خيرپور

خيرپور ضلعي جي 136 مختلف اسڪولس کي ڪئمپس اسڪول بڻائي ٻيا اسڪول ضم ڪيا پيا وڃن: اِي ڊي او ايجوڪيشن

EDO E Ghulam Asghar Memon1خيرپور : اِي ڊي او ايجوڪيشن خيرپورغلام اصغر ميمڻ هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ضلعي خيرپور اندر تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته حڪومتِ سنڌ جي تعليم کاتي جي “ اسڪول ڪنساليڊيٽيڊ پاليسي” مطابق ضلعي اندر مختلف ساڳين علائقن جي 500 ميٽر اندر هلندڙ مختلف اسڪول کي هڪ مرڪزي اسڪول سان ڳنڍي ڪري حڪومت جي وسيلن کي موثر انداز سان ڪتب آندو پيو وڃي. هن پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ته استاد تنظيمن جي اڳواڻن جا ان سلسلي ۾ خدشات دور ڪرڻ جي لاءِ ڊي سي او خيرپور پاران کين گڏجاڻي ڪرڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو هو پرانهن احتجاج جو رستو اختيار ڪريو. اِي ڊي او ايجوڪيشن واضح ڪيو ته اهڙي پاليسي سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران جوڙي وئي آهي ته جيئن صوبي اندر تعليم جي معيار کي بهتر بڻايو وڃي جڏهن ته استاد تنظيمن جي اڳواڻن اسڪول ڪنساليڊيٽيڊ پاليسي کي ضلعي حڪومت جي پاليسي سمجهڻ غلط فهمي جو نتيجو آهي. اِي ڊي او ايجوڪيشن غلام اصغر ميمڻ وڌيڪ ٻُڌايو ته اهڙي پاليسي سڄي صوبي ۾ نافذ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته اهڙي پاليس تحت خيرپور ضلعي جي 136 مختلف اسڪولس کي ڪئمپس اسڪول بڻائي ٻيا اسڪول ضم ڪيا پيا وڃن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي پاليسي تحت ڪنهن به استاد جي نوڪري يا سينارٽي متاثر نه ٿيندي جڏهن ته ضلعي اندر تعليمي معيار ۾ بهتري ايندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button