ٺري ميرواھ

برسات جي ٻن مھينن باوجود به ٺري ميرواھ ۾ پاڻي نيڪال نه ٿيو

بوزدار وڏا: (رپوٽ جمشيد احمد بلوچ) ٺري ميرواه تعلقي ۾برساتي تباهي پاڻي 2 مهينا گڊرڻ باوجود نيڪال نه ٿيو انيڪ بيمارن سبب 15 ماڻهو فوت ٿي چڪا تعلقي جي يوسيز ٺري ، هنڊياري،صبڙ رند اڃا تائين پاڻي جي گهيري هيٺ ڳوٺ ظفر علي شر ،زوار حسين ، سجاول فقير موٿر، ڍ يڍاڻو ۽ بين علائقن ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل پاڻي بيهڻ ڪري انيڪ بيماريو پکرجي ويو بيمارين سبب 15 ماڻهون فوت ٿي چڪا تعلقي ا ختيارين ڪو ب تحرڪ ن ورتوٺري ميرواه تعلقي جي مختلف علائقن بوزدار وڏا ،ظفر علي شر ،رسول پور ،هنڊياري ،عبدالغني شر، صبڙ رند ملان بانڀن،لياقت چنو ،کرڙي ،فقير سجاول ،جواڻ شر ۽ ٻين ڪيترن ئي ڳوٺن مان 2 مهينا گذرڻ باوجود برساتي پاڻي نيڪال ن ٿي سگھيو شهر جي مختلف سرڪاري آفيسن توڙي ڳوٺن سميت اڃا سوڌو 3کان 4 فوٽ پاڻي بيٺل ٽي ايم اي پاران برساتي پاڻي فاير برگيڊ ۽ ٽينڪرن ذريعي ڪڍرائڻ بجاٰءِ جٽن تي هڪ پاسي کان ٻئي پاسي ڇڏڻ ڪري پاڻي ۾ ڪا ب لاٿ ن آئي ٻئي طرف صحت کاتي پاران ڪنهن ب علائقي ۾ اسپري ن ڪرڻ ڪري ڪيترائي ماڻهون انيڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿئي ويا آ هن تنهڪري هن محل تائين15 ماڻهون فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ت صفائي لاءِ مقرر عملو گهر ويٺي پگھارو کڻڻ سبب شهر جا اڪثر علائقا گندگي جي ور چڙهي ويا تعلقي جي عوام ۽ شهرين پاران ڪيترائي ڀيرا ٽي ايم اي کي شهر مان برساتي پاڻي ڪڍڻ ۽ شهر تعلقي ۾ مڇر مار اسپري ڪرڻ لاٰٰءِ چيو ويو پر اڃا تائين انتظاميا تحرڪ ۾ ن اچي سگهي آهي جنهن ڪري شهرين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇايل آهي
ميرواه ڪئنا ل ۾ وڏي تعداد ۾ پاڻي ڇڏيو ويو رهيل فصل ب ٻڏي ويو ڪينا ل ۾ آيل پاڻي واهن ۽ شاخن ۾ ڇوڙ ٿيڻ لڳوآبادگارن جو بچيل فصل پاڻي هيٺ اچي ويو آبپا شي کاتي جي لا پرواهي سبب۽ غير ڊميواري سبب ميرواه ڪينا ل ۾ وڏي مقدار ۾ پا ڻي ڇڏيو ويو هنن وقت پاڻي جي ضرورت ن هجڻ ڪري واه هن ۽ شاخن ۾ ڇڏدو پيو وڃي جنهڪري بچي ويل فصل تباه ٿيڻ جو خد شو وڍي ويوجڏهن ت ٺري شهر کان برسات سبب مرمت ن ٿيڻ ڪري ڪينا ل جا ڪپر انتهائي ڪمزور ٿئي ويا شهرين ۽ سڄاڻ ڌرين پاران ڳڻتي جواظهار هتان جي آبادگارن ۽ رهواسين ايريگيشن جي اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ت ڪينا ل جا ڪمزور ڪپر مضبوط ڪيا وڃن ۽ زبردستي ڇڏيل پاڻي بند ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ ايريگشن کاتي جي ان عمل خلاف سي ايم هائوس اڳيان احتجاج ڪيو ويندو
سرڪاري عملدارن پاران پنهجان نوازيو سلسلو جاري برسات متاثر بدران من پسند ماڻهن کي امدادي سامان ملڻ سبب متاثر بکن ۾ پاه تعلقي ميرواه جي مختلف علائقن ۽ مقامي اين جي اوز پاران خيما،راشن ،امدادي سامانجا پيڪٽ وراهيا ويا آهن پر ٽي ايم اي ،ڊي ڊي اي ۽ مختيار ڪار ميرواه توڙي ضلعي صوبائي حڪومت پاران برسات متاثرن لاءآيل امدادي سامان من پسيد ماڻهن کي ڏنو ويو جڏهن ت اصل مستحق کي ٺلها آسرا ۽ ڌڪا مليا مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ۽ ٽي ايم اي آفيس جي تالا بندي ڪئي وئي پر انتظميا تي ڪو ب اسر ن پيو.
شهر جا سمورا اسڪول پاڻي ۾ ٻڏل شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل گرلز بوائز اسڪولن ۾ 4 فٽ پاڻي بيٺل شهر جي اڪثر سرڪاري عمارتن ۾ 3 کان 4 فٽ پاڻي بيٽل مستقبل جي معمارن جو مستقبل تباه ٿيڻ جو خدشوسماجي ڌرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل .
ايڊمنسٽيٽر سان رابطو ڪيو پر سندس فون بند هو،ميرواه تعلقي جي ميونسپل ايڊمنسٽيٽر سان انڊس نيوز پاران موقف وٺڻ لاءُ بار بار رابطو ڪيو ويوپر هن موبائيل فون بند ڪري ڇڏيو گذريل 8 ڏينهن کان آفيس مان غائب.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button