ماڻهن کي تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي حڪومت جو اولين فرض آهي: ڊي سي او حيدر آباد
حيدرآباد: ضلعي ايڊمنسٽريٽرحيدرآباد احمد بخش ناريجو چيو آهي ته راڻي باغ مان برساتي پاڻي جي نيڪال وارو ڪم هنگامي بنيادن تي هلندڙ آهي جڏهن ته گهڻو ڀاڱي برساتي پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو ويو آهي . اهڙن خيالن جو اطهار هن اڄ حيدرآباد جي راڻي باغ ۾ پاڻي جي نيڪال واري ڪم جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو .ان موقعي تي تعلقي ايڊمنسٽريٽر، ٽي ايم او قاسم آباد ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چڙياگهر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.ضلعي ايڊمنسٽريٽر احمد بخش ناريجو چيو ته راڻي باغ ۾ پاڻي جي نيڪال وارو نظام بهتر نه هئڻ سبب برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون پر ٽي ايم ايز قاسم آباد جي ڪوششن سان گهڻي ڀاڱي برساتي پاڻي کي نيڪال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽي ايم ايز جو عملو ڏينهن رات برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ واري ڪم ۾ مصروف عمل آهي .هن چيو ته ماڻهن کي تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي حڪومت جو اولين فرض آهي ۽ راڻي باغ حيدرآباد جي اها واحد تفريحي گاهه آهي جتي حيدرآباد ٻهراڙي توڙي اندرونين سنڌ مان ماڻهو تفريحي لاءِ اچن ٿا تنهنڪري برساتي پاڻي جي مڪمل نيڪالي کانپوءِ راڻي باغ جي مرمت ، خوبصورتي ۽ چڙيا گهر ۾ جانورن جي انگ ۾ واڌاري لاءِ اثرائتي حڪمت عملي جوڙِي ويندي.هن، لاڳاپيل عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو راڻي باغ جي مناسب سارسنڀال ،جانورن جي بهتر کاڌ خوراڪ کان علاوه باقائدگي سان جانورن جي طبي چڪاس ڪرائڻ کي يقيني بڻائين ته جيئن چڙيا جي گهر جي جانورن کي صحتمند رکڻ سان گڏوگڏ سندن واڌ وايجهه کي پڻ هٿي وٺرائي سگهجي .هن واسطيدار عملدارن کي اهو به چيو ته هوچڙيا گهر جي پڃرن ۾ جانورن کي قدرتي ماحول فراهم ڪرڻ سميت سم کي ختم ڪرڻ ۽ ڊرينيج جي بهتري لاءِ هڪ جامع رٿابندي جوڙين . ان کان علاوه هن ، عملدارن کي اها به هدايت ڪئي ته هو راڻي باغ ۾ پاڻي جي نيڪالي لاءِ ڊي واٽرنگ پمپ جو انگ وڌائين ۽ آئنده راڻي باغ انتظاميه کي شمسي توانائي مان هلندڙ ڊي واٽرنگ پمپ فراهم ڪيا ويندا جنهن سان نه فقط بجلي جي بچت ٿيندي بلڪه لوڊ شيڊنگ دوران به بنا رنڊڪ پمپ ڪم ڪندا رهندا .