ٺري ميرواھ
ڦٽين جو سرڪاري اگھ ڏياريو وڃي: آبادگار
ٺري مير واه ( محمد اقبال سومرو): ڦٽين جو صحيح اگه ڏياريو وڃي ٺري مير واه جي آبادگارن پاران پريس ڪلب ٺري مير واه تائين احتجاجي ما رچ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو واپاري ٻنهي هٿن سان ڦرين ٿا آبادگارن جون داهون آبادگارن حاجي غلام الله شر شير محمد محمد علي شر۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرين اخبار وارن کي ٻڌايو واپاري ملي ڀڳت ڪري اسان آبادگارن سان وڏو ظلم ڪري رهيا آهن اسان برسات سبب پهرين ئي نقصان ۾ آهيون ويتر واپاري ااسان جي ڀينگ ڪري ڇڏي هنن گهر ڪئي سرڪاري اگه 3400 سو رپيا ڏنو وڃي