ٺري ميرواھ

صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ سان امن ،پيار، ۽ ڀائيچاري جو درس ملي سگهي ٿو؛ فقير درمحمد جلباڻي

Jalbani ٺري ميرواهه (رپورٽر محمد اقبال سومرو) فقير درمحمد جلباڻي چيو آهي ته صوفين هميشه حق سچ جو درس ڏنو آهي اڄ جي دور ۾ صوفين جي پيغام کي عام ڪرڻ سان امن،پريم، ڀائيچارو انسانيت برقرار رهي سگهي ٿي.
سنڌ بزرگن ولين، درويشن ۽ فقيرن جي ڌرتي آهي جن جو فيض صدين گذرڻ بعد به ساڳيو نظر اچي ٿو جتي اڄ به روحاني رهبري ۽ فيض جو سلسلو جاري آهي ان فيض جو هڪ چشمو مرشد هادي شهنشاه فقير مهدي سائين جهانيان سرڪار آهي جنهن جو فيض مان هزارين فقير، طالب مريد ،فيضاب ٿيا آهن ۽ اڄ به سلسلو جاري آهي . مهدي نالو حق جو آهي اڄ جي دنيان ، حق ڇڏي ڪوڙ جي پٺيان ڪاهي پئي آهي، حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سڄي دنيان صرف ٻه جملن تي قائم آهي حق ۽ سچ ته اسان انسان ذات لاءِ محبت ڪري حق ۽ سچ جو دنيا قائم ڪريون ان لاءِاسان تي فرض آهي ته سڀ گڏجي ان تي عمل ڪر ڻ جي ڪوشش ڪريون اڄ جي دور ۾ حق پيغام پهچائڻ کي عام ڪريو ته جيئن هن دنيان تي رهندڙ انسانن کي امن ڀائچاري سان هن ڪوڙي دنيان ۾ بي بقا زندگي جون ڪجهه گهڙيون امن سان گهاري سگهجن.
ان لاءِ فقيرن بزرگن،ولين جي پيغام ڏنل درس تي عمل ڪرڻ ۽ پڙهڻ ۽ فقيرن جي صحبت ڪرڻ روح رهاڻ تمام ضروري آهي. ان لاءِ هي ناچيز بنده ڪوشش ڪندو ته مختلف ڪتابن ۽ رسالن تان گڏ ڪري اوهان دوستن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button