اسلام آباد

برسات سبب وڌيڪ 27 ڄڻا فوت، بدين مان هزارين ماڻهن جي لڏپلاڻ،ڪلوئي۽ ستون ميل شهر خالي ڪرڻ جو حڪم

Badin rain51اسلام آباد : برسات متاثرن علائقن ّ۾ حالتون بدستور خراب آهن ۽ مختلف واقعن ۾ وڌيڪ 27 ڄڻا فوت ٿي ويا.ٺٽي جي غلام الله شهر ۾ گيسٽرو وگهي ٻن سالن جو شڪيل گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو،جڏهن ته 20 کان وڌيڪ اسپتال داخل آهن.عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ چيل بند ۾ برسات متاثر ٻن ورهين جي نينگري پريمي ۽ مونوٽيڪنيڪل ڪاليج ڪيمپ ۾ ترسيل 6 ورهين جو راجيش اوڏ فوت ٿي ويا.ساڳي علائقي جي ڳوٺ نونهٽو ۾ گيسٽرو وگهي 40 ورهين جو بلال هاليپوٽو، 65 ورهين جو چمن ڪولهي ۽ 6 ورهين جو چيتن ڪولهي فوت ٿي ويا.ٽنڊي الهيار جي ڳوٺ گولو ميرجت ۾ نوجوان حفيظ ميرجت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.ساڳي علائقي جي ڳوٺ مسڻ وڏي ۾ نينگري نرمل گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي.ٻڍو قمبراڻي جي ڳوٺ حاجي رحمت الله آرائين ۾ 60 ورهين جو ماڙو ڪولهي گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو.ڪوٽ غلام محمد جي قائم خاني هال ۾ رهندڙ برسات متاثر نينگر نور حسن تيز بخار سبب فوت ٿي ويو.ڪنري جي ڳوٺ صوفي شوڪت ۾ گهرن جون ڀتيون ڪرڻ سبب ٻن ورهين جو شمشاد ڪشڪوري ۽ هڪ سال جي ڪويتا فوت ٿي ويا.ساڳي علائقي جي ڳوٺ دڙيلو وٽ ٻن ڄڻن ۽ ڳوٺ پليو خان رند وٽ ٻن ٻارڙن جا لاش برساتي پاڻي ۾ لڙهندي ڏٺا ويا.جهنڊي مري تعلقي جي ڳوٺ حاجي پيارو خاصخيلي ۾ برسات متاثر الهڏنو بلوچ بيماري وگهي فوت ٿي ويو.ماتلي ويجهو ڳوٺ ملهڻ جو رهواسي 55 ورهين جو ڀارل ڪولهي فوت ٿي ويو.صالح پٽ ويجهو برسات متاثر ڳوٺ جان محمد مهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب رسول بخش بهڻ فوت ٿي ويو.دولتپور صفن جي ڳوٺ يوسف انڙ ۾ 13 ورهين جو امد انڙ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.ڀٽ شاهه جي ڳوٺ بلاول شاهه ۾ گيسٽرو وگهي الطاف حسين خاصخيلي فوت ٿي ويو.ساڳي علائقي جي لطيف ڪالوني ۾ ٽن ورهين جي نينگري پاشا چهواڻ گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي.پني عاقل جي عباسي پاڙي ۾ 35 ورهين جو ثناءُ الله بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.ٽنڊي آدم جي ڳوٺ باقر موري ۾ 7 ورهين جو صدورو خاصخيلي فوت ٿي ويو.سنڌڙي جي سوي ڦلهڏيون ۾ گيسٽرو وگهي معصوم نينگر چيلو ڀيل ۽ مسمات حاڪمزادي فوت ٿي ويا. ڊگهڙي جي ڳوٺ محمد خان جروار ۾ 4 ورهين جي نينگري عاليه شاهه گيسٽرو سبب حياتي وڃائي ويٺي.. بدين ضلعي کي برساتي ٻوڏ ۽ ايل بي او ڊي جي گهارن ٻوڙي ڇڏيو آهي،جڏهن ته چئن ضلعن جو پاڻي اچڻ سبب بدين ضلعي جون 12 يونين ڪائونسل مڪمل طور تي ٻڏي ويون آهن .بدين ضلعي ۾ برسات کانسواءِ نوابشاهه، سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ ٽنڊي الهيار ضلعن مان آيل پاڻي تباهي مچائي ڇڏي آهي.ايل بي او ڊي کي شادي لارج واري علائقي ۾ آرڊي 204 وٽان وڌيڪ هڪ گهارو پئجي ويو،جنهن سبب شادي لارج ۽ کوسڪي شهر ٻڏڻ جو خطرو آهي.ڊي سي او ڪاظم جتوئي ٽنڊي باگي جي 6 يونين ڪائونسلن کي خالي ڪرڻ لاءِ آخري وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته انتظاميه پاران شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا ويا آهن. انتظاميا پاران کوسڪي ۽ شادي لارج شهر خالي ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪيو ويو هو،جنهن بعد شهرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. ٻنهي شهرن ۾ ڊپ وارو ماحول پکڙيل هجڻ باوجود اڪثر شهرين گهر خالي ڪرڻ کان پڻ انڪار ڪيو آهي.سيڊا جي ڊائريڪٽر حبيب عرساڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته چئن ضلعن جو پاڻي اچڻ سبب ايل بي او ڊي جي سطح وڌي رهي آهي،جنهن ڪري کوسڪي ۽ نندي شهر کي فوري خالي ڪرائڻو پوندو.تلهار ۾ سم نالي ۽ سلطاني شاخ کي لڳل گهارو 15 ڏينهن کان بند نه ٿي سگهيو جنهن سبب وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي. بدين ضلعي ۾ 700 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات پوڻ سبب صورتحال خطرناڪ ڄاڻائي پئي وڃي. ضلعي ۾ مواصلاتي نظام پڻ تباهه ٿي ويو آهي،جنهن ڪري اڪثر علائقن ۾ زميني رابطو مڪمل طور تي ڪٽيل آهي.اکين ڏٺن شاهدن موجب ضلعي جا ڪجهه اهڙا علائقا پڻ آهن،جتي ماڻهن پنهنجو الهه تلهه لڙهي وڃڻ کانپوءِ وڻڻ تي پناهه ورتي آهي
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button