حيدر آباد

مرزا پاران حڪومت خلاف جلسن جو اعلان، پ پ عوامي حق متحده وٽ وڪرو ڪري رهي آهي: ذوالفقار

mirzaحيدرآباد ( م ڊ ) اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا حڪومتي پاليسين خلاف سکر کان ڪراچي جلسا ڪرڻ ۽ پيپلزامن ڪميٽي کي نئين نالي سان ٻيهر سرگرم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سنڌ ڪابينا جي 4 صوبائي وزيرن ۽ پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ 18 ايم پي ايز اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ذوالفقار مرزا سان ملاقات ڪندڙ سڌ سماءَ وارو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير ايڪسائيز مڪيش ڪمار چاولا، صادق ميمڻ، ايم پي اي امداد پتافي، عمران لغاري، نواز تيمور ٽالپر، نصرالله بلوچ، غلام محمد شهلياڻي، فياض احمد ٻٽ، جاويد شاهه جيلاني، سليم هڱورو، عائشه کوسو، پتمبر سيوهاڻي ۽ ٻيا شامل هئا، جڏهن ته ملاقات دوران مسلم ليگ ق سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي به شامل هو، ذريعن موجب گڏجاڻي دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ مڪاني نظام وارو بل سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيڻ حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جڏهن ته ڪجهه ايم پي اي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ساٿ ڏيڻ جي مڪمل خاطري ڪرائي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سنڌ ڪابينا جي وزيرن توڙي ايم پي ايز وچ ۾ ٿيل ملاقات ڪيتري ئي وقت تائين جاري رهي، ملاقات دوران اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته صدر آصف علي زرداريءَ کي شهيد راڻي جو واسطو ڏيان ٿو ته هو ڪرپٽ ماڻهن کي پارٽيءَ مان نيڪالي ڏئي. ميڊيا طرفان رابطو ڪرڻ تي ڊاڪٽر مرزا چيو ته ڪرپٽ ماڻهن جا نالا تمام جلد ميڊيا آڏو آڻيندس. هن هڪ ٽي وي چين سان ڳالهائيندي چيو ته سکر کان ڪراچي تائين جلسا ڪري عوام کي ٻڌائيندس ته پ پ اوهان جا حق ايم ڪيو ايم کي وڪرو ڪري رهي آهي،لياري جا 90 سيڪڙو ماڻهو ڀٽي جي دور کان پ پ ۾ شامل آهن جن علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پ پ امن ڪميٽي ٺاهي هئي ۽ اهو ان مقصد ۾ ڪامياب ويا آهن. هن چيو ته خورشيد شاهه سان ملاقات ڪرڻ واريون غلط آهن، ڪالهه خورشيد شاهه ڪراچي ۾ موجود نه هو، مون سندس رهائشگاهه تي ايم پي اي نصر الله بلوچ جي گذارش ته لنچ ڪئي جتي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙي ۽ خورشيد جي پٽ سميت ڪيترائي صوبائي وزير ۽ ٻيا موجود هئا. هن چيو ته مون پرڏيهه وڃڻ جو فيصلو ڪيو پر هاڻي هتي رهي شهيد ڀٽو ۽ بينظير جو مشن پورو ڪندس. ٻئي طرف پيپلز امن ڪميٽي تي پابندي کان پوءِ سندس قيادت ۽ سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا عوامي امن ڪميٽي جي نالي سان نئون پليٽ فارم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن پليٽ فارم تان سڄي سنڌ جا دورا ڪري 2001ع جي بلدياتي نظام جي بحالي جي خلاف عوام کي متحرڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايم پي اي عائشا کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اسيمبلي جا 25 کان وڌيڪ ايم پي ايز مشرف واري مڪاني نظام خلاف آهن، بل اسيمبلي ۾ آندو ويو ته ان جي حمايت ۾ ووٽ نه ڏيندس، هر صورت ۾ ذوالفقار مرزا سان گڏ آهيون. سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان ڏينهن ۾ 10ڀيرا ملاقات ٿيندي آهي،ملاقات دوران ڪابه سياسي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي آهي، هڪ ڀيرو نه پر 100 ڀيرا مرزا سان ملاقات ڪندس. ذريعن موجب ڪالهه ذوالفقار مرزا جي رهائش گاهه تي پيپلز امن ڪميٽي جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حڪومت پاران پيپلز امن ڪميٽي تي پابندي کان پوءِ واري صورتحال تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پيپلز امن ڪميٽي کي ختم ڪري عوامي امن ڪميٽي جي نالي سان سرگرم ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته هن پليٽ فارم تان سڄي سنڌ ۾ بلدياتي نظام 2001ع جي خلاف عوام کي متحرڪ ڪيو ويندو. جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته ذوالفقار مرزا بلدياتي نظام 2001ع جي بل جي متوقع منظوري کي نظر ۾ رکندي يورپ جو پنهنجو امڪاني دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ذوالفقار مرزا جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس پيپلز پارٽي جي 20 کان وڌيڪ ميمبرن جي حمايت حاصل آهي جن ۾ ڪجهه وزير به شامل آهن. جڏهن ته ذوالفقار مرزا جي دعويٰ آهي ته کيس 50 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي. هن وقت تائين اڌ درجن جي ويجهو ميمبرنه صرف ذوالفقار مرزا جي موقف جي حمايت ڪن ٿا پر ان سان پنهنجو پاڻ کي شو ڪري واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اهي 2001ع جي بلدياتي نظام جي بحالي خلاف عوام ڏانهن ويندا ۽ پيپلز پارٽي جي پارلياماني پارٽي سميت هر هنڌ هن بل جي منظوري خلاف آواز اٿاريندا. تعليم واري صوبائي وزير پير مظهر الحق حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 20 آڪٽوبر تي سنڌ اسيمبلي جو ڪو به اجلاس نه ٿي رهيو آهي،لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل تي اڃا تائين اتفاق نه ٿيو آهي، ترميمي بل جڏهن اسيمبلي ۾ آيو ئي ناهي ته حمايت ۽ مخالفت ڪهڙي، سياست ۾ ضد نه لچڪ ڪرڻ گهرجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button