بيگم نصرت ڀٽو آمر ضيا جي جبر ۽ ڏاڍ سبب ڀٽو صاحب جي جيل ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خاندان ٻارن ۽ پارٽي کي متحد رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو :سسئي پليجو
حيدرآباد: صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي گهر واري ۽ شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي امڙ نصرت ڀٽو جي وفات تي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو انتهائي بهادر عورت هئي جنهن آمر ضيا جي جبر ۽ ڏاڍ سبب ڀٽو صاحب جي جيل ۾ هجڻ ڪري پنهنجي خاندان ٻارن ۽ پارٽي کي متحد رکڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۽ جمهوريت لاءِ بيگم نصرت ڀٽو جون قربانيون ناقابل فراموش آهن – اهڙو اظهار هن اڄ مرحوم بيگم نصرت ڀٽو جي وفات تي پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ ڪيو هن چيو ته بيگم نصرت ڀٽو دنيا جي واحد عورت هئي جنهن جمهوريت لاءِ پنهنجي سموري ڪٽنب کي قربان ٿيندي ڏٺو ۽ پاڻ به آمراڻي دور ۾ گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون – ٻئي پاسي صوبائي ثقافت کاتي جي ترجمان سليم جروار پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته بيگم نصرت ڀٽو جي وفات جي سوڳ ۾ سنڌ جي صوفي فنڪار سهراب فقير جي کاتي پاران اڄ رٿيل ٻي ورسي جي تقريب ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي