ٺري ميرواھ

فنڪشنل مسلم ليگ لبير ونگ ضلع جي اڳواڻ فقير غلام رسول شر تعلقه نارو، فيض گنج ۾ فنڪشنل ۾ مسلم ليگ ليبرونگ جي ڪارڪن سان گڏجاڻي

pml fٺري ميرواهه(محمد اقبال سومرو) فنڪشنل مسلم ليگ لبير ونگ ضلع جي اڳواڻ فقير غلام رسول شر تعلقه نارو، فيض گنج ۾ فنڪشنل ۾ مسلم ليگ ليبرونگ جي ڪارڪن سان گڏجاڻي ڪئي ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلع خيرپور جي ڳواڻ فقير غلام رسول شر انڊس نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٺري ميرواهه، فيض گنج،جا واپاري ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري غريب هارين آباد گارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن ۽ سرڪاري اگهه ڏيڻ بنا صرف 2000 هزار روپين ۾ ڦٽين جو مڻ خريد ڪري رهيا آهن جنهن سان هاري آبادگار پنهنجو خرچ به لاهي نه ٿا سگهن. هن وڌيڪ چيو ته انتظاميه واپارين سان ٻٽ بڻيل آهي، فقير غلام رسول شر وڌيڪ چيو ته فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ جا ڪارڪن فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه اعليَ حضرت پير سائين پاڳارا جن جي سالگرهه جون تياريون ڪن ۽ سالگرهه تقريبون ضلع جي سمورن تعلقه ۾ ملهايون وينديون ۽ اعليَ حضرت پير سائين پاڳارا جن جي سالگرهه جا ڪيڪ ڪاٽيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button