حيدر آباد

”سنڌ جو ورهاڱو نامنظور“ سنڌ سراپا احتجاج، عوام روڊن تي اچي ويو، اڄ هڙتال جو سڏ

Protest against Division of Sindh 1حيدرآباد: حڪومت پاران سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ورهائڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، سنڌ جو عوام روڊن تي اچي ويو، پ پ حڪومت جي اهڙي فيصلي خلاف سخت رد عمل ظاهر ڪيو ويو آهي. ڪراچي کان ڪشمور، ڪارونجهر کان ڪي ٽي بندر تائين سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. جيئي سنڌ تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ پاران اڄ سڄي سنڌ ۾ شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. قومپرستن، سياستدانن، اديبن اڄوڪي هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي، جيئي سنڌ تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي اعلان ڪيو ته اڄ سڄي سنڌ ۾ هڙتال ڪئي ويندي. سنڌ اڃا سنڍ نه ٿي آهي، تنهن ڪري جيڪي ڌريون سمجهن ٿيون ته اهي هزار لاش ڪيرائي گولين جي زور تي پنهنجا مطالبا مڃرائي وٺندا ته انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته اهي هٿيار سڄي سنڌ ۾ موجود آهن. سنڌ ڪنهن ٺهراءُ ذريعي وجود ۾ ناهي آئي، اها هزارين سالن جي تاريخ آهي، ان کي ڪير به ٽوڙي نٿو سگهي. سنڌ جي ورهاڱي خلاف سنڌ جا 6 ڪروڙ ماڻهو خاموش ٿي نه ويهندا. اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي اپيل ٿا ڪريون ته اهي سنڌ جي ورهاڱي جي سازش کي سمجهن. هن واپارين کي اپيل ڪئي ته اڄ هڙتال جي حمايت ڪئي وڃي. سنڌ سرڪار کي فوري طور تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي. 15 آگسٽ تي جيئي سنڌ تحريڪ پاران ڪراچي ۾ هڪ وڏي ريلي ڪڍي ويندي. ان موقعي تي حبيب جتوئي، ظفر ڪوريجو، فتاح چنا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. هوڏانهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته سنڌ جي حڪمرانن جيئن ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو، رات جي اونداهي ۾ آمر ضياءَ، مشرف ۽ يحى وانگر سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ کان کسي ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌي جيڪي هزارين سالن کان ارغونن، ترخانن، مغلن، خلجين، تغلقن سان وڙهندا پنهنجي وطن جي حفاظت ڪندا آيا آهن. انهن جي رضا ۽ منشا کان سواءِ سنڌين جي ووٽن تي چونڊيل نمائندن سنڌ کي ٻه اڌ ڪري هڪ اڌ ان ڌر جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڌر جا وڏا مغلن ۽ خلجين ۽ تغلقن سان گڏ سنڌ تي ڪاهون ڪري آيا هئا ۽ کين ناڪامي نصيب ٿي هئي انهن حملي آورن ۽ سندن لشڪرن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي جيڪا صديون پراڻيون خواهشون هيون اهي اڄ سنڌين جي ووٽن تي چونڊيل پيپلز پارٽي جي نمائندن پوريون ڪري سنڌ جو ڪنڌ ڪپي پليٽ ۾ رکي کين پيش ڪيو آهي.اسان سمجهون ٿا ته اڄوڪو ڏينهن سنڌ ۽ سنڌين لاءِ سياح ترين ڏينهن آهي. هي ڏينهن ايوب، يحى پاران ون يونٽ مڙهڻ، جنرل ضياءَ، جنرل پرويز مشرف طرفان لڳايل مارشلائن وارن ڏينهن کان وڌيڪ ڪارو ڏينهن آهي. هي ڏينهن ذوالفقار علي ڀٽو کي بي گناهه ڏنل ڦاسي، شهيد بي نظير ڀٽو جي شهادت وارن ڏينهن کان وڌيڪ ڪارو ڏينهن آهي. پيپلز پارٽي جي پيٽ پرست وڏيرن سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ کي لڄايو آهي، هي ڪنهن به صورت ۾ سنڌي قوم جا چونڊيل نمائندا سڏائڻ جا حقدار نه رهيا آهن. عوامي تحريڪ اڄ 8 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿار روڪ هڙتال جو سڏ ڏي ٿي، عوامي تحريڪ جا ڪارڪن سڄي سنڌ ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال کي ڪامياب بنائين. عوامي تحريڪ جيئي سنڌ تحريڪ جي اعلانيل هڙتال جي حمايت پڻ ڪري ٿي. عوامي تحريڪ 8 آگسٽ کان 20 آگسٽ تائين 15 ڏينهن سڄي سنڌ ۾ سوڳ ۽ احتجاج جو اعلان ٿي ڪري، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ، وستيءَ وستيءَ ۾ مظاهرا، ڌرڻا، ريليون ڪڍيون وينديون. سنڌ جي سوداگردن ۽ غدارن جا علامتي جنازا کنيا ويندا ۽ علامتي جنازي نمازون پڙهيون وينديون. مين هاويز روڊن تي ڌرڻا هڻي بند ڪيا ويندا. اياز لطيف پليجي چيو ته آئون ڪروڙين سنڌين کي اپيل ٿو ڪريان ته هو آمريڪا ۽ برطانيه جي مخصوص دهشتگرد ٽولي جي حمايت ڪندڙ ۽ ڪراچي جي ورهاڱي لاءِ راءِ عامه هموار ڪندڙ سفارتخانن کي ڪروڙن جي تعداد ۾ خط ۽ اي ميلز ڪري حڪومت جي ڪيل هن فيصلي کي ناپسند ڪرڻ جو اظهار ڪن. اياز لطيف پليجي سڄي سنڌ کي سڏ ڏيندي چيو ته اسان جي وڏڙن هڪ آواز ۽ هڪ جسم ٿي ارغونن، ترخانن، مغلن، خلجن ۽ تغلقن سان جيئن مقابلو ڪري پنهنجي ڌرتي بچائي هئي تئين هن وقت وري ڌرتي ماءُ جي سڏ ۾ سڏ ڏيئي اٿو ۽ ثابت ڪريو ته سنڌي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ڌرتي ماءُ جي وجود تي وار برداشت نه ڪندا. هن چيو ته هي وقت ڊگهي مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي واري جدوجهد جو وقت آهي.اياز لطيف پليجي سنڌ جي عوام کي اپيل ڪندي چيو آهي ته سنڌيو، سنڌ دوستو، ملڪ جا 17 ڪروڙ باشندؤ لاتعلق ۽ غير جانبدار نه رهو اٿي کڙا ٿيو ۽ سنڌ دشمن حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيو، سنڌ جي غدارن سان تعلق ختم ڪري انهن جو سياسي ۽ سماجي بائيڪاٽ ڪريو. پريس ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، عوامي تحريڪ جو مرڪزي پريس سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جو مرڪزي نائب صدر سرمد راڄپر، روشن برهماڻي، مصطفى هنڱورجو، سنڌياڻي تحريڪ جون اڳواڻ شاهين خاصخيلي، فاريه عالم شاهه پڻ موجود هئا. ايس اين پي چيئرمين امير ڀنڀرو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ مشرف کان به 2 قدم اڳتي وڌي فاصلو ڪيو آهي. اهڙي فيصلي کي سنڌ ورهائڻ لاءِ پهريون قدم سمجهون ٿا. ايس اين پي پاران سڄي سنڌ ۾ هڙتالون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا. سنڌ اسيمبلي جي عمارت جو گهيراءُ ڪري جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي ويندي. هاڻي ارباب رحيم جي وڏ وزارت واري دور وانگر وزيراعليٰ هائوس آڏو رڳو توا نه ٽنگينداسين پر سخت رد عمل ظاهر ٿيندو. اڄوڪي هڙتال جي حمايت ڪريون ٿا. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌي قوم کي اپيل ڪندي چيو آهي ته هو حڪمرانن جي اهڙي فيصلي خلاف اٿي کڙا ٿين.سنڌ وطن جي سلامتي تي وار ڪري غدار ٽولي سنڌي قوم جي غيرتن، همتن، جرئتن ۽ حوصلن کي للڪاريو آهي. هاڻي انهي للڪار جو مڙس ٿي ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. هي ڪنهن پارٽي ليڊر تنظيم يا گروهه جو مسئلو ناهي ، نه ئي گوءِ کڻڻ جو معاملو آهي. سنڌ جي قومي وحدت ۽ بقا جو سوال آهي. الڳ الڳ ڇڙوڇڙ ۽ڪمزور رد عمل بدران گڏجي متحد ٿي سگهارو رد عمل ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ هٿ ٻڌي اپيل ڪريان ٿو. گورنر هائوس ۾ سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪيل بل خلاف آرڊيننس جاري ڪري سنڌ جي چونڊيل ايوان سنڌي عوام جي مينڊيٽ ۽ وقار جي توهين ڪئي وئي آهي. اسان سنڌ اسيمبلي جي سمورن ميمبرن کي هن غداري اسيمبلي توڙي مينڊيٽ جي خلاف پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ جاري ٿيل آرڊيننس کي رد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چتاءُ ٿا ڏيون ته جنهن به اسيمبلي ميمبر هن آرڊيننس جي حق ۾ ووٽ ڏنو. ان کي سنڌي قوم وطن جو غدار قرار ڏيندي. انهن جا رستا بند ڪندي، سماجي بائيڪاٽ ڪري انهن سان غدارن جهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو. سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين ممتاز ڀٽو پنهنجي ڪارڪنن کي احتجاج ۾ شريڪ ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي نظام ۽ باقي سنڌ ۾ ڪمشنري نظام لاڳو ڪرڻ وارو قدم سنڌ کي ورهائڻ جي سازش آهي. پارٽي جا ڪارڪن ڪا به ڌر احتجاج ڪري ان ۾ شريڪ ٿي ڀرپور احتجاج ڪن. ٻئي طرف ايس اين پي پاران وزيرن جو گهيراءُ ڪري انهن جي گهرن تي ڪارا توا ٽنگڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ اڄوڪي هڙتال جي حمايت ڪئي وئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ پارٽي چيئرمين اشرف نوناري، دلشاد ڀٽو، پرويز ميمڻ ۽ ٻين چيو ته آرڊيننس جاري ڪري سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءُ جي توهين ڪئي وئي آهي. سنڌي ادبي سنگت پاران به حڪومتي فيصلي کي سنڌ جي وحدانيت تي وار قرار ڏنو ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت اڄوڪي هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ اڱاري ڏينهن ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، زاهد راڄپر، مظهر خاصخيلي ۽ ٻين نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اهڙو اعلان ڪيو. هوڏانهن جيئي سنڌ محاذ جو هنگامي اجلاس سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ڊاڪٽر برڪت جتوئي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ حڪومتي فيصلي کي رد ڪيو ويو. جيئي سنڌ محاذ پاران 11 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ خالق جوڻيجو، هاشم کوسو، سارنگ مهر، ياسين سنڌي، اياز هڪڙو، موندر چانڊيو ۽ ٻيا شامل ٿيا. ٻئي طرف جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر مير عالم مري، اسلم خيرپوري ۽ ٻين پنهنجي بيان ۾ حڪومتي فيصلي جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪڙو ئي نظام لاڳو ٿيڻ گهرجي. شهري يا ٻهراڙي بنيادن تي ورهائڻ جو مطلب سنڌ جي جاگرافيائي وحدت کي نقصان پهچائڻ برابر آهي. هنن چيو ته سمورين ڌرين کي ڌار ڌار احتجاج ڪرڻ بدران پاڻ ۾ گڏجي اتفاق راءِ سان سگهاري حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. ٻئي طرف جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين سرور سهتو، صوفي حضور بخش ۽ ٻين به حڪومت جي اهڙي فيصلي جي مخالفت ڪئي آهي. اهڙو فيصلو سنڌ جي وحدت خلاف آهي، جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو. هنن اڄوڪي هڙتال جي حمايت ڪئي آهي. جڏهن ته حڪومت جي اهڙي فيصلي جي خلاف احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ قومپرست پارٽين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ڪراچي پريس ڪلب آڏو عوامي تحريڪ جي مظهر راهوجو، ايس ٽي پي جي علي حسن چانڊيو، جسقم جي الاهي بخش بڪڪ، سنڌياڻي تحريڪ جي مريم گوپانگ، زاهده شيخ، سنڌي نوجوان تحريڪ جي عبدالله ترڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ملير پريس ڪلب آڏو عوامي تحريڪ، سنڌ يونائٽيڊ پارٽي، ملير بچايو اتحاد ۽ جسم پاران لياقت جهتيال، منان شيخ، سيد خدا ڏنو شاهه، منظور ابڙو، علي نواز ٻٽ، سليم سالار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو. حيدرآباد ۾ ايس ٽي پي پاران پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. سنڌياڻي تحريڪ پاران نسيم نگر چوڪ تي مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي ۽ سخت نعريبازي ڪئي وئي. پ پ حڪومت جي اهڙي فيصلي خلاف لاڙڪاڻي ضلعي ۾ پ پ ڪارڪنن ۾ مايوسي پکڙجي وئي. ايس ٽي پي پاران احمد نواز بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري جناح باغ چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. خيرپور ۾ قومپرست ڌرين پاران مختلف هنڌن تي احتجاجي ظاهرا ڪيا ويا. دودو سومرو، اڪبر مڪول، اعجاز ڦلپوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاج ڪيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. باڊهه ۾ ايس ٽي پي، جسقم ۽ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. ميرپور ماٿيلو ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران اڄ هڙتال جي ڪاميابي لاءِ پمفليٽ ورهايا ويا. وارهه ۾ پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو پاران ذوالفقار گائنچو جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ڏوڪري ۾ فرنٽ پاران 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو. فريد آباد ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو. پنگريو ۾ ايس ٽي پي پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سامارو ۾ راڄوڻي اتحاد پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. تلهار ۾ راڄوڻي خاصخيلي اتحاد پاران احتجاجي مظاهرو ڪري بدين روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. ماتلي ۾ ايس ٽي پي پاران گل حسن لغاري، صابر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ٻانڌي ۾ ايس ٽي پي، پ پ شهيد ڀٽو پاران ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. قمبر ۾ جسقم پاران احتجاجي مظاهرو ڪري مختيارڪار جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ايس ٽي پي، مهراڻ اتحاد ۽ ادبي سنگت طرفان به احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ٽنڊو باگو ۾ ايس ٽي پي پاران احسان علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪوٽڙي ۾ جسقم جا سوين ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بند ڪيو ويو. جڏهن ته اديبن ۽ دانشورن، علي بابا، سرور نواز ٻگهيو، اختر رند ۽ ٻين اهڙي فيصلي جي مذمت ڪئي. ميهڙ ۾ ايس ٽي پي پاران عنايت کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون. شادي پلي ۾ فنڪشنل ليگ پاران بشير ڪٽوهر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪنري ۾ الحبش شيدي جماعت طرفان اڄوڪي هڙتال جي حمايت ڪئي وئي آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button