ٽارگيٽ ڪلر ، ڀتا خورن ، لينڊ مافيا ، خلاف آپريشن جاري رهندو:منظور وساڻ
ٺري ميرواھ : صوبائي وزير منظور وساڻ چيو آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي اندر ٽارگيٽ ڪلر ، ڀتا خورن ، لينڊ مافيا ، خلاف آپريشن جاري رهندو سندس وزارت سنڀالڻ دوران امن امان بگڙيل صورتحال هئي جنهن تي مڪمل ضابطو آندو ويو آهي امن امان جي حوالي سان ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو هن وقت ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ سنڌ جي عوام جي خواهشن تي ڪراچي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي ۽ اهو آپريشن ڪنهن مخصوص علائقن اندر ڪرڻ بجائي ڏوهارين جي سرگرمين وارن علائقن اندر ڪيو پيو وڃي جتي به ضرورت پوندي اتي آپريشن ڪيو ويندو هن اهڙو اظهار ٺري ميرواھ ڀرسان شڪارپور ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ٿي ويل اڳوڻي ڊي آيس پي عبدالطيف شر جي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائندي ڪيو هن چيو ته موجوده حڪومت عوام جي ڀلائي لاءِ جاکوڙي رهي آهي شهيد ٿي ويل اڳوڻي ڊي آيس پي عبدالطيف شر جو قتل افسوس ۽ ڏک پهتو آهي هن جو تعلق سندس تڪ سان گڏو گڏ سندس ذاتي دوست هيو سندس قتل وڏو واقعو آهي هن جي قتل ۾ ملوث ڪير به هجن اهي گرفتار ٿيندا گھرو وزير جي حيثيت ۾ سندس فرض آهي ته قتل ڪنهنجو به هجي ان جا قاتل گرفتار ٿيڻ گھرجن ان موقعي تي صوبائي گھرو وزير ايس ايس پي شڪارپور جنيد احمد شيخ کي حڪم ڏيندي چيو ته قاتل توڙي ان جي پٺڀرائي ڪندڙن کي 3 ڏينهن ۾ گرفتار ڪري کيس رپورٽ ڏني وڃي هوڏانهن صوبائي گھرو وزير مقتول شهيد ٿي ويل اڳوڻي ڊي آيس پي عبدالطيف شر جي ڀاءُ عبدالحڪيم شر کي خاطري ڪرائي ته جوابدار پڻ ضرور گرفتار ٿيندا هن اعلان ڪيو ته شهيد شهيد ٿي ويل اڳوڻي ڊي آيس پي عبدالطيف شر جي وارثن کي پوليس کاتي ۾ هڪ اي ايس آءِ ۽ 2 سپاهي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي ايم اين اي نواب خان وساڻ اڳوڻو تعلقه ناظم منورحسين وساڻ ، فقير سڪندر علي ، حاجي احمد بخش شر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا
رپورٽر ٺري ميرواھ