روس سان پاڪستان جا انتهائي ويجها ۽ اعتماد وارا لاڳاپا رهيا آهن: سسئي پليجو
حيدرآباد: روس سان پاڪستان جا انتهائي ويجها ۽ اعتماد وارا لاڳاپا رهيا آهن جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ مضبوط لاڳاپن جي بيناد تي اسٽيل ملز جهڙا تحفا پاڪستان جي عوام کي مليا . اهڙو اظهار . صوبائي وزيرثقافت محترمه سسئي پليجو، سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ” رشين سينٽر آف سائنس ۽ ڪلچر “ ۽ سنڌ ثقافت کاتي پاران ”رشيا ٽو ڊي “ جي عنوان هيٺ منعقد ڪرايل تصويرن جي نمائش جي افتتاحي تقريب ۾ موڪليل پنهنجي پيغام ۾ ڪيو _ هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي موجوده حڪومت پڻ روس سان اعتماد واري فضا کي بحال ڪرڻ واري مقصد تحت لاڳاپن کي هٿي وٺرائي رهي آهي . هن چيو ته تصويري نمائش ڏسڻ سان اسان جي نوجوان نسل ۽ اسڪولي ٻارڙن جي همٿ افزائي سميت روس جي ثقافت ، تهذيب ۽ معاشري بابت چڱي ريت ڄاڻ ملندي. ان موقعي تي ”رشين سينٽر آف سائنس ۽ ڪلچر پاران ”مئريج پرپوز“ ۽ دي بيئر“ جي نالي سان ٿيٽر پيش ڪيا ويا . تقريب ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري ڪلچرسيد اشفاق موسوي، ڊائريڪٽر ثقافت ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ، ڊائريڪٽر ريشين سينٽر سري ڪوزينٽو ، محمد ايوب جمالي ، شڪيلا وحيد ۽ ضياءُ الدين پڻ موجود هئا.