آرٽيڪل

برسات، بدين ضلعي ۾ ٿيل بربادي ۽ لاتعلق بڻيل سرڪار

محمد خان سمون/بدين
Badin rain2هاڻي ته اهي سمورا فصل پاڻي هيٺ اچي ٻڏي ويا آهن، جن جي پوکڻ مهل لاڙ جي هارين اهو ضرور سوچيو هوندو ته هيلوڪي فصل مان زميندار جو قرض به لاهبو، نياڻي به اٿاربي ۽ اڪيلي پٽ جو وڏو وهانءُ به ڪبو، مگر اکڙين جي پنبڻين ۾ کڻي گهمندڙ اهڙا خواب سندن گذريل ٽن ڏينهن جي برسات ٽوڙي ڇڏيا. لاڙ جي پٽي، گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهڙين قدرتي آفتن کي منهن ڏيندي آئي آهي، سو هنن پڊن تي هيلوڪا مينهن ڪا نئين ڳالهه ناهن. 1964ع جو طوفان، 1974ع جي ٻوڏ، 1979ع جي ٻوڏ، 1994ع جي ٻوڏ، 1999ع جو طوفان، 2003ع جي ٻوڏ جي ڪري هي علائقا هر چوٿين پنجين سال ڪنهن نه ڪنهن مصيبت کي منهن ڏيندا آيا آهن، مگر هيلوڪي برسات هن علائقي واسين جي اندازي کان به وڌيڪ ٿي آهي، جتي سنڌ حڪومت دريائي بند ٻڌڻ ۾ مصروف عمل هئي ۽ اسان سڀني جون نظرون به دريا بادشاهه جي دهشت تي هيون، مگر هي سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ ٿيو. سومر، اڱاري جي وچ واري رات کان شروع ٿيل برسات جمع جي ڏينهن تائين وسندي رهي، جنهن ۾ ڪوبه وقفو نه هو. اهڙي برسات جي ڪري سموري ضلعي ۾ بجلي نه هجڻ ڪري انيڪ مسئلن کي رهواسي منهن ڏيئي رهيا آهن. فون ۽ موبائيل جو رابطو ڪٽجڻ ڪري به دشواري پيش اچي رهي آهي، بجلي نه هجڻ ڪري ضلعي بدين جي اڪثر شهرن ۾ پاڻيءَ جي سپلاءِ به بند آهي، جنهن ڪري پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ کي علائقي واسي منهن ڏيئي رهيا آهن. گهڻي برسات پوڻ ڪري ضلعي جي هيٺانهين وارا ڳوٺ ۽ علائقا پاڻيءَ هيٺ آهن، لنڪ روڊ ۽ ڪچيون پٽڙيون به پاڻيءَ هيٺ آهن، جنهن ڪري ٻهراڙين وارن علائقن جي رهواسين کي محفوظ هنڌن تي پهچڻ ۾ دشواريون پيش اچي رهيون آهن. مسلسل برسات جي ڪري ضلعي جي پنجن ئي تعلقن جي 46 يونين ڪائونسلن ۾ فصل پاڻي هيٺ آهن، جيڪو پڻ هڪ وڏو معاشي نقصان آهي. گهڻي وقت کانپوءِ علائقي ۾ پاڻيءَ جي دستيابيءَ جي ڪري هيل فصل به ڀلا ٿيا هئا، مگر اهي ساريون، ڦٽيون، مرچ، ٽماٽا هاڻي پاڻيءَ هيٺ آهن. هنن برساتن دوران اڪثر ڳوٺن ۾ڪچا پڪا ۽ ڪاٺ مان ٺهيل گهر، ديوارون ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جنهن سبب ڳوٺن توڙي ڪچين آبادين ۾ ماڻهو کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن. پنگريو، سمن سرڪار، ملڪاڻي شريف، ڪڙيو گهنور، کورواهه، تلهار، سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ، ڪڍڻ، مٺي ٿري، ماتلي سميت ضلعي جي سمورن ننڍن توڙي وڏن شهرن، ڳوٺن ۾ماڻهو بي يار و مددگار آهن. اڪثر علائقن جا ماڻهو ڀرپاسي جي اسڪولن ۽ اسپتالن، ڪاليجن ۾ پاڻمرادو اچي ويهي رهيا آهن، جتي کين کاڌ خوراڪ سان گڏوگڏ طبي سهولتن جي پڻ فراهميءَ جي ضرورت آهي. بدين جي ساحلي پٽي، جيڪا پڻ ڪافي عرصي کان قدرتي آفتن جي ور چڙهيل آهي، اتي پڻ ساڳئي صورتحال آهي. مسلسل برسات جي ڪري اڪثر ڳوٺ پاڻي هيٺ آهن. اتي موجود وڏي سم نالي LBOD جي ابتي وهڻ ۽ پاڻي جي گهڻي موجودگيءَ جي ڪري خوف واري صورتحال آهي. اتان جا رهواسي محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيڻ لاءِ پريشان آهن، پر هيستائين کين محفوظ هنڌن تي پهچائڻ لاءِ ڪابه حڪمت عملي نه جوڙي ويئي آهي. ضلعي جي اڪثر ننڍن سم نالن جي کاٽي نه ٿي آهي، جي ٿي آهي ته صرف ڪاغذن ۾، جنهن ڪري اهي ناڪارا بڻجي ويا آهن، جن ۾ امير شاهه جي سم نالي سميت ڪجهه هنڌن تان گهارا پڻ پيا آهن، جنهن جي ڪري پڻ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي. چوڻ جو مقصد ته هي علائقا، جيڪي ڪيتري ئي عرصي کان قدرتي آفتن جي ور چڙهيل آهن، مگر غير موثر حڪمت عملي، ۽ بهتر انتظام نه هئڻ ڪري هر دفعي زياده نقصان ٿئي ٿو. ضلعي ۾ جوڙيل ڊزاسٽر مئنجمينٽ سيل بلڪل ناڪاره ٿي چڪو آهي. حالانڪ ضلعي بدين جو هڪ عالمي اداري جي تعاون سان ڊزاسٽر مئنجمينٽ پلان پڻ جوڙيل آهي، مگر سال جا 11 مهينا خاموش رهي صرف مون سون جي وقت هڪڙي گڏجاڻي ڪري ”سڀ ٺيڪ آهي“ جو راڳ آلاپيندڙ عملدارن کان ڪير پڇاڻو ڪندو ته هر دفعي آفت اچڻ کان پوءِ ئي اهي سجاڳ ڇو ٿا ٿين؟ ضلعي حڪومت بدين جي انگن اکرن موجب، هن مهل تائين 105 امدادي ڪئمپن ۾ 39 هزار 8 سئو برسات متاثر اچي چڪا آهن، ۽ اهو سلسلو اڃا به هلندڙ آهي، (اهي سرڪاري انگ اکر آهن، جڏهن ته اصل تعداد تمام گهڻو آهي) اهي ٻوڏ متاثر، جيڪي بر وقت پنهنجن ڳوٺن مان نڪري نه سگهيا، انهن بابت مختلف اطلاع اچي رهيا آهن ته اهي اڃا تائين انهن علائقن ۾ ڦاٿل آهن، جتي سواريءَ جو بندوبست نه هجڻ ۽ رستا پاڻيءَ هيٺ هجڻ ڪري اهي نڪري ناهن سگهيا، جن ۾ بدين جي ساحلي پٽيءَ جي رهواسين جو هڪ وڏو تعداد شامل آهي. ضلعي انتظاميا جي سست رفتاريءَ واري ڪم ۽ امدادي ٽيمن جي نه پهچڻ ڪري سندن حياتيون داءُ تي لڳل آهن. پهڊمي، سيراڻي- ڪڍڻ روڊ سميت سمورا علائقا، جتي نه فقط برساتي پاڻي، پر ڍنڍن، ننڍن واهن، سم نالن جي گهارن ڪري پاڻيءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. رمضان شريف ۾ کين سحري ۽ افطاري ۾ پڻ سخت تڪليفون پيش اچي رهيون آهن. ملڪاڻي شريف ۾ علائقي واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت 500 کان مٿي برسات متاثرن کي سحري ۽ افطاري ڪرائي رهيا آهن، ۽ اتي اڃا تائين سرڪار پاران ڪابه واهر نه ڪئي ويئي آهي. سڄي ضلعي مان اهڙا SMS پڻ هلي رهيا آهن ته هنن هنن ڳوٺن ۾ هيتري تعداد ۾ ماڻهو ڦاٿل آهن، جن کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ جي ضرورت آهي، جن ۾ سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ، پهڊمي وغيره جا علائقا پڻ شامل آهن. ٿيڻ ته ائين کپي ته اهڙين قدرتي آفتن جي ستايل علائقن ۾ مستقل بنيادن تي هنگامي سيل هر وقت موجود هجن، جيڪي هر آفت اچڻ کان اڳ ۾ انهيءَ کان بچاءُ لاءِ احتياطي اپاءُ وٺن. ٻي صورت ۾ امير شاهه جي سم نالي جي گهاري ۾ ٻڏي فوت ٿيل رمضان منڌرو ۽ ٻوڏ ۾ فوت ٿيل ٻين ماڻهن جي پونئيرن وٽ حڪمرانن کي تعزيت بهاني ووٽ وٺڻ لاءِ اچڻ جا موقعا ته ملندا رهندا، پر ماڻهن تان انهن آفتن جو آزار ٽري نه سگهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button