خيرپور هيريٽيج ويلفيئر طرفان ٺري ميرواھ ۾ ھڪ روزه مفت طبي ڪيمپ لڳائي ويئي
بوزدار وڏا (رپوٽر جمشيد خان بلوچ ): خيرپور هيريٽيج ويلفيئر اين جي اوز ۽ خيرپور سنڌ برادري جي طرفان ميرواه تعلقي جي يوسي صبڙ رند جي ڳوٺ ظفر علي شر ۾ هڪ روزه فري ميڊيڪل ڪيئمپ لڳائي وئي جنهن ۾ سنڌ جي مشهور ڊاڪٽرن ۽ ليڊي ڊاڪٽرياڻين شرڪت ڪئي برسات متاثرين 800 کان وڌيڪ مريضن ڳوٺاڻن کي مفت دوائون ۽ مشهورا پڻ ڏنا ويا واضع رهي ت هي فري ميڊ يڪل ڪيئمپ خيرپور رياست جي والي مير مهدي رضا جي سهڪار سان لڳائي وئي سوين برسات متاثرين ۾ مفت دوائون مهيا ڪرڻ منهجي ذميواري ۾ شامل آهي عوام جي ڀلائي لاءَ قدم کنيا ويندا ۽ هر وقت عوام جي خدمت ڪرڻ کي عبادت سمجهان ٿو (مير مهدي رضا ٽالپر ) ان موقئي تي مينيجنگ ڊاريڪٽر اسٽيت سيد ياسر علي شاه ، بچل شاه، محمد اڪرم ٿيٻو صحافين کي ٻڌايو ت هي پرنس آف دي اسٽيٽ مير مهدي رضا ڏکئي وقت ۾ رياست جي غريب عوام جي خدمت ڪرڻ فرض ۽ عبادت سمجهي ٿو ۽ اسان جي طرفان خيرپور جي پوئتي پيل علائقن ۾ فري ميڊ يڪل ڪئمپون لڳائي غريبن جي خدمت ڪئي ويندي ان موقئي تي سيا سي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سردار علي شر،ايڊوڪيٽ نصرت علي،قيصر علي، صحافي مختيار حسين،منظور حسين ،جمشيد خان،سليم رضا ۽ بين خيرپور رياست جي والي مير مهدي رضا کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سهڪار ڪرڻ تي سندس شڪريو ادا ڪيو.