فقير غلام رسول شر ٺري ميرواه جي مختلف متاثر ٿيل ڳوٺن جو دورو ڪيو امداد جي غير منصفانه ورڇ تي احتجاج
ٺري ميرواھ (رپورٽر محمد اقبال سومرو) فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلع خيرپور جي اڳوڻ فقير غلام رسول شر ٺري ميرواهه جي مختلف ٻوڏ متاثر ڳوٺن جو دورو ڪرڻ کان پوءِ چيو آهي ته حڪومت ۽ حڪومتي ڪامورا امداد جي نالي تي ٻوڏ ستايل سان سنگين مذاق ڪري رهيا آهن. حڪومتي عملدار امداد مستحق ماڻهن کي ڏيڻ بداران پارٽي ورڪن جي نمائندن کي ڏئي رهيا آهن جيڪي غريبن جي مدد ڪرڻ بدران امدادڏيڻ کي سياسي بڻائي رهيا آهن اهي صرف پهنجي پارٽي ورڪرن يا ووٽرن کي ورهائڻ پيا ۽ ٻين پارٽين سان تعلق رکندڙ ٻوڏ متاثر بي يارور مددگار آهن ۽ آفيسرن جي درن ۽ جيالن جي اوطاقن تي دربدر ٿي رهيا آهن اسان حڪومت جي اهڙي عمل جي مذمت ڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته بنا فرق جي جي حقدارن کي امداد ورهاست کي يقيني بڻايو وڃي ۽ هن ڏکي مهل ۾ هن عمل کي سياسي بڻائڻ بدران مجبور ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي هن عمل کي اشتهاري مهم جو حصو نه بڻايو وڃي ان موقعي تي فقير عبدالله شر، ۽فقير درمحمد جلباڻي ساڻس گڏهئا.