مهاجرن کي دل سان لڳايو، اُهي سنڌ کي پنهنجو سمجهن، نه ته سنڌ جيڪو فيصلو ڪيو ان کي ڪو روڪي نه سگهندو: بشيرقريشي
حيدرآباد : جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين بشير خان قريشي چيو آهي ته سنڌي قوم سائين جي ايم سيد جي عدم تشدد واري نظريي جي پوئلڳ آهي. ماڻهن جون دليون دهشتگردي سان نه پر محبت سان کٽي سگهجن ٿيون. سنڌي قوم سنڌ ڌرتي کي پنهنجي ماءُ تصور ڪري ٿي، سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ۾ ملوث عنصر خدا تعاليٰ جي عذاب کان ڊڄن. سنڌ جي ڀتين تي سنڌ ورهائڻ وارا نعرا سنڌي ماڻهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندا. سنڌ۾ مستقل رهندڙ اردو آبادي جو مستقبل سنڌ سان آهي. مهاجر نالي دنيا ۾ ڪٿي به قوم ناهي. اردو ڳالهائيندڙن کي اسان دلي طور پنهنجو ڀاءُ تسليم ڪري سيني سان لڳايو آهي. متحده سان سڀ کان پهريان اسان هٿ ملايو هو، متحده اسان کي مايوس ڪيو. ذوالفقار مرزا ۽ الطاف حسين ۾ هڪجهڙائي آهي. ٻئي پاڪ فوج جي ساراهه ۾ پورا آهن. هن اهڙو اظهار ڪالهه پريس ڪلب حيدرآباد جي صدر جعفر ميمڻ جي دعوت تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ميٽ دي پريس کي خطاب دوران ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اردو ڳالهائيندڙ ڀائر سنڌ جي ٻين ضلعن جي ماڻهن کان وڌيڪ خوشحال آهن. انهن کي صحت، تعليم، رهائش جو اعليٰ ترين سهولتون ميسر آهن. جڏهن ته سنڌ جي باقي شهرن جي رهواسي 70 سيڪڙو سنڌين کي ڇت به پنهنجي ناهي. ڪکاون گهرن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. ڪراچي ۾ ٿيندڙ جهڙو متحده ۽ پٺاڻن جو آهي، انهن وچ ۾ بيگناهه سنڌين کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ سنڌي ٻنهي جا متاثر آهن. هن چيو ته اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو تسليم ڪيو آهي ۽ انهن کي به گهرجي ته سنڌ کي دل سان پنهنجو ڪن. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ سنڌ جيڪو فيصلو ڪيو، ان کي ڪير به روڪي نه سگهندو. هن چيو ته اسان ڪڏهن به ڪوريج لاءِ ميڊيا تي دٻاءُ نه وڌو آهي پر ميڊيا ٻين ڌرين کي 3-3 ڪلاڪ ٽائيم ڏئي ڊانس ڏيکاري آهي. جڏهن ته جيو سان ڪوريج جو جهڙو نه پر سنڌ کي ورهائڻ لاءِ بحث لاءِ ماحول تيار ڪرڻ تي جهيڙو هو ۽ اسان ڪهڙي به طرح سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه قبول نه ڪنداسين. هن چيو ته سائين جي ايم سيد انگريزن جي غلامي مان آزادي لاءِ هڪ آزاد رياست جي صورت ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ 1943 ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ سائين جي ايم سيد ٺهراءُ پيش ڪيو، پاڪستان جي ٺهڻ بعد حڪمران معاهدن تان ڦري ويا ۽ ون يونٽ مڙهيو ويو ۽ اڳوڻي سنڌ جهڙي لقبن سان سنڌ کي نوازيو ويو، جنهن بعد سائين جي ايم سيد آزادي جو نعرو هنيو، جنهن بعد سائين جي ايم سيد 33 سال جيل ۾ گذاريا ۽ قيدي جي صورت ۾ شهادت ماڻي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي پوٽي لاءِ پي آءِ اي ۾ ضياءُ الحق کان نوڪري نه گهري هئي پر سائين جي پوٽي کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪري ملي هئي ۽ اسپتال ۾ بيماري جي بستري تي سائين جي ايم سيد جي ٻانهن تي ڪاري پٽي ٻڌل هئي، جنهن بابت ضياءُ الحق سائين کان معلوم ڪيو هو ته سائين توهان ڪاري پٽي ٻڌي آهي ڇو ؟ جنهن تي سائين جواب ڏنو ته اسان جي سنڌ جو رواج آهي ته جنهن ماڻهو جا خون ٿيندا آهن اهي پلاند وٺڻ تائين ڪارو پٽڪو، ڪارا ڪپڙا پهريندا آهن ۽ مون ڪاري پٽي به ان ڪري ٻڌي آهي. هن چيو ته سائين جي ايم سيد پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ واري فيصلي تي پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪيو هو. هن صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته چڪرا ڳوٺ تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. هن سوال جي جواب ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ طرفان ڪراچي رتوڇاڻ واقعي جو نوٽيس وٺڻ سٺو عمل آهي پر سانگهڙ ۾ سرائي قربان کهاوڙ، نور الله تنيو، روپلو چولياڻي ۽ ٻين کي گوليون هڻي لاشن کي باهه ڏئي ساڙڻ جو چيف جسٽس پاڻمرادو ڇو نوٽيس نه ورتو آهي. چيف جسٽس منهنجي مٿان قاتلاڻي حملي جو نوٽيس ڇو نه ورتو هو. ذوالفقار مرزا تي قاتلاڻي حملي جي منصوبي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لياري ۾ امن ڪميٽي جي ماڻهن ڪڇي برادري جي 70 نوجوانن کي قتل ڪيو هو ۽ اتان چار هزار خاندان لڏپلاڻ ڪري ويا، جڏهن ته اتان ڪڇي برادري جي نوجوانن کي اغوا ڪيو ويو. جنهن لاءِ ذوالفقار مرزا کي فون ڪري هٿ ٻڌي انهن جي جان بخشڻ لاءِ عرض ڪيو هو، گهڻي منٿون ڪرڻ بعد ذوالفقار مرزا راضي ٿيو ۽ چيو ته آئون ڪوشش ڪريان ٿو، جنهن بعد نوجوانن کي آزاد ڪري ٻن ڄڻن پٺيان 4 ڪلاشنڪوف ڏئي گرفتاري ظاهر ڪرائي وئي. باقي ذوالفقار مرزا کي قتل ڪرڻ منصوبي جا الزام بي بنياد آهن. هن چيو ته ٿيل برساتن سبب نه پر حڪومتي ڪامورن ۽ سياستدانن جي نااهلي سبب تباهي آئي سنڌ ۾ ٿيل تباهي جا ذميوار حڪمران ۽ ڪامورا آهن. هن سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري کي اپيل ڪئي ته هو بدامني سبب سنڌ نه ڇڏي وڃن. هو اسان جا ڀائر آهن. هن چيو ته جيڪب آباد ۾ بدامني سبب هندو خاندان پنهنجو سنڌ وطن ڇڏي وڃي رهيا آهن، جڏهن ته امن امان قائم ڪرڻ حڪمرانن جي ذميواري آهي. هن چيو ته اسان هنن جي گهرن جي چوڪيداري ڪئي ۽ انهن جي هر مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
مانيٽرنگ ڊيسڪ