ٺري ميرواهه تعلقي اندر برسات وڏي تباهي مچائي ڇڏي سوين ڪچا پڪا گهر ڊهي پٽ ٿي ويا
ٺري ميرواهه (رپورٽ محمد اقبال سومرو): مسلسل 6 ڏينهن کان جاري تيز برسات تعلقي ٺري ميرواهه اندر تباهي مچائي ڇڏي آهي ء هزارين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن جي فصل ۾ 6 کان 7 فٽ پاڻي بيٺل آهي جڏهن ته برسات سبب سوين ڪچا ء پڪا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن هزارين ماڻهون بي گهر ٿي ويا آهن ء وارياسي دڙن تي کلي آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل آهن جن جي انتظاميا ڪا به واهر نه ڪئي آهي تعلقي ٺري ميرواهه ۾ برسات ماڻهن کان عيد جون خوشيون به وساري ڇڏيون شهر جي مختلف پاڙن ميرس ڪالوني سومرا محلا ڳوٺ فوٽو خان دستي ، کبڙ جو ڳوٺ ، سڪندر آباد، ڪرم لاشاري ، مينگهو فقير شر، ڳوٺ رحيم خان جلباڻي ء بين ڳوٺن ۾ 5 کان 6 فٽ برسات جو پاڻي بيٺل آهي جنهن برسات جي پاڻي سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي جڏهن ته نانگ بلائون پڻ نڪري آيون آهن تعلقي ٺري ميرواهه جي برسات متاثرين سنڌ جي وڏي وزير کان گهر ڪئي آهي ته تعلقي ٺري کي آفت سٽيل قرار ڏنو وڃي ء ابادگارن جا ذرعي قرض معاف ڪيا وڃن ء ٿيل نقصان جو معاوضو ڏنو وڃي .