ٻاراڻي شاعريٻارن جي دنيا

محنت ڪريو ٻارو محنت ڪريو

ظھور احمد سولنگي
Sindhi Kidsنڪما بڻجي ويندئو، ڪامياب ڪڏھن نه ٿيندئو
محنت ڪندئو حاصل ڪندئو بلند مقام
علم ڏانھن ڏانھن قدم وڌايو اجايو وقت نه وڃايو
اڪثر وقت مطالعي ۾ گذاريو ٿيندئو ڪڏھن نه ناڪام
علم سان پيار ڪريو نفرتن کي ڌڪي ڌار ڪريو
ھروڀرو پاڻ کي نه خوار ڪريو بڻجي وڃو پيار جو پيام
علم سان گڏ راند ڪريو دشمنن کان نه پلاند ڪريو
پڙھائيءِ ۾ سڄو ڌيان ڌريو، فضول ڳالھائڻ کان زبان کي ڏيو لغام
الله سائين جي عبادت ڪريو جنت ماڻڻ جي سعادت ڪريو
وڏڙن کان پاڻ کي ھدايت ڪريو ننڍن وڏن جو ڪريو احترام
قرآن پاڪ جي تلاوت ڪريو ڪنھن شئي ۾ نه ملاوت ڪريو
پاڻ ۾ ڪا صلاحيت ڀريو غربت تي نه پشيمان علم بڻايو عام

نوٽ ھي ٻاراڻي شاعري ۾ 13 سالن جي عمر ۾ ڪئي ھئي.

[social-bio id=4]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button