برسات ۽ ٻوڏ ستيل فنڪارن ۽ اديبن کي امدادي ڏنا ويا
حيدرآباد: سنڌ جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو جي هدايتن تي سنڌ جي برسات ۽ ٻوڏ سٽيلن علائقن جي 41 فنڪارن ۽ اديبن کي 20-20 هزار رپين جا چيڪ مالي سهائتا طور ڏنا ويا جن ۾ بدين ، ٺٽي ، سانگهڙ ، ميرپورخاص ، مٺي ۽ ٽنڊو محمد خان جا فنڪار ۽ اديب شامل آهن . فنڪارن ۽ اديبن ۾ غوث بخش بروهي ، محمد حسن ملاح ، محمد آچار سميجو ، جئرام جوڳي ، محمد ابراهيم ملاح ، مائي ڊاهي ، تاج پليجو ، جمن احمداڻي ، شاهنواز خاموش ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته ٺٽي ۾ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ، حيدرآباد ۾ تاج جويو ۽ محمد ايوب جمالي . کان علاوه ميرپور خاص ۾ مجنون خاصخيلي اهي چيڪ فنڪارن ۽ اديبن ۾ ورهايا. ان موقعي تي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته تازين برساتن ۾ جتي سموري سنڌ جا لکين ماڻهو متاثرٿيا آهن اتي فنڪار ۽ اديب پڻ تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن جن جي مالي سهائتا ڪرڻ به تمام ضروري آهي .