ٽنڊو ڄام

هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ کٽائڻ ڪري يونيورسٽيون بئنڪن کان قرض وٺڻ لڳيون

HECٽنڊوڄام: استادن جي وفاقي تنظيم فپوسا جي سنڌ چيپٽر جي صدر ۽ سائوتا جي صدر پروفيسر نعمت الله لغاري، سيڪريٽري لياقت علي تنيو، ڊاڪٽرعابد حسنين، ڊاڪٽر اظهر شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد، ڊاڪٽر نور شاهه، ڊاڪٽر عثمان ڪيريو، احسان ميمڻ، ڊاڪٽرعرفانه ملاح، ۽ ٻين چيو آهي ته حڪومت پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجٽ گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن جي موٽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران ملڪ جي يونيورسٽين جي بجيٽ گهٽائي ڇڏي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يونيورسٽيون پنهنجو ڪارونهوار بئنڪن مان قرض کڻي هلائي رهيو آهن. جنهن جو تدريسي عمل کي شديد جهٽڪو لڳو آهي، هوڏانهن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ اتان جي استادن کي وفاقي حڪومت پاران بجيٽ ۾ وڌايل 15 سيڪڙو پگهار به نه ملي سگهي آهي، جتي استادن پاران ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيوپيو وڃي، فپوسا اڳواڻن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن يونيورسٽين کي وڌيل بجيٽ نه ڏني وئي ته سنڌ جي يونيورستين جا هزارين استاد احتجاج ڪندا، هنن اعلان ڪيو ته جيڪڏهن فپوسا مرڪز اعلان ڪيو ته پوري سنڌ جي يونيورسٽين جا استاد روڊن تي اچي ويندا، فپوسا اعلان ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ جي يونيورسٽين کي پوري بجيٽ نه ڏني وئي ته سنڌ چيپٽر پاران پوري سنڌ جي يونيورسٽين ۾ 29-سيپٽمبر تي احتجاج ڪري ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button