ٺٽو

صوبائي وزيرپليجو گھارو ۾ مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي جي عدم فراهمي جو سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو

sassui palijoٺٽو: ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو گھارو ۾ مسلسل ڪيترن ئي ڏينهن کان بجلي جي عدم فراهمي جو سختي سان نوٽيس وٺندي وزير اعلٰي هائوس، چيف سيڪريٽري ۽ ڪي اي ايس سي اختيارين سان ان معاملي تي ڳالهايو آهي. ان ڏس ۾ صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته مون کي پنهنجي تڪ جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ عزيز آهن، گھارو ڪراچي کان پوءِ قومي شاهراه تي اهم شهر آهي جيڪو اونداهي ۾ رهيو آهي پر هاڻ ايئن نه ٿيندو. صوبائي وزير ٺٽي ضلعي ۾ پوليو جي وڌندڙ ڪيسن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي صحت کاتي ٺٽي جي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته ضلعي جي سمورين يونين ڪائونسلن جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ پوليو مهم تي ڌيان ڏين ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري مهم کي يقيني بنائين ٻي صورت ۾ غفلت جو مظاهرو ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير چيو ته تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ربيع جو فصل پوکڻ جي حوالي سان پنهنجون تجويزون صدر صاحب کي ڏنيون، گذريل ڀيري صدر صاحب سان وڊيو ڪانفرنس ۾ ربيع جي فصل بابت ڳالهايو ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته 10 ڊسمبر تائين فصل پوکي سگھجي. هن چيو ته ٻوڏ سبب زرعي آبادي کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي جنهن سبب هتان جو عوام معاشي طور پوئتي ڌڪجي ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button