اسلام آبادبلوچستان

ناراض بلوچن وٽ هلي وڃڻ لاءِ تيار آهيان، دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪري امن جو رستو اختيار ڪن: وزيراعظم

ڪوئٽا( م ڊ ) وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آمريڪا سان ڪجهه وقت اڳ خراب ٿيل لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي،جڏهن ته بلوچستان جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهندڙن کي مايوسي جو منهن ڏسڻو پوندو.هن اهڙو اظهار ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج ۾ شامل بلوچستان جي 4 هزار کان وڌيڪ جوانن جي پاسنگ آئٽ پريڊ کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني،بلوچستان جي گورنر ذوالفقار مگسي،صوبائي وزيرن ۽ ڪيترين ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.وزيراعظم يوسف رضا گيلاني گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو،جڏهن ته فوجي جوانن ڪيترائي ڪرتب ڏيکاريا.وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ وڌيڪ چيو ته مان ۽ پاڪ فوج، ملڪي سلامتي ۽ خومختياري لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته افغان حڪومت سان گڏجي دهشتگردي خلاف گڏيل حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي.وزيراعظم چيو ته بلوچستان اندر بدامني ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هجڻ بابت صوبائي حڪومت کي جاچ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته ڪوئيٽا ۾ هزارا برادري کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته هو بلوچستان ۾ امن امان جي بحالي لاءِ ناراض بلوچ اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهن.سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ بلوچستان کي نظر انداز ڪيو ويو،جنهن سبب محرومي جو احساس پيدا ٿيو،جڏهن ته هنن اقتدار ۾ ايندي ئي اهڙين زيادتين تي معافي ورتي.يوسف رضا گيلاني جو چوڻ هو ته هنن آغاز حقوق بلوچستان ڏنو ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ به بلوچستان کي اهميت ڏني وئي آهي.سندس چوڻ هو ته صدر ماضي ۾ بلوچن سان ٿيل زيادتين تي معافي ورتي آهي،حڪومت احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي آهي.وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو ته بلوچ عوام جي ترقي لاءِ 133 منصوبا ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ملڪ هاڻ محفوظ هٿن ۾ آهي ۽ ڪير به پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ڇانوڻين جي اڏاوت روڪي وئي آهي ۽ چيڪ پوسٽون به ختم ڪيون ويون آهن. وزيراعظظم چيو ته موجوده حڪومت بلوچستان جي عوام جي ترقي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي.هن چيو ته پ پ وفاق جي علامت آهي،جنهن 1973ع وارو آئين بحال ڪري صوبن کي خومختياري ڏني .وزيراعظم بلوچستان جي 30 هزار نوجوانن کي نوڪريون ڏيڻ سميت ڪيترائي اعلان ڪندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت عدالتي ڪميشن ڪم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته فوج انتهاپسندي خلاف ڪم ڪري ملڪ بچائي ورتو ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته دهشتگردي جي رستي تي هلندڙن کي امن جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close