حيدر آباد

تازين برساتن دوران 977363مريضن جو علاج ڪيو ويوآهي: ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ

Healthحيدرآباد : ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ سنڌ حيدرآباد ٻڌايوآهي ته تازين برساتن دوران هن وقت تائين مقررڪيل ۽ گشتي طبي ڪيمپن ذريعي 977363مريضن جو علاج ڪيو ويوآهي. هن چيو ته هڪ جاءِ مقرر ڪيل 241۽ 162گشتي طبي ڪيمپن کي فعال بڻايو ويو آهي جتي 1450 ماڻهن تي مشتمل طبي عملو پنهنجا فرض ادا ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته977363مريضن مان 441038مريضن جو مقرر ڪيل طبي ڪيمپن ۾ علاج ڪيو ويو جڏهن ته 536325 مريضن کي گشتي طبي ڪيمپن ذريعي علاج جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. پنهنجي رپورٽ ۾ هن وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته برسات متاثرن ۾ چمڙي جون بيماريون وڌيڪ پکيڙجي رهيون آهن ۽ هن وقت تائين 162400 چمڙي جي بيماري ۾ ورتل مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي جڏهن ته اکين جي انفيڪشن جي بيماري جي49587 مريضن جو علاج پڻ ڪيو ويو _ هن وڌيڪ ٻڌايو ته 2901مريضن جو مليريا ٽيسٽ پازيٽو آيو آهي جڏهن ته 186650 مريضن جي تشخيص ڪئي پئي وڃي _ هن چيو ته مقرر ڪيل ۽ گشتي طبي يونٽن ذريعي نانگ جي ڏنگيل جي ويڪسيئن ۽ ٻيون دوائون پڻ فراهم ڪري رهيا آهيون. ان کان علاوه 631نانگ جي ڏنگيل مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي. ڊي جي هيلٿ وڌيڪ ٻڌايو ته 24سيپٽمبر 2011 تائين 502 ماڻهن جي برسات سبب مختلف واقعن ۾ زخمي ٿيڻ ۽ 85 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي رپورٽ آئي آهي _ هن چيو ته احتياطي انتظامن طور برسات متاثر علائقن ۾ مليريا جي خاتمي لاءِ اسپري ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ٻارڙن ۽ ڳورهاري عورتن کي حفاظتي ٽڪا پڻ لڳايا پيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button