ٺٽو

ٺٽي پوليس ٻن بدنام ڏوھارين کي گرفتار ڪري ورتو

Criminal Lawٺٽو(سجاد علي ميمڻ) ٺٽي جي سي آئي اي پوليس پنج پنج لک رپيا انعام يافته ٻن بدنام ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو، سندن تحويل مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوا ، ٺٽي جي سي آئي اي پوليس سي آئي اي انچارج ناظم چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڇاپا هڻي پنج پنج لک رپيا انعام يافته ٻن بدنام ڏوهارين سبحان بروهي ۽ علي ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي پوليس موجب انعام يافته ڏوهاري سبحان بروهي جي تحويل مان هڪ رپيٽر ۽ ڪارتوس ۽ علي ملاح جي حراست مان هڪ ڪلاشن ڪوف برآمد ڪري کين جيل موڪليو ويو آهي پوليس موجب ٻنهي ڏوهارين خلاف ٺٽي ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ سندن سر جي قيمت پنج پنج لک رپيا گهروکاتي پاران مقرر ڪئي ويئي هئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button