي ٻولي سِکِي واپِرائي لوڪ ٻوليءَ کي تِياڳي ماڻهوءَ آپُ وِڇوڙو پاليو. پنهنجي پوئِياڙيءَ پنهنجي ڀَرپاسي سان هيڪڙائيءَ جو ٻِجُ پنهنجي اَندَر چِيڀاٽِيو. پنهنجي ماڻِهپي جو وِتُ سُڪايو. پنهنجي سَتَ کي نِسِرڻ کان روڪي هُن آپُ گھاتَ جو ساءُ وَرتو. پر اِهو ساءُ به ڪَسارو هو. اِن سان ماڻهو اَندرَئون سَدا اُڃِيو اُڪَنڊِيو رَهڻو. پر اِن اُڃَ جو نَشو اهڙو هُئو جو ماڻهو اُڃيو مَري وَڃِڻو پر پاڻيءَ کي آب چَوَڻ کان نَه مُڙِڻو.
ماڻهوءَ جو آپو آهي ڇا؟ وَڻ جو آپو مِٽي پاڻي واءَ ۽ اُس جي جُڙَت آهي. ايئن به ناهي ته هِڪ ڀيري ئي اِهو سَڱُ جُڙيو ۽ وَڻ بَڻجي وَيو. پَل پَل اِهو سَڱ نَئين سِر جُڙندو آ. تان وَڻَ جي هَستي رَهندي آ. ماڻهوءَ جو آپو به هُن جي اوسي پاسي وَسَندڙن جي گَڏيَل هَڏِ وَرتيءَ جو هِڪ رَنگُ آ. ماڻهو نانءُ آ اَڻَ ڳَڻَت سُٻَنڌَن جو هِڪ اُڻتِ ۾ اُڻِجَڻ جو. اِها اُڻَت ڏينهن رات پَئي ٿِي اُڻِجي. هَر پَل هَر ساھ. ڪو هِڪ ماڻهو اِن اُڻاوَت جو ڪاٿو نَٿو ڪَري سَگھي. ڇو جو اُن اَندر ڌَرتي آڪاس جي ڄَمَڻ کان بِه اَڳُوڻِي آدجُڳاد کان هاڻي تائين جي پُوري وارَ بِه پَئي ٿي اُڄجي تَه اَچَڻ وارن جُڳَن جا نَقشا بِه پيا ٿا اُڻجَن.
اِن ڪَري سِياڻن چَيو آ ته جَنهن پَنهنجي آپي پَنهنجي پاڻَ کي ڄاتو اُن رَب کي سُڃاتو. ڪو ڄاڻي نَٿو سَگھي پَر ڄاڻِڻَ جو جَتَن اُپاءُ ئي جِيئَڻ آ. اَندر وَسندَڙ سُٻَنڌَن کي چِتِ چيتي ۾ جاڳائِڻُ ۽ رَهِڻي ڪَرِڻيءَ ۾ نِڀائِڻُ ئي جِياپو آ. رُڳو ڄاڻِڻُ ئي نَه ماڻِڻُ. ڄاڻي ڪو سَگھي ٿو يا نه ماڻي هَر ڪوئي سَگھي ٿو. اِهو ماڻِڻُ پِريت آ، جَڳ جو مُورُ آ.
ماڻهوءَ جي اَندر وَسَندڙ اَڻَ ڳَڻِيا سُٻَنڌ سانگا ٻوليءَ راهين هُن جي اَندر پهتا آهِن. ٻولي اِنهَن جي ڄَڻِي ڄائِي آ ۽ اِهي وَري ٻوليءَ جي هَنجَ ۾ پَليَل نِپِيَل آهن. ٻولي ڇَڙي لَفظ اَکر ناهي هُوندي. ٻوليءَ جو تَتُ آهي سَئن، سَڃ، ساڃاھ. اِشارو، نِشاني، اُهڃاڻ. هَر ڏيکارِي سَئن آهي. سو ٻوليءَ جي ڦَهلاءَ جو ڪو ڇيھ ناهي. لَفظ اَکر اُن ڪري پَرڌان هِن جو اُهي سَئن کي اُتاري سانڀي سَمجَهڻ وَرجائِڻ جوڳو ڪَن ٿا. اُن کي نِت پَسرجَندڙ سَگَھ ڏِيَن ٿا. لفظ ڪنهن هِڪ مَطلب مَعنىٰ سان ٻَڌَل ناهِن رَهندا. ماڻهوءَ جي اَندر وَسندَڙ سُٻَنڌ سانگا لَفظن ۾ نِت نَيون سَئنُون سَڃُون پيا ڀَريندا آهن. ايران جي ڪنهن واهَڻَ ۾ آب چَئي ماڻهو پاڻي ئي گھُرندو آهي. پر مُغل لَشڪر جو ديسي سِپاهي پنهنجي ڳوٺ ۾ آب چَئي پاڻي نَه پَيو گھُري. هُو پَنهنجي ميلَ پنهنجي ڀانِت ڀائِپِيءَ مان نِڪري حاڪِم ميلَ سان مِلَڻ ٿو چاهي. حاڪِم ميل جو جِياپو جِيئَڻ لاءِ خَلقت مان مَري نِڪرڻ ٿو چاهي.
تُرڪ مُغل بادشاهيءَ جي لاڳيدارَن ڪامورَن ڪارِندن لَشڪريُن لاءِ سَردارَن ۽ وَڏيرن لاءِ بادشاهي ٻولي دَٻدَٻي جو نِشان هُئي. لوڪ کان ڪَميُن پورهيتَن کان ڌارَ ٿِيَڻ جو وَسيلو هُئي. لوڪ ۾ بادشاهي ٻوليءَ جي مَڃتا اِن ڌاريَائِپ جي مَڃتا هُئي. ڪَمِي ميلَ جا لوڪَ جڏهن بادشاهي ٻوليءَ جي لَفظن کي پَنهنجو ڪَندا هُئا ته سَمجهو اُهي بادشاهي دَٻدٻي کي سَلامي ٿيندا هُئا. ماڻِهپي جي دَرجي کان لَهَڻ کي ڀَليڪار ڪندا هُئا. پاڻ جهڙن کان، پنهنجي پاڻ کان دُوري قَبوليندا هُئا. جڏهن لوڪُ ٻولَ واهِپي وَرتَڻ مان نِڪري وَيا ۽ بادشاهي لَفظن اُنهن جي جاءِ والاري ته ماڻهن لاءِ پنهنجي اَندَر وَسندَڙ سُٻنڌَن کي سُڃاڻڻ ۽ ماڻِڻ ڏُکيو ٿي وَيو. هُنن جي هِڪ ٻئي سان پَنهنجي پاڻ سان جُڙَت ڍَري ٿي وَئي. سندن هوندَ هَستي سَکِڻي سوڙهي ٿيندي وَئي. کين ڊَپَ ۽ بي ويساهيءَ جا پاڇولا چِمبڙي وَيا جَن کي ڀَڄائِڻ لاءِ هَر دَم لوڀ جي دُونهين دُکائڻي پَئي. پَر لوڀَ ته ڊَپَ ۽ بي ويساهيءَ کي گھَٽائيندي ناهي ويتَر وَڌائيندي آ. حاڪِمن مالِڪَن لوڪَ کي پنهنجي دَٻدَٻي اَڳيان جُهڪندي ڏِسِي سُکَ جو ساھ کَڻِڻو ۽ ڦُنڊِڻو. اِهو نَه سوچِڻو ته جيڪي اَڄُ اَسان آڏو نِمَن نِوِڙَن ٿا اُهي سُڀاڻي ڪنهن ٻئي آڏو به ايڏي سولائيءَ سان نِمي نِوِڙي سَگَھن ٿا. جيڪي پَنهنجي اَندَر وَسندَڙ سُٻَنڌَن کي سُڃاڻِڻ کان رَهِجي وَيا، هِڪ ٻِئي سان هيڪڙائِي ۽ پَنهنجائِپ ماڻِڻ کان رَهجي وَيا، اُنهَن وَٽِ پِريت جوڳو ڪُجھ ناهي رَهيو. ڪوئي سَڱُ سانگو مَنجَهن اهڙو نَٿو ٻولي جنهن کي ڇَڏِڻ اوکو هُجي. جنهن تان سِر گھورِڻ سوکو هُجي. پَر سَڀ نِمَندا به ناهِن، يا چَئجي سَڄا سارا ناهِن نِمَندا ۽ ڪَئي نِمَندي بِه اَصلئون ناهِن نِمِندا. سو جِتي خَلق بادشاهي دَٻدَٻي کي پُوڄِيو اُتي خَلق مَنجهان ئي بادشاهي دَٻدَٻي سان مُهاڏو اَٽِڪائڻ جي رِيت به هَلي. جڏهن لوڪ جا پَنهنجا ڄَڻيا پاليا پَڙهي لِکي مولوي غنيمت ٿي وَيا يا لَشڪرن ۾ ڀَرتي ٿي آب آب ڪَرڻ لَڳا تڏهن گوڏِن ۾ گِھڙَڻَ لاءِ ڏينڀُن جي سِکيا ٿي ۽ پُٽَن کي ٻُڌائڻ لاءِ مائرُن پَهاڪا چَوِڻِيون گھَڙِيون. ٺَٺولِيون ٽوڪُون ٺَهِيون. ڳالِهيون آکاڻِيون بَڻيون ۽ پِيڙهِيو پِيڙهي هَليون. لوڪُ شاعريءَ خَلقت کي سَنڀاليو ۽ خَلقت لوڪُ شاعريءَ کي.
فَريدا خاڪِ نَه نِندِجي خاڪُوءَ جيڏُ نَه ڪوءِ
جِيئَندي پيرَن تَري مُئي مَٿَئُون هوءِ
”خاڪ“ بادشاهي ٻوليءَ ۾ مِٽِي هُئي. بادشاهي سوچ ۾ مِٽِي نَه هُجَڻ جو نِشان آ. مِٽِيءَ کان پَري هُجَڻ ئِي ھُجَڻ آ. جيترو ڪو مِٽِيءَ کان مَٿانهُون آ اوتِرو ئي اُهو آهي۔ جيتِري ڪنهن جي اُٿڻي ويهڻي اُونچِي اُتانهِين آ اوتري ئي هُن جي هَستي آ۔ مَٿانهُون ٿِيَڻ لاءِ مالِڪ حاڪِم سِجَ چَنڊ جو اولاد سَڏائيندا هُئا۔ هاٿِيُن گھوڙَن تي سُواري ڪَندا هُئا.اُونچَن ڪوٽَن قِلعن ۾ رَهندا هُئا۔ مِٽِيءَ کان پَرانهَپ اَصُل ۾ مِٽِي هاڻَن کان پَرانهَپ هُئي۔ جيڪي مِٽِيءَ مان اَنُ اُپائيندا وَٿ وَست گَھڙِيندا ۽ اُسارَ اُسارِيندا هُئا۔ جن جي ڪَرڻِيءَ سِرِ مالِڪِيون بادِشاهيون بِيٺَل هُيون۔ فَريد مِٽِيءَ هاڻَن پارَئون ڳالهايو آ۔ يا چَئجي فَريد مان مِٽيءَ هاڻَن ڳالهايو آ ۽ مِٽِيءَ جي سُڃاڻپ ڪَرائي آ ته مِٽِي ئي هُوندَ هَستي آ۔ اِها هيٺ آ تان پير بيٺا آهِن اِنهيءَ مَنجَهئون اِنهيءَ جي آسِري تي جِيوَت جُوڻ ڄَمي اُپِجي ٿي ۽ وَري مَري اِنهيءَ هيٺ اِنهيءَ اَندَر موٽي ٿي۔ حاڪِم مالِڪ لاءِ پيرَن هيٺ هُئَڻ گَھٽتائي جو نِشان آ۔ فَريد ”پيرن هيٺ“ جي بادشاهي مَطلب کي اُونڌو ٿو ڪَري۔ مِٽِي جيوت کي سَهاري ٿي موت کي ڍَڪي مُئَن کي وَري جِياري ٿِي۔ مِٽِي مَرَڻ جِيئَڻ جو گَھر آ۔ مِٽِي ئي جِيئَڻ جو گيڙو پَئي گيڙي ۽ پاڻ مَنجَهس پَئي گِڙي۔ مِٽِيءَ جيڏو ته ڪو آهي ئي نَه۔ سو مِٽِيءَ کان پَري ٿِيَڻ مِٽِيءَ کي نِندِڻ شانُ نَه گُمانُ آ۔ بادشاهي ٻوليءَ ۾ خاڪِ نَه هُجَڻ هُئي۔ جيڪي هَستيءَ وارَن ليکي اَڻَ ٿِيا هُئا اُهي”خاڪِ“ هُئا۔ فَريد لوڪ ٻوليءَ جي مِٽِيءَ سان گَڏائي ”خاڪِ“ جي اََڻَهُوند کي هُوندَ بَڻائي ڇَڏيو۔ خاڪِ کي لوڪُ ٻوليءَ سان گَڏِيائين خاڪُو ڪوٺي۔” آ “ ”و“ يا ”ي“ ڪنهن لَفظ آڏو جوڙيا ويندا آهن اُنَ کي جيئري جاڳَندي هَستي بَڻائڻ لاءِ ۽ اُن سان پَنهنجائِپ ڏيکارِڻ لاءِ۔ فَريد خاڪِ کي پَنڌ ڪَرايو آ بادشاهي ٻوليءَ کان لوڪُ ٻوليءَ تائين ۽ اِن پَنڌ خاڪِ کي خاڪُو ڪَري اُن جو آپو مَٽائي ڇَڏيو آ۔ هاڻي اِها نِرِجِيءُ ناهي رَهِي جِيئَري جاڳَندِي ٿي پَئي آ۔ هيٺِ به هُوندي آ ۽ مَٿان به ٿي وِهَندي آ۔
لوڪُ شاعرن لوڪُ ٻوليءَ جو بَچاءُ ڪَرڻ لاءِ بادشاهي ٻوليءَ جا هَٿيار کَسِيا ۽ اُنهَن سان ئي بادشاهي ٻوليءَ جون ڪاهُون روڪِيون۔
فَريدا بِرها بِرها آکِيي بِرها تون سُلطان
جِتِ تَن بِرها نَه اُپجي سو تَنُ ڄاڻِ مُساڻ
فَريد ويلي دَهليءَ جا بادشاهه سُلطان سَڏائِيندا هُئا۔ ڏوهيڙي ٻاهران ”سُلطان“ جي بادِشاهي آ۔ رِعيت لاءِ اِهو نانءُ ئي حُڪُم آ۔ اِن نانءَ سان وَهنوار وَهي ٿو۔ اِن جو سِڪو هَلي ٿو۔ اِهو نانءُ مَسيتُن چؤنڪَن ۾ ٻُري ٿو۔ هَر دَم خَلقت جي سِر تي سُوار رَهي ٿو۔ خَلقت اِن نانءَ تي دَهلجي به ٿي ۽ اِن جي دُهائي بِه ٿي ڏئي۔ ڏوهيڙي جي اَندر فَريد سُلطان جو تَختو اونڌو ڪري ڇَڏيو آ۔ سُلطان جو نالو ڊاهي هُن بِرھَ کي چيتاريو آ۔ لَفظ سُلطان کي تَختَئون لاٿو آ بِرها جي وَرجاءَ بِرها جي دُهائيءَ ۽ ”تُون“ جي سَڏَ۔ تُون چَوڻ سان بِرھُ جيئَري جاڳَندي حاضُر هَستي ٿي بِيٺو آ۔ هُن سُلطان جو رعب ڇَنڊي ڇاڻي ڇَڏيو آ۔ رَهندو ڪَم ڪيو آ ”مُساڻ“۔ هِڪ پاسي بِرها سُلطان جو هَنڌُ والاري ويهي رَهيو آ ته ٻِئي پاسي ڏوهيڙي جي سِٽاءُ سَهجي ”سُلطان“ کي ڌِڪي مُساڻَ آڏو ڪَري بيهاريو آ۔ ڌِڪي به ڇا جو سُلطان ۽ مُساڻ جي جوڙِي اِيئن ٺَهِڪي آ ڄَڻُ قُدرَت بَڻائي هُجي۔ اِهو سِٽاءُ سِٽَڻ ۾ لَفظ ”ڄاڻَ“ وِچَ وَسيلو بَڻيو آ۔
بِرھُ تانگھ آ۔ ٻِئي سان مِلَڻ جي پَنهنجائِپ ڪَرڻ جي سِڪَ۔ اَندرِيَن ٻاهِرِيَن سُٻنڌَن جي سارَ، سَنجوڳُ ماڻِڻِ جي اُڪَنڊَ اُڪِيرَ۔ سُلطان زَر زورَ جي سِر تي جنهن سان چاهي ميلاپ ڪَري سَگھي ٿو۔ پَر اِهو ميلاپ مِلَڻ ناهي هُوندو مَلِڻُ هُوندو آ۔ مَلِڻَ سان تانگھ مَري ويندي آ ۽ مَلِڻَ وارو به پُورو ٿي وِيندو آ۔ هُن جو تَنُ مُساڻ بَڻجي ويندو آ۔ يا چَئجي تانگَھ مَري لوڀَ جي جُوڻِ مَٽائي اِيندي آ ۽ لوڀَ جو ڀُوتُ تَنَ جي مُساڻ ۾ سَدائين پَيو ڀانواٽِيون کائِيندو آ۔ فَريد جي تانگھ تَڏهن جِيئَندي آ جي مَلَ کان بَچي۔ پَر سُلطان جي سُلطانيءَ ۾ رَهَندي مَلَ کان ڪيئن ڪو بَچي سَگھندو۔ سُلطاني ته آهي ئي مَلَ وَرتارو۔ سو فَريد جي تانگَھ جِيئَندِي آ جي سُلطانَن جي سُلطاني ڊاهي پاڻ سُلطان ٿي وَڃي۔ مَلَ وَرتاري جي هَنڌِ تانگھ وَرتارو هَلي۔ هَر تَن ۾ بِرهُه نِتُ ڄَمي نِتُ نِسِري۔ فَريد جو بِرھُ سَدا وِڇوڙو آ ۽ سَدا ميلُ بِه۔
هِڪَ وِيچارَ پَٽاندَڙ پهرين سِٽَ هِيئَن آ:
بِرها بَرها آکِيي بِرها تون سُلطان
بَرها جو ٻَه مَعنائون هِن (ٻيون به هُونديون) هِڪَ وَرها يا واڍِ کُوھَ مان پاڻِي ڪَڍَڻ واري ۽ ٻِي ڪَڙِيو کُوهه مان پاڻي اَڏُن نالِيُن تائِين پهچائِڻ وارو۔ ٻِنهي معنائن پويان اَلائي ”بار“ يا ”وار“ ئي آهي، پاڻيءَ لاءِ پُراڻو لَفظ جيڪو ”وَرهَڻ“ ۾ آ۔ ”وَرکا“ ۾ آ۔ جيڪو ”سَروَر“ ۾ وَهندَڙ پاڻي ٿي وَيو، ڌَرتيءَ ۾ پيهي کُوهَن ۾ آيو جِتان وَرها راهين نِڪِري ڏوهيڙي ۾ اَچي وَيو۔ ٿي سگھي ٿو هِتي ٻوليءَ جا عالِم اَسان کي جَهلِڻ جي ڪَن۔ هَلو کين اِنَ لَفظ جي مُنڍَ تي ويهاري ”بَرها“ راهين ڏوهيڙي ۾ لَهون ٿا۔ واڍِ يا رَسي رُڳو کُوھ مان پاڻي ناهي ڪَڍَندي، اُپَجَ جي پُوري ڦيري ۾ اَن جي گُھرج آهي۔ وَڍيَل پوک جي سانڀَ لاءِ بِه تَه وَهٽَن جي سانڀَ لاءِ بِه۔ فَصُل جي وَنڊَ لاءِ بِه ٻَني ٻاري جي ماپ لاءِ بِه ۽ ڍَل لَڳاڻَ جي ڪاٿي لاءِ بِه۔ سو بِرها رَسو هُجي يا ڪَسِي ڪَڙِيو وَسُونءَ جي مُنڍائِتي رَمزَ آهي۔ وَسُونءَ پاڻي ڏِيَڻ جوڙڻ ٻَڌڻ کان هَلي ٿي ۽ ماپِڻ وَنڊِڻَ تي پُوري ٿي ٿِئي۔ ”بَرها“ وَسُونءَ جي ڪَمَن ڪاريُن جي اِن ڦيري جي رَمزَ بَڻجي ”سُلطان“ سان ٽَڪرِيو آ۔ ڇو جو سُلطاني به اِنهيءَ ڦيري سِر ئي بيٺَل آهي۔ فَريد بِرها کي بَرها سَڏي ٿو۔ رُڳو پاڻ نَٿو سَڏي ” آکيي“ راهين پُوري سَنگَت سان گَڏِجي سَڏي ٿو۔ سو بِرها ئي پاڻي ڏِيندو آ ۽ بِرها ئي جوڙِيندو سانڀِيندو آ۔ بِرها ئي اُپائيندو آ ۽ بِرها ئي وَنڊِيندو وَرتيندو آ۔ بِرها کانسواءِ وَسُونءَ جو گيڙو نَٿو گِڙي سَگھي۔ پَر بِرھ جي ڪَرِڻي سُلطانيءَ جي نوڙَ ۾ ٻَڌجِي مَلَ ٿي ويندي آ بِرھَ جو اُبَتَڙ اُنَ جي ويرِڻِ۔ سو فَريد جي سَنگَت ڏوهيڙي ۾ سُلطان کان تَخت تاجُ ڇَڏِرائي وَسُونءَ جي مُهارَ بِرھ جي هَٿِ ڏِئي ٿي۔ جَنهن جي هَٿِ ڪارُ تَنهين هَٿِ مُهارَ۔ پر اِهو ڪَم ٿِيو وَڏي اَٽِڪَل سان آ پاڻَمُرادو ناهي ٿِيو۔ ٻي سِٽَ ۾ ”اُپجي“ سَهَج سَڀاءِ ئي آيَل ڄاپي ٿو۔ پر ڏوهيڙي جو رَمزَ سِٽاءُ اِنهيءَ لفظ هَٿِ آهي۔ رَمزُن جو گيڙو ٻِٽو آهي۔ پهرين گيڙي ۾ سُلطانيءَ جو جوڙ مَخلوق جي اُپَج پورهِيي سان جُڙي ٿو۔ سُلطانيءَ جو اَصُل بُڻياد اِهو اُپَج پورهيو آ۔ پر اِن اُپَج پورهيي جو پَنهنجو بُڻياد ڪَهڙو آ۔ اِهو نِبيرو ٻِئي گيڙي مَنجھ ٿِيو آ۔ اُپَج پورهيو بِرھ سِر آ۔ هُوندُ مُنڍَئُون آهي ئِي بِرها (بِرها بِرها آکيي)۔ بِرها اُپَج جو تَتُ آ۔ بِرها اُپَج پورهيي جو ڄائو به آ ته ڄَڻيندڙ بِه۔ بَندي جو تَنُ هُن جو وِتُ هُن جي هَستي اُپَج پورهيي جي گَھِڙيَل آ سو بِرهه جي گَھڙِيَل آ۔ جَنهن کي بِرھَ گَھڙِيو آ اُن کي هَلِڻو به بِرھ جي حُڪُم سِر ئي آ۔ بِرھ ئي آ جيڪو اَنڌَن اَچيت کُوهن ۾ لِڪيَل تَتَ سَتَ کي وَري پوکُن وَهٽَن ماڻهُن ۾ اُپجائي ٿو۔ جي وَسُونءَ جي ڪِرِت ڪارَ جي مُهارَ بِرھ هَٿ نَه هُجي، مَلَ هَٿِ هُجي ته وَسُونءَ جو گيڙو مَٿَئُون ته گِڙِندو ڄاپَندو آ پَرَ اَندَرئُون بيٺَل هُوندو آ۔ جَڏَهن کيتَ ۾ اُپِجيَل اُپَتِ بِرھ کان ڇِڄِي ماڻهوءَ جي وِتَ جي نِڙِي نِپُوڙيندي آ ته ماڻهوءَ جي تَنَ جي کيتِي به مُساڻَ بَڻجي ويندي آ۔
لوڪُ ٻوليءَ جي سَنڀال بَندُ هئي بادشاهي ٻوليءَ اَڳيان۔ رُڳو بادِشاهي ٻولي اَڳيان نه شانَ گُمانَ جي اُن پَرمارُو وَهنوار اَڳيان بِه جيڪو بادشاهي ٻوليءَ راهِين لوڪُ چِتُ ۾ ڀرم ڀَريندو هُئو۔ لوڪَ جي تَنَ ۾ بِرھ جو ٻِجُ چِيڀاٽي مَلِڻَ ڦَٻائِڻ جي هَٻَڇ هول مَچائِيندو هو۔ اُن کي مُساڻُ بَڻائيندو هُئو۔
نانڪ چَيوــ
جِن سِڪداري تَنهيِن خُواري چاڪر ڪيهو ڏَرِڻو
جان سڪداريءَ پَوي زَنجيري چاڪَر هَٿئون مَرِڻو
شِق سُلطان جي سُلطنت جي هِڪَ وَنڊ هُئي، بَندوبَست اِنتظام لاءِ، اوڳاڙيءَ لاءِ۔ شِق جو حاڪِم شِقدار سَڏائيندو هُئو۔ لوڪُ ٻوليءَ ۾ اِهو لفظ سِڪدار رَهجي وَيو۔ لوڪُ ٻولي بادشاهي ٻوليءَ جي لَفظن کي ڀَڃي گَھڙي اُنهَن جو رعب کَسِيندي آ۔ ( بَرَواسي مَئجِسٽريٽ کي مَڇِريٽ ۽ آنِريري مَئجِسٽريٽ کي هَنيري (آنڌاري) مَڇريٽُ ڪوٺِيندا هُئا)۔ اهڙي ڀَڃَ گَھڙَ ٿِيندي ته سَهَج سَڀاء ئي آهي اَڻَ ڄاڻائيءَ ۾۔ پَرَ ان ۾ رُتِبي جي دُوريءَ کي زوريءَ اورانگِھڻ جي سَڌَ لِڪيَل هُوندي آ۔ ڄَٽِڪي اَٻوجهائِي جو هَٿُ هَڻِي رُتِبي جو رعب کَسِڻ جي سَڌَ۔ پر شِقدار سِڪدار ٿي به حاڪِم ئي آ۔ اُن جو اَصُل رعب هُن جي حاڪِميءَ پارَئون آ۔ سو نانِڪ حاڪِميءَ جي ڪوٽَ کي کاٽُ هَڻي اُنَ جي پِيڙھ پَٽي لوڪَ جو ڊَپُ ٿو لاهي۔ سِڪِداريءَ ۽ چاڪِريءَ جو ڌُرَئون جو سَڱُ آ۔ جي چاڪَرُ سِڪِداري جي ڏاڍَ سان يَڪِ سُر آ ته هو سِڪِدار جو ڍِڍَئون تابعدار آ۔ جي نَه تَه هُن جي تابعداري اِئين پَڙدو آ هُنَ جي ڊَپَ جو۔ نانڪ چاڪَر کي هُن جي پَنهنجي ڊَپَ جي سامهون ڪَيو آ۔ چاڪِري سِڪِداري جي سَڱ مَٿان هيجَ پَنهنجائِپ مَڃِتا ۽ مهربانيءَ جا سڀ پَڙدا لهَي وَيا آهن۔ اَڳيَئون ڄاپي ٿو نانڪ جي ٻولَن ۾ چاڪَر پاڻ ٻوليو آ۔ چَئي ٿو مان ڇو ڊُڄان مون وَٽ ڇا هي جيڪو کَسِجي ويندو۔ ڊُڄي ته اُهو جيڪو چوٽِ چَڙهيو آ۔ چاڪَرن کي ته روزُ زَنجير پَوندا هُئا۔ روز ته چاڪَر ئي سِڪِدارن هَٿَئون مَرندا هُئا پر هِتي سِڪِدارن جي ٻَڌِجَڻ ۽ چاڪَرن هَٿَئون مارِجَڻ کي اَڻَٽَر قُدرتي وَهنوار ڏَسيو وَيو آ۔ هِنن ٻولَن ۾ چَوِڻِيُن پَهاڪَن واري پَڪَ آهي۔ جيئن ڪو جُڳين پُراڻو لوڪَ جو هِينئين هَنڊايَل سَچُ هُجي۔ اِن پَڪَ پارَئون سِڪِداري ۽ خُواريءَ جو جوڙ قُدرتي ۽ لازمي ٿي پيو آ۔ چاڪِري ۽ تابعداري جو جوڙ قُدرتي ۽ لازمي ناهي رَهيو۔
ڊَپُ ۽ خُواري نِماڻَن جو ڀاڳُ ڀاڱو هُئا۔ نانڪ جي ڪَلا اُنهن کي ڏاڍَن جي ليکي لِکي ڇَڏيو آ۔ چاڪَر ڪَنڌ جُهڪيل حُڪُم جا بندا ناهِن رَهيا۔ هِمَٿ ڀَريا سُجاڳُ جِيءَ بَڻجي بيٺا آهن۔ ڄاڻي ويا هِن ته سَندَن ڪَمُ سِڪداريءَ کي ٽيڪ ڏِيَڻ ناهي۔ اُن کي پاڙئُون پَٽِڻ آ۔
ويلي سِر لوڪُ ٻوليءَ خَلقت جي سَنڀال ڪَئي اُن جو آڌار بَڻي۔ لوڪ شاعري خَلقت جو ڏَڍُ بڻي. خَلقت وَري لوڪ شاعريءَ کي سانڀِيو۔ چيتي ۾ پَچائي اَڳليُن پِيڙهيُن تائين پُڄايو۔
تُرڪ سُلطانن ۽ مُغل شَهنشاهَن جي ويلي شَهرَن ڳوٺَن ۾ هَنڌ هَنڌ مَدرسا کُليا۔ مَدرسَن جي پَڙهائي بادشاهي ٻوليءَ جي آڌَرِ لوڪ جي دِل ۾ وِهارَڻ جو وسيلو بَڻي۔ اُن لوڪ کي ڏَسِيو ته عِلم اُهو آ جيڪو بادشاهِي ٻوليءَ راهين لڀَي۔ اُهو ئي عِلم توهان کي بادشاهِي دَرجَن رُتبَن جي لَڙِهيءَ ۾ پوئي سَگھي ٿو۔ جيڪو عِلِم توهان کي پَنهنجي ڪَمَ ڪِرِت مان مِلي ٿو اُهو سَکِڻو آ۔ اُن عِلِم جي سِر توهان جيڪو اُپايو بَڻايو ٿا اُهو اَصُلَئون اَڍَنگو ۽ سَهانگو آ۔ اِنهيءَ لاءِ سَرڪار اُهو مُفُت اوڳاڙي کَڻي ٿي۔ بادشاهي ٻوليءَ واري سِکِيا جو عِلِم بارِيڪ آ۔ اِهو اُپائِڻ ٺاهِڻ وارو کُهُرو ڪَم ناهي ڪَندو۔ اُهو جوڙِڻ اُپائِڻ جي پورهيي کان ڇُٽڪارو ڪَرائي ٿو. جوڙِڻ اُپائِڻ وارَن جِنَنِ کي قابُو ڪَري ساري جَڳَ جون نعمتون اَکِ ڇِنڀَ ۾ حاضر ڪَرائي سَگھي ٿو. بادشاهي ٻولي سِکَڻ لاءِ جيترو ڪَشالو ڪَرڻو پَئِڻو اوترو ئي سِکَڻ واري جي دِلِ ۾ بادشاهي ٻوليءَ جو اَدَب وَڌِڻو. جيترو هُن صرف و نَحو جي پيچَن ۾ ڦاسِڻو اوترو ئي کيس سَهَج سَڀائِين سِکيَل لوڪُ ٻولي ڦِڪِي ۽ اَڻَ گَھڙيَل ڄاپِڻي. بادِشاهي ٻوليءَ جا ڪِتاب جادُو نَگِريون بَڻجي وَڃِڻا ۽ جادُو نَگريُن ۾ لَهَندي سارِ ئي هِيڻَن جي ”مان“ کي بادِشاهي شانَ گُمانَ جا پَرَ لَڳِي وَڃِڻا. هُنَن جي اَندَر وارو اَڻَڄاڻ ئي بادِشاهي وَهَنوار وَٽِ گِروِي ٿي وَڃِڻو.
فَريدا جي تون عَقل لَطيف ڪارا لِکُ نَه ليکَ
پنهنجي گريبان ۾ ڏِسُ سِرُ نِمائي ڏيکَ
عَقل لَطيف اُنهَن جو ليکيو ويندو آ جيڪي بادشاهي ٻوليءَ راهين بادشاهي عِلِم ۽ وَرتاري جي جادُو نَگريءَ ۾ گِھڙي عامَئون خاصِ ٿي وَڃَن۔ خاصَن جي خاصِيَت سَندن لِکَتُن ۾ آهي۔ لِکَتُن راهين عامَنِ مَٿئون وَسَندي آ. لِکَت ئي عِلِم آ. لِکَت ئي حُڪُم قانون آ. لِکيَل اَکَر ليکَ آهن. عامَن جي قِسمَت هِن. دَرٻار جو لِکيَل فَرمان کَڻي ڪو اَچي لَهَندو آ ۽ هزارَن عامَن جي ڏيِنهن راتِ جي پورهئي مان اَڌُ چوٿو اوڳاڙي وَٺي وِيندو آ. لِکَت ڌُرَئُون لِکِيَل ليکُ آ جنهن کي ڪو ٽاري نَٿو سگھي. لِکَڻ وارا اِنهيءَ جادُوءَ جي سِرَ تي بادشاهي نوڪريُن تي چَڙهيا هِن. مَدرسَن وارا ۽ گاديُن وارا چوراسِي ڳوٺَن جو ڏَنُ پيا اوڳاڙي کائِين. خَلقت اِنهن کان لِکَت سِکَڻ اَچي ٿي. اِنهن جو لِکِيو مَڙهي ڳِچيءَ ۾ پائي ٿِي. ڌُرَئون لِکِيو بِه اُنهَن جو ئي آ سو اُنهَن جو لِکِيو ئي ڌُرِ ليکَن کي ٽاري به سَگھي ٿو. جادُوءَ کي جادُو ئي ڪَٽي سَگھي ٿو. پر هي اهڙو جادُو هُيو جيڪو جادُوگَرن سان بِه وڙِهي پَيو. عالِمَن حاڪِمَن جي چالاڪي هُنَن کي اِهو نَٿي سَمجَهڻ ڏِئي ته لوڪ کان پَرانهون ٿِيَڻ پَنهنجي پاڻ کان پَرانهُون ٿِيَڻ آهي. حاڪِمي عالِمائيءَ جا ڪارا ليکَ لِکَڻ واري جا پَنهنجا ليکَ ڪارا ٿي ويندا آهن. هُن کي پَنهنجي پاڻَ کان وِڇوڙي ڇَڏيندا هِن. پَنهنجي آپي کان ٻاهر ڪَري ڇَڏيندا هِن. عالِمَن حاڪِمَن جي سَمجھ تِکِي بارِيڪ ۽ مَلُوڪ ڪوٺائيندي آ. بادشاهي ٻوليءَ ۾ ”عَقل لَطيف“. فَريد عَقل لَطيف جي ڀَرم گُمان وارَن کي عَقل لَطيف سَڏي هِڪ ڄَٽڪِي ٽوڪَ ڪَئي آهي ۽ کِل ڀوڳَ ۾ سَندَن ڀَرمُ ڀَڳو آ. بادشاهي ٻوليءَ جي ڪَلَف لَڳَل اِصطِلاح سان چَرچو ڪَري اُن جو جادُو ٽوڙِيو آ ۽ جادُوءَ ۾ ڦاٿَلَن کي ڇوٽِڪاري جي راھ ڏيکارِي آ. جي سَچَ ۾ توهان پَرُوڙ وارا آهيو ته پَنهنجي آپي ۾ اَچو. پَنهنجي ڪُوڙَ جي اُسارِيَل ”مان“ جي اَندَر جهاتِي پايو. مَتان توهان کي پَنهنجو اَصُل آپو اُنهَن جهڙو ئي ڏِسِجي جِن کي ڪارَنَ ليکَن راهين نِنِدي رَدي دَٻائِيندا آهيو. ”گريبان“ اُنهيءَ نِويڪِلي مَٿاهِين ”مان“ جو آ جيڪا گَھڻي چاھ سان سِبائي ڳَلِ پاتِي آ. شانَ گُمانَ جو نِشان هاڻي پَڇتاءَ جو دَرُ آ. جو ڪُجھُ ٻِيَن کي ڀُلائِڻ لاءِ سَهيڙيو هُئو هاڻي پَنهنجي آپي جي پَڙتال جو وَسِيلو آ. جي ڪو ڪَري ته۔ فَريد ٻاهران بيهي واعِظ نَٿو ٻُڌائي. وِڃايَلَن ۾ وِڃائِجي پَنهنجي پاڻَ سان ڳالِھ ٿو ڪَري. فَريد اُنهَن مَنجَهئون آ جيڪي بادشاهي ٻولي سِکِي ڪارَن ليکَن جي لِکَت جا ڄاڻُو ٿي وَري لوڪ ٻوليءَ ڏي موٽِيا. بادشاهي رَهڻيءَ جي جادُوءَ جي جهامَ جَهلي پنهنجي آپي ۾ آيا. ويريُن جا هَٿِيار جاچي پِڙَ ۾ لَٿا. غَنِيمت جي چاهي ها ته غَنِيمت نه رَهي ها فَريد ٿي وَڃي ها.
هِڪڙا لَفظ اُهي هُئا جن کي لوڪَ پاڻ بادشاهي ٻوليءَ کان کَسي لوڪ وَرتاري جي ديڳِ ۾ وِجهي رَڌيو. اُنهَن جي ڏيکاءَ وارِي رَڏِي ماري. اُنهَن کي شانَ جي نِشان مان موٽائي وَري لَفظ بَڻايو. ٻِيا اُهي هُئا جيڪي ڪارَن ليکَن راهين، لَشِڪريُن جي آب آب راهين لوڪُ ٻوليءَ ۾ لَٿا. اِهي لَفظ نه هُئا شانَ جو نِشان ئي هُئا. پَر اُهي ٻُٽُون ٻَڌي پنهنجو اَصُل لِڪائي لوڪَ ٻوليءَ ۾ آيا ۽ وَسَندڙ وَڌَندڙ لوڪُ ٻولَنِ جي نِڙي نِپُوڙي کين اَڌَمُئو ڪَري وَرتَڻ واهِپي مان ٻاهر ڪَري اُنهن جي جاءِ والاري ويهي رَهيا. ٻولِيُن جا لَفظَ ڇَڙا ڇانڊَ ناهِن هُوندا. پاڙَ پَروار وارا آڳي پيڇي وارا هُوندا هِن. اُنهَن جي سَڱَن سِياڪَن جا ڪيئي سِٽاءَ ۽ وَهنوار هُوندا آهِن. جيڪي لوڪُ سُرتِ مَنجَهئون ڄَمَندا هِن. اَڳتي لوڪُ سُرتِ جي گُھرج جوڳا لَفظ ڄَڻِڻَ نِپائِڻ جي اِنهَن ۾ اَڻَ کُٽِ سَگَھ هُوندي آ. جيئن ماڻهو اَڻکُٽ سُٻَنڌَن جي گھاٽِي اُڻَتِ آ تِئَين ئي لَفظَ هِن. جِيئندَڙ وَسندَڙ وَڌَندڙ وِيجھَندَڙ. پر بادِشاهي ٻولِيءَ جا لَفظَ هِتي بادِشاهي شانَ جو نِشانُ بَڻجي لوڪُ ٻوليءَ ۾ لَٿا. لَفظَ هُجَڻ جو مَڪَر ڪَري اُهي لوڪُ ٻوليءَ تي بي پاڙِي بَڻِجي چَڙهي وَيا. اِهي لَفظَ لوڪُ ٻوليءَ جي وَهنوار سان جُڙَڻ نَه هُئا آيا. ڪنهن جيئَندَڙ سَڱاوَتيءَ ۾ وَسَڻ نَه هُئا آيا. سو نِويڪِلا رَهيا. اَجُڙَت، اَلَڳ. پر جِن لوڪُ ٻولَنَ مَٿان اِهي اَچِي ڪِرِيا اُنهَن جو ساھُ ٻُوساٽجي وَيو.سو اَڳي جَنهن سَڱاوَت ۾ اُهي ٽِڙَندا ٻولِيندا هُئا اُها به ماٺِي ٿي وَئي. بادشاهي ٻوليءَ جي اِن ڪاھَ ڪارَڻ لوڪُ ٻولَ وَرتَڻ واهِپي مان نِڪرندا وَيا. لوڪُ ٻوليءَ جي اَندرِين گھاٽِي سُٻَنڌَ اُڻَت ڇِڄَندي وَئي. ٻوليءَ جي ڪَئِني وَهنوارَن جو واهِپو بيهي رَهيو. اُنَ جي وَسُونءَ اُجِڙڻ لَڳي. لوڪُ سُرتِ نِسَتي ٿي وَئي. ماڻهُن جي سوچِڻ سَمجَهڻ واري سَگَھ اَپاهَج اَڌَمُئي ٿي وَئي. ”رَکَڻ“ ”ڌَرِڻُ“ به هُوندو آ تَه ”سانڀِڻ“ ”سانڍِڻ“ به. رَکَ، رَکَتِ، راکو، رَکَڻهار، راکِي، رَکَڻي، رَکيا، رَکيَل. اِهو ٻول پَروارُ ٻوليءَ جي وَهنوار جوڙيو آهي. اِهو پَروار سَدا وَڌَڻهار آ ڇو ته ٻوليءَ جا وَهنوار پاڻ سَدا وَڌڻهار هِن. سانڀِڻ لاءِ عَربي لفظ ”حفاظت“ بادشاهي ٻوليءَ ۾ وَرتِيندا هُئا. عربيءَ ۾ اِن لَفظَ جي پُوري آڪَھ آ جيڪا عَربي ٻوليءَ جي وَهنوارَن اُساري آ. پر هِتي اِهو ڇَڙو لَٿو. نَه لوڪُ سُرت عَربي وَهنوار پَنهنجو ڪري پئي سَگھي نَه “حفاظت” پَنهنجي پوئين پَروار سان جُڙي پئي سَگھي. اِن جي پَروار جا ٻِيا لَفظ به لوڪُ ٻوليءَ ۾ لَٿا پَر ڇَڙا ڇانڊَ ئِي. هِڪَ ٻِئي کان بِنَھ اوپِرا. حافِظ، حِفظ، محفوظ، مُحافظ. اِنهَن جي اَصُلي جُڙَت ته هُئي عَربي وَهنوار مَنجهه جيڪي پوئِتي رَهجي وَيا. هِتي اُنهَن جو سَڱ اِهو آ ته اِهي بادشاهي ٻوليءَ جا لَشڪري هِن. بادشاهي شانَ جي وَرِدي پائي بادشاهي رعب جا هَٿِيار ٻَڌي لوڪُ وَسُونءَ ۾ لَٿَل آهِن ۽ لوڪ ٻولَن جي هَزارين سالَن جي جُڙيَل سانگَن کي پِيا چيڀاٽِين. لوڪ ٻوليءَ جي وَهنوارَن جو ساھُ پَيا ٻُوساٽِين. پاڻَ اِهي زِنده رُوح هِن پر لوڪُ ٻوليءَ جي جِيئَرن جِيئَڙَن کي پَنهنجي وَرديءَ ۽ هَٿيارن جي داٻَ هيٺ دَٻائي ٿا مارين. اِنهَن جي پاڻ ۾ رُڳِي ڏاڍَ ڏَهڪاءَ واري هِڪَ جَهِڙائي آهي.
ٻوليءَ جا وَهنوار گَھڻا پَڪا هُوندا هِن پَر بِنَھ ڪَچِڙا پِڻ. جِيئن وَڻُ. پاڙَ، ٿُڙَ پَروار جي جُڙَت ڪيڏي پَڪِي آ. اُپَجَ جي ڪيڏي سَگَھ آ اُن ۾. پَر پاڙَ کوٽي ڇَڏيو ته پَروار سُڪيو وَڃي. پَروار ڇانگهي ڇَڏيو ته پاڙَ جو سَتُ نِڪِريو وَڃي. ٻول جي هَستي هِڪَ سَٻَنڌ جي هَستي هُوندي آ. ڪَڏَهن ڪو ٻول وِسِري ميسارِجي ويندو آ ته ٻوليءَ جي جُسي ۾ ڦِرندَڙ رَتَ آڏو رَنڊَڪ اَچي وِيندي آ. لَفظَن جي جُڙڻ اُپِجَڻ وارو هِڪَ ٻِئي سان رَلي رُوپ مَٽائِڻ وارو وِتُ سُڪِي ويندو آ. بادِشاهي ٻوليءَ مان لَٿَل لَشڪري لَفظَن جي ڏورِ دَرٻارِي لاٺِڙيَن جي هَٿِ هُوندي آ يا مولِوي غَنيمتَن جي هَٿِ. جَڏَهن اِنهن لَشڪريُن جي سُنبَن هيٺان لَتاڙِجي لوڪُ ٻوليءَ جي وَهنوارَن کي سوڪَهِڙو لَڳي ويندو آ ته هِيڻو لوڪُ ويتَر ويچارِڙو ٿي پَوندو آ. هَر نَئين لوڙَ گُھرج لاءِ دَرٻاري لاٺِڙيَن ۽ عالِمَن ڏي ڏِسَڻ لَڳندو آ. جيڪي اَڳيئون ٻِيا لَشڪري سَنواري مَٿَس بَڇيو ڇَڏين ۽ لوڪُ ٻوليءَ جي وَهنوار ۾ ٻائيتال ويتَر وَڌيو وَڃي. لوڪُ سُرتِ ٻولَ ڄَڻَڻ اُپائِڻ جي سَگَھ راهين نِسِرَندي ڦُولاربي آ. ماڻهو پنهنجي پاڻ سان ۽ جَڳَ سان ٻولَن راهِين مِلَندو آ. جي ٻولَ جوڙِڻ جي سَگَھ نه هُجي ته ماڻهوءَ وَٽَ پَنهنجي پاڻ سان ۽ جَڳَ سان مِلَڻ جي کُلَ ناهي رَهندي. جي هُنَ جو آپُ ميلُ ۽ جَڳَ ميلُ بادِشاهي لَشڪريُن جي ٽِياڪِڙيءَ راهين ٿِيَڻوُ آ ته سَمجهو نَه هُو پاڻ سان مِليو نه جَڳَ سان. هُن کي اَندر ٻاهِر هَر دَم بادِشاھ جو رعب ئي مِليو. هُو بادِشاهي مَرضِيءَ جو پاڇولو بَڻجي وَيو. پاڻَ هُو ڄَڻ ٿِيو ئي نَه.
اَنگريز راڄُ آيو تَه فارسيءَ جي هَنڌِ اَنگريزي ۽ اُڙدو بادِشاهي ٻوليون ٿي وَيون. جنهن ميلَ جو جيترو اَنگريز راڄَ سان لاڳاپو وَڌِيو اوتِري اُن کي اَنگريزي اُڙدو سِکِڻي وَرتِڻي پَئي. مُغل ۽ ديسي بادشاهيءَ جو اُساريَل وَڏُ ميلُ بِه اَنگريز راڄ سان رَلي مِلي وَيو. ڪُجُھ تَڪِڙو ڪُجُھ سَهَجي. اَنگريز پاڻ به ڪُجُھ ڌُريُن کي ٺَپي ڦَڙڪائي اُنَ ميل ۾ کَڻي بيهارِيو. رَستَن ريلُن کُلَڻ سان ڏيساوري واپار وَڌَڻ سان واپاري ميلَ کي نَئين جاڳَ لَڳي. نَيون نوڪِريون نِڪِتيون نَوان ڪَسَب هَليا نَوان عِلِم آيا. بادِشاهي ٻوليُون سِکَڻ جي مَجبوري به وَڌي ۽ سَوادُ بِه. اَنگريزي سِکَڻ وَرِتَڻَ جو سَواد ته اَهڙو ئي هُئو جهڙو اَڳي فارسيءَ جو هُوندو هُئو. لوڪَ کان دُوريءَ جو ۽ راڄَ وارَن سان ويجِهڙائيءَ جو. هيڻَن کان پَلَؤ ڇَڏائِڻ جو ۽ وَسَ وارن جي حُضُوري ماڻِڻ جو. فارسي اِيران تُرڪِستان جي خُوشبوء سان مَستُ ڪَندي هُئي. اَنگريزيءَ سان اِنگلينڊ ۽ يُورَپ جا جُهوٽا اَچَڻ لَڳا. اُڙدوءَ جو سَواد ٽِيڻو هُئو. هِڪُ ته اُنَ جي سِکَڻ وَرتَڻ ۾ ايڏو ڪَشالو نه هُئو ڪَرڻو پَوندو. ٿوري ڪوشِشِ سان ئي لوڪَ کان پَرانهَپ ۽ راڄَ جي ويجِهڙائيءَ جو جُهوٽو اَچَڻ لَڳَندو هو. ڇو تَه اِها اَنگريز جي آندَل نَئين بادِشاهي ٻولي به هُئي ۽ مُغل جي ڇَڏيَل پُراڻي بادِشاهي ٻولي بِه. دَهلي لَکنؤ جي دَرٻارِن جي پوئِلَڳ اَشِرافن اِنَ کي پاليو نِپايو هو. اِن ۾ فارسي لَفاظي به هُئي ته دَهلي لَکنؤ جي اُوچي رَهڻيءَ ۾ وَرتِيا وِيندڙ مُحاورا بِه. سو اُڙدوءَ ۾ نَئين وَڏَ ماڻهپائي جي رَسُ به هُئي ۽ پُراڻيءَ جو چَسُ بِه. دَهلي لَکنؤ جي اَشِرافن جو اَنگريزَن سان لاڳُ پُراڻو ۽ پَڪو هُيو. نَوان لاڳيدار ڇو پَنهنجي ٻوليءَ سان چِمبِڙي نَوَن مالِڪَن کان اوپِرا رَهَن. ڇو نَه جَهٽِ پَٽِ ٻولي مَٽائي پُراڻَن مَڃيَل پَروانِيَل لاڳيدارن وانگُر ٿي وَڃَن. هِتَئون جو نَئُون پَڙهيَل دَهلي لَکنؤ وارَن جو پَلَؤ به جَهلِيندو هُئو پَر اُنهن کان سَڙندو بِه هُئو. دَهلي لَکنؤَ وارا نَئين لاڳيءَ کي پنهنجو پوئِلڳ ڏِسِي سَرها به ٿِيندا هُئا پر پويان خارُون به کائيندا هُئا. اِهو سوچي پاڻ کي دِلاسو به ڏِيَڻو ته نَقُل اَصُل جهڙو نَٿو ٿِي سَگھي پَر ساڻُ ئي سوڙها بِه ٿِيَڻا مَتان نَقُل اَصُل جو اَگھُ نه ڪيرائي ڇَڏي. سو هوُ نَئين لاڳيدار جي پُٺي به ٺَپِيندا هُئا پر هُنَ تي کِلائُون ٺَٺولِيون بِه ڪَندا هُئا. اَنگريز راڄَ جي پَڇاڙڪَن پَنجهاھ وَرهيَن ۾ لاڳِي مَٿِيَن ميلَن کي سَمجَھ لَڳي ته ٻيلِي اَنگريزَ اَسان جو مالِڪ ئِي نَه پَهاڄُ به آ. جي اِهو نِڪِري وَڃي ته اَسان اِن جي هَنڌِ لوڪَ مَٿَئون حاڪِم ٿِينداسين. پر لَوڪُ به سُجاڳ ٿِيڻ لَڳو هو هاڻي. هاڻِي ته مَٿَس حاڪِمي اُنَ ڪَرِڻي آ جيڪو اِنَ جو اَڳواڻ بَڻجي. اَسان نَوان اَشِراف آهيون پُراڻَن اَشِرافن جا وارِث. لوڪَ جي اَڳواڻي اَسانجو قُدرِتي حَقُ آ. اِئين لوڪَ کان نِياري نِويڪِلي ٿِيَڻ جي نَئِين راھ لوڪُ اَڳواڻي بَڻجي وَئي. پُراڻي حاڪِميءَ جي وِڇوڙي ۾ نَئين حاڪِميءَ جي آسَ جاڳي. وِڃايَل مُغل شانَ جو پِٽِڪو ايندڙ نَئين شانَ جي جَهلڪَن سان هِڪُ ٿي وَيو. غَزَل جي رَمزُن جو مَطلَب مَٽِجَڻ لَڳي وَيو. هاٿِيُن تي جُهولَڻ جا سَپنا جُلُوسَن ۾ لوڪَ جي ڪُلهَن تي چَڙِهي جُهولَڻ سان پُورا ٿي وَيا. دَرٻارن ۾ ويهَڻ جي نَشي جي ٻاڙَ لوڪاچاري جَلسَن جي اِسٽيجُن تي ويهي لَٿي. لوڪ کان نِويڪِلو رَهَڻ جو ساءُ هاڻِي لوڪَ جي ڀَرِي ڀِيڙَ مَنجھِ بِيهي اَچَڻ لَڳو. بادشاهي ٻوليءَ جي تَقريرُن ۽ نَعرن جي گَجِگوڙ مَنجَهئون لوڪَ جي ماٺِيڻي مَڃتا جو سُرُور اَچَڻ لَڳو.
بادِشاهي ٻولي اَڳواڻيءَ جي ٻولي ٿي وَئي ته اُن جي سِکَڻ جو سَواد ٽِيڻئون چؤڻو ٿي وَيو. اِن چَؤڻي سَوادَ صَدقي ئي اُڙدو اَخبارُن جو زور وَڌِيو. چار دَرجا پَڙهيَلَ هِيڻا نِماڻا به پئسو آنُو خَرچ ڪَري گَھر ويٺي حاڪِميءَ جي خُوشِبو وَٺڻ جوڳا ٿي وَيا. اِنهيءَ چؤڻي سَواد صَدقي ئي اُڙدو اَدَب جي کَپَت وَڌِي. ”اَدب“ جو لفظ اُڙدو لِکَتُن جو ئي سَرنامون بَڻيو. لوڪَ ۾ اِن جو مطلب بِه وَڏَن آڏو نِوِڙَڻُ هُئو. وَڏا عُمِر ۾ هُجَن ڀَلي دَرجي ۾. ٻِيا مَطلب اِن جا ڏاهَپ ۽ سُگِھڙائِپ به هُئا. اُڙدو شاعري ڪهاڻي مَضمون پَهريون تَه ڏاهَپَ سُگِھڙائِپ ۽ دَرجي سُڃاڻَ جو نِشانُ بَڻيا پَرَ وِيهِين صَدي چَڙهندي لوڪُ راڄ ۽ سَماج سُڌاري جو جَهنڊو بِه هِنَ نِشانَ وارَن جي هَٿِ چَڙهي وَيو. مَٿَئون مَٿَئون لِکَڻ پَڙهَڻ وارَن اَنگريز راڄَ سان ويرُ پَرچارِڻُو. سَرمائيدارِي جاگِيرداريءَ کي نِندِڻو. غَريب جو ڏُکُ پِٽِڻُو. لوڪُ نابِريءَ جو نَعرو هَڻڻُو. پَر اَندرَئون اَچيت سُچيت بادِشاهي ٻوليءَ جي نَوَن سَوادَن جو چَسُ پَئي وَٺِڻو. سو پنجاب ۾ بادشاهي ٻوليءَ جي لِکَت، ظاهِري دَعوىٰ اُنَ جي ڀَلي ڇا به هُجي، اَصُل ۾ ڍُونگ هُئي خَلقت کان نِويڪِلو نِيارو رَهَڻ جو. اِها وَسِيلو هُئي پُراڻي اَشراف آسَڻَ تي ويهي نَئين لوڪاچاري اَڳواڻيءَ جُون واڳُون هَٿِيڪِيُون ڪَرِڻ جو. هَٿِيارُ هُئي نَئين لوڪُ سُرتِ کي زَرَ زَمين وارن نوڪَرن ۽ ڪَسبِيُن جي نَئين ڀائِيواريءَ جي لاڀَ سِر موڙِڻ جو. بادِشاهي ٻوليءَ جي لِکَتُن خَلقت تي جا ڇاپَ ڇَڏِڻي هُئي سا ڇَڏي.اَصُل ته اُنهَن حاڪِميءَ جي نَوَن جُڙي اُڀِرَندَڙ دَعويدارَن کي پَنهنجي حَقَ وارثِيءَ جي پَڪَ ڪَرائِي.
جِتي مَلَ پَرڌان هُجي اُتي هَر نَئون ڄَمَندَڙ جِيءُ دَرِجي بَنديءَ ۽ آپي ٿاڦِيءَ جي ڪَڇَ ۾ پَلندو آهي. سو سارِي ڄَمارَ ٿَڃُ ڇَڏُو ئي رَهَندو آ. سَندَس کُٽي ٽُٽِي هَستي سارِي عُمِر پَنهنجي اَڻَ ڏِٺِي ڪاڻِ ڍَڪِڻَ لاءِ دَرجي بَنديءَ ۽ آپي ٿاڦِيءَ جي اوٽَ پَئي ڳولِيندي آ. هُو تَڏَهن جِيئَندو آ جي لوڪَ کان نِتُ نِويڪِلو ٿِئي. نِتُ خَلقت کان پَنهنجو پاڻُ پُوڄِرائي. هُو مَحَل ڳولِيندو جِيئَندو آ ۽ مُقِبرا ڳوليندو مَرَندو آ. پَنجاب ۾ بادِشاهي ٻوليءَ جي لِکَت به مَحَلَن مُقبِرِن جي اَڻَٿَڪ ڳولا آهي.
اَنگريز راڄَ ۾ نَوان پَرچار وَسيلا نِڪِتا. ڇاپو، اِسٽيج (ڪڏهن ٿِئيٽر ڪَڏهن جَلسي جي) فِلم، ريڊيو. دَرٻاري مُشاعِرن ۾ لَهرائِيندَڙ آوازُ اِسٽيجن تي چَڙهي گُونجَڻ لَڳو، ريڊيو فلِم ۾ گِھڙي هُليو ٻُريو. سونَهري رَنگَ سان سِينگاريَل ڪِتابَن ۾ سَجايَل ڪارا ليکَ ڇاپي چَڙِهي خَلقت مَٿان سُوار ٿي وَيا. نَوَن پَرچارَ وَسيلن جي مُوھ راڄَ ٻولي سِکَڻ وَرتَڻ جي سَواد کي نَئون ٻُرُڪو ڏِنو.
انگريز وَيا ته اَشِراف جيڪي لوڪُ اَڳواڻ هُئا لوڪُ حاڪِم بَڻجي وَيا. جَلسَن جُلُوسَن مان ماڻهُن جي ڪُلهَن تي چَڙهي سُوارِيون هَلِيون ۽ گَوَرنمينٽ هائُوسَن ۾ وَڃِي لَٿيون. بادِشاهي لوڪُ راڄُ بَڻجي ويئي ۽ بادِشاهي ٻوليُون لوڪُ راڄَ جون ٻوليُون ٿي وَيون. جَڏَهن بادِشاهي آزاد اِسلامي حاڪِمي جي پَڙدي پويان ٿي ويٺي ته بادِشاهي ٻوليءَ جا سارا سَوادَ آزاد اِسلامي مُلڪ جي قومي زبان جي سَرنامي پويان لِڪي وَيا. نَيوُن نوڪِريون نِڪتِيون. ڌَنڌا واپارَ کُليا. گَھرَن زَمينُن جي لُٽَ پَئي. حاڪِمَن جي رَهڻِيءَ جي خُوشبو جيڪا اَڳي نَصيبَن وارَن لاءِ هُوندي هُئي سا عامَن کي اَچَڻ لَڳي.هَر ڪو پَنهنجو ڪاڻِيارو پِيڇو ڌوئِڻ لاءِ حاڪِم رَهِڻيءَ جي وَهَندَڙ گَنگا ۾ ٽُٻِي ڏِيَڻ لاءِ اُتاوِلو ٿي پَيو. ٻارَ پُراڻي هَنڊِيَل دَٻِيَل آپي جا ٻارَ نَه رَهيا. نَئين حاڪِم آپي جا ٻارَ ٿِي وَيا.
اُنهَن کي راڄ ٻولي ٻولِرائي اَسان پَنهنجي مَندي دَٻيل پِيڇي کي تُرتُ طَلاقِيو ۽ چِمِڪَندڙ آڳي کي پَنهنجو ڪَيو. لوڪ ٻولي ڇَڏرائي اَسان ٻارَن کي عامَن جي ڌَپيرِي پِيھ مَنجهان ڪَڍي وَرتو ۽ راڄ مَحَل جي ڏاڪِڻيُن چَڙهَڻ واري وِهِتَل سِهِتَل لائِن ۾ لَڳائي ڇَڏيو. نِويڪِلو آڳو پَنهنجو ڪَرڻ لاءِ نِويڪِلو پِيڇو پَنهنجو ڪَرڻو پَوندو آهي. ٻولي مَٽائڻ وارَن سَستي ڀاوَ پيڇو مَٽائي ڇَڏِيو. چيتو مَٽائي ڇَڏيو. پَئِنٽون شَلوارون پائي مولِوي غَنيمت ڏينڀُن جي پهچ کان ٻاهِر ٿي وَيا. آب آب ڪَندَڙ سِپاهي پُٽِڙن کي ڳوٺاڻَن ڪوڪا ڪولا کولي ڏِنيِون.
ٻولي تَتُ بِه آ تَه اوڍَڻُ بِه، سَتُ بِه تَه اُهڃاڻ بِه. سو بادِشاهي ٻولي بادِشاهي وَهَنوار جو هَٿِيار بِه آ ته اِشِتِهار بِه. اِها نِماڻَن کي نِسَتو ڪري گُگُدام بَڻائي ڏاڍَن اَڳيان نِمائِيندي آ ۽ مَٿَئون هَٿُ بِه ڦيريندي آ. اُنهن کي ڀَرَم ۾ وِجهندي آ ته تَوهان سُگھَڙپ ڏاهَپ وارا ٿي وَيا آهيو. لوڪُ ٻولي به تان ئي لوڪُ ٻولي آ جي اُها حاڪِم ميلَ جي وَهَنوار جو پُورو ٽوڙُ بَڻجي. جي اُها لوڪَ کي اُنَ جو تَتُ سَتُ موٽائي ڏِئي، جي اُها خَلقت کي پاڻَ ۾ جوڙي ۽ حاڪِم ميلَ کان اَلَڳ ڪَري، حاڪِم ميلَ جي رِيت پَرتِيت کان اُن جي لاڳَ جي جادُوءَ کان ماڻهُن کي ڇَڏائي. حاڪِم ميلَ ته هَر حيلي وَسيلي پَنهنجو لاڀُ پالِڻو هُوندو آ. پَنهنجو وَهَنوارڄَمائي رَکِڻو هُوندو آ. جي گُھرجَ پَوي ته اُهو لوڪُ ٻوليءَ جي نانءَ جي اوٽَ وَٺي بادِشاهي ٻوليءَ جو سَوادُ ماڻي سَگَھندو آ. نانءُ لوڪُ ٻوليءَ جو رَهي ۽ گَھڻي تَڻي لَفظالي بادِشاهي ٻوليءَ جي رَهي. يا لَفاظي لوڪُ ٻوليءَ جي هُجي ۽ پَرچارُ حاڪِم ميلَ جي رِيت پَرتِيت جو. نَعرو لوڪُ ٻوليءَ جو هُجي ۽ لاڳاپو حاڪِم ميل جو. لوڪُ ٻوليءَ جو اَهڙو وَرتاءُ لوڪُ تَتَ کان ڌار ٿي رُڳو نِشان بَڻجي وِيندو آ حاڪِمن جي لوڪَ کي ڀُلائِڻ جي نِيَّت جو. اُهو لوڪُ ٻوليءَ جو وَرتاءُ رَهَندو ئي ناهي. جِيئن بادِشاهي ٻوليءَ ۾ لوڪُ تَتُ پَرچاريو وَڃي ته اُهو لوڪُ تَتُ رَهَندو ئي ناهي.
مُغلَن ويلي حاڪِم پَٽَ بَخِمَل پائي ئي حاڪِم سَڏائيندا هُئا. اَنگريزَن ويلي آڪِڙيَل ڪالَر ۽ هيٽِ سُوٽَ حاڪِميءَ جو ويسُ بَڻيو. جَڏَهن لوڪُ اَڳواڻي ڪَرڻ لاءِ مُغل اَشِرافن جو وارِث بَڻجي ڏيکارِڻو پَيو ته هيٽُن سُوٽَن جي هَنڌِ شيروانِيون ۽ قُراقليون سَجِي وَيون (هُونئن شيرواني اَنگريزي ٽيل ڪوٽَ جهڙي به هُئي). اَڄُ حاڪِم ميل لاءِ ضَروري آ تَه پَنهنجي پاڻَ کي اَصُلئون لوڪَ مَنجَهئون ڏَسي. لوڪُ رَهِڻيءَ جو ڄاوَلُ پالِيَل بَڻِجي ڏيکاري. سو شيروانِيون لَهي وَيون ۽ عَوامي سُوٽَ پائِجي وَيا. (سُٿَڻ چولي کي حاڪِمي ڪَرائڻ لاءِ “سوٽ” ته چَوِڻُو ئي پَيو). وَرِي عَوامي سُوٽَ تي شَرافَتَ جي فَتُوهِي چَڙِهي. حاڪِم جو پَهَرِڻ پَهَرِڻ ناهي هُوندو سَندَس نِيَّت جو ڍَڪُ هُوندو آ. (يا هُن جي نِيَت جي اوگَھڙ چَئِجي. ڍَڪِڻُ اُگَھاڙِڻُ ئي آهي). جي حاڪِم اُگھاڙَن تي حاڪِمي ڪَرڻ لاءِ اُگھاڙو بِه ٿِي بيهي ته هُنَ جِي ظاهِر اوگَھڙ هُنَ جي اَصُل اوگَھڙ جو اوڍَڻ ئي هُوندي. حاڪِم ميلَ جو پَهَرِڻ ڪوئي به هُجي هُن جي نِيارَپ ڌاريائِپَ تَه هُن جي حاڪِم هُجَڻ ۾ ۽ خَلقَت جي کَٽِي ڪَمائِي پَنهنجي پيٽ وِجَهڻ پارَئُون آ. اَڳي اِن نِيارَپ تي نِيارَپ جو ئي سِينگارُ هُوندو هُئو. ڇو تَه اَڳي حاڪِمي حَقُ هُئو رَب جي اوتارَن جو. هاڻِي خَلقَت حاڪِميءَ تي پَنهنجو حَقُ جَتايو آ ته نِيارَپ کي هِڪَ جَهِڙائيءَ جي ڍَڪَ سان ڍَڪڻُو ٿو پَوي۔

نوت ڪھاڻي اصل ۾ پنجابي ۾ آھي جنھن ؛ي سيد محبوب سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آھي، محبوب فائن آرٽ سان لاڳاپيل لاھور جي سنڏي شخصيت آھي

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button
Close