ٺري ميرواھ

نثار احمد شر ٺري ميرواه جي عوام جي ڏکن کي محسوس ڪرڻ جو جذبو ۽ شعور اجاگر ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو آهي

PPP Leaderبوزدار وڏا (رپورٽ جمشيد احمد شر) :تعلقي ٺري مير واه جو با صلاحيت نوجوان نثار احمد شر جنهن کي ٺري ميرواه جي عوام جي ڏکن کي محسوس ڪرڻ جو جذبو ۽ شعور اجاگر ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو آهي. هي نوجوان تمام سٺن ڪردارن جو مالڪ ۽ عوام جو هڏ ڏوکي آهي هن مهل تائين تعلقي ٺري مير واه جي غريب عوام ۾ پنهنجي طرفان لکين روپين جي امداد ڏني. نثار احمد شر غريبن ۾ ڪپڙا ورها يا آهن ۽ هي پنهنجي طرفان غريبن مردن ۽ عورتن ۾ راشن جي لاءِ راشن جا پيڪيت به ورهايا. سنڌ ڌرتي تي اهڙا ڪيترائي انسان دوست ۽ غريبن جا مددگار پيدا ٿيندا رهيا آهن جن مان هڪ نثار احمد شر به هڪ بهترين سماجي ورڪر ۽ انسان ذات جي مدد لاءِ هڪ سهڻو مثال ٿي گذرندو. جئين ته نثار احمد شر تعلقه ٺري ميرواه جي يارنهن يونين ڪائوسلن جا دورا ڪيا ۽ انهن جي رهواسين جي ڏک ۾ شريڪ ٿيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اصل ۾ اسان جي تعلقي ٺري ميرواه ۾ تعليم پٺ تي پيل آهي جنهن جي ڪري هن تعلقي ۾ معاشي. اقتصادي ۽ سماجي ڪمن ۾اضافو نه ٿو ٿي سگھي. نثار احمد شر جي جدوجهد اها آهي ته هو پنهنجي تعلقي ۾ پهرين تعليم جي ڪارڪردگي کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ هارين، مزدورن عورتن ۽ مردن جي ڀلائي جي ڪمن کي به هٿي وٺرائڻي پوندي. نثار احمد شر جو اهو عمل مير واه تعلقي جي عوام کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ مير واه تعلقي جو عوام هن سان هٿ ۾ هٿ ملائي پنهنجي علائقي جي سماجي ۽ ثقافتي ڪمن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو .
هنن اهڙي حالات ۾ غريبن جي مدد ڪئي جنهن وقت تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي ايس ۽ حد جي عملدارن برسات متاثرين ۽ غريبن جي مدد نه ڪئي هن نوجوان شخصيت پنهنجي ذاتي خرچ تي ڏه کان وڌيڪ امدادي ٽرڪون کاڌي پيتي جو راشن ۽ ڪپڙا ورهيا . ۽ هنن پنهنجي تڪ ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺي تڪ ۽ تعلقي ميرواه جي غريب عوام جي اڻٿڪ خدمت ڪرڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي سردار علي شر ،وڪيل نصرت علي ،قائم علي شر ، جمشيد احمد شر ،سليم رضا ،علي اصضعر دستي ۽ ٻيا سهاڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button