فهد علي شاه جيلاني اين جي او جي وفد سان گڏ ٺري ميرواھ جي 11 يوسيز جو دورو
بوزدار وڏا (رپوٽ جمشيد احمد شر) پ پ پ اگواڻ سيد جاويد علي شاه جيلاني جي هدايت تي سندس فرزند سيد فهد علي شاه جيلاني جي 11يوسيز متاثرن علائقن جو دورو ورڊ ليول جي NGO ورلڊ وين پاڪستان جي ٽيم ساڻن گڏ هئي محتلف يوسيز ۽ ڳوٺين گھرن جي سروي ڪئي انھڻ ٻڌايون ته اسان برسات متاثرن سان هر وقت گڏ آهيو ڳوٺ ملڻ فقير جانوري، ڳوٺ کبڙ جوڳي ، نندي ٺري ، مروڙو، ميرس ڪالوني ۽ ڊيڊاڻو ۾ برسات متاثرين جي ٽيل نقصان جي ورلڊ ليول جي NGOکان سروي ڪرائي وئي ان موقعي تي سيد فھد علي شاھ جيلاني چيو ته هي قدرتي آفتون آهن جن کي سڀ گڏ جي منهن ڏينداسين پ پ پ حڪومت هميشه غريب جي بهچ عوام جي ڀرجهلائو رهي آهي هن وقت حڪومت ڪافي چيلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي بعد ۾ ٺري ميرواھ شهر ۾ رٽائرڊ ڪمشنر ظفر علي شر جي رهائش گاھ تي مانجهاندي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جئي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته ميرواھ تعلقه کي 90% نقصان ٿيو آهي اسن وڌ کان وڌ پنهنجي طرفان ۽ حڪومت ۽ NGO جي طرفان ٺري ميرواھ جي برسات متاثرين سان هر ممڪن تعاون ڪنداسون ۽ ميرواھ جي عوام کي ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه چئدينداسين. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ سردار علي شر،قائم علي شر، اڊوڪيٽ نصرت علي ،شمس لاشاري ، جمشيد احمد شر، منظور حسين ،علي اصغر دستي ۽ بيا موجود ھئا.