پاڪستان بيت المال بدين جي برسات متاثرن جي اڃا به وڌيڪ مدد ڪندو: زمرد خان
حيدرآباد: پاڪستان بيت المال جي چيئرمين زمرد خان ڊي سي او آفيس بدين ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا سان ملاقات ڪئي ۽ برسات متاثرين جي امداد لاءِ ڪيل ڪوششن کي حتمي شڪل ڏني ۽ پاڪستان بيت المال طرفان متاثرين جي 3 هزار خاندان لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ خيما وغيره ڏنا _ هن ٻڌايو ته پاڪستان بيت المال بدين جي برسات متاثرن جي اڃا به وڌيڪ مدد ڪندو _قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ساحلي پٽِي جي مختلف ڳوٺ عادل خاصخيلي ، غلام حسين پرهياڙ۽ نور محمد پرهياڙ بدين ۾ برسات متاثرين سان ملاقات ڪئي _ ان موقعي تي هن 500 کان وڌيڪ راشن ٿيلها ، خيما ، ڪولر، ٿانون کان علاوه ٻيو سامان ورهايو جڏهن ته هن ڳوٺ نور محمد پرهياڙ ۾ موذي بيماري ۾ مبتلا هڪ ٻارڙي سومار ۽ معذور عبداللطيف جو پڻ ذاتي خرچ تي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪرڊاڪٽر فهميده مرزا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ پ جي حڪومت عوام کي هن ڏکئي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي ڇاڪاڻ ته اسان کي وري احتساب لاءِ عوام وٽ وڃڻو آهي . هن ضلعي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته اهي ڦاٿل ماڻهن کي ٻيڙين وسيلي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪن جڏهن ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ائيرفورس جي مدد به حاصل ڪئي وڃي _ هن چيو ته تازين برساتن سبب بدين جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي تباهي ٿي آهي جنهن کي حڪومت اڪيلي سر منهن نه ٿي ڏئي سگهي ان لاءِ انٽرنيشنل ڪميونٽي، سول سوسائٽي ، سماجي تنظيمن جا نمائندا بدين اچي پاڻمرادو حالتن جو جائزو وٺي متاثرين جي مدد ڪن _ هن ڪراچي جي سرندي وارن ماڻهن کي چيو ته هوفطرو ۽ زڪوات بدين جي برسات متاثرن کي ڏين _ ان کان اڳ ڊي سي او بدين کيس بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 200 امدادي ڪيمپن ۾ اٽڪل هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ترسايو ويو آهي جڏهن ته وڏي انگ ۾ ماڻهو مختلف تعلقن ۾ پاڻي هيٺ گهيريل آهن جنهن لاءِ ضلعي انتظاميه پاران پاڪ فوج ، رينجرز، نيوي ۽ پوليس کان مدد ورتي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته نقصان جو ڪاٿو هن وقت نٿو لڳائي سگهجي ڇاڪاڻ ته گهڻا علائقا پاڻي هيٺ آهن .ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته ايم اين اي ، ايم پي اي ۽ پ پ پ جي مقامي قيادت يونين ڪائونسل سطح تي ڪميٽيون جوڙِي امدادي سر گرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن جڏهن ته سروي جو ڪم شروع ڪيو وڃي _ ان موقعي تي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو ، ڊاڪٽر خالده مينڌرو، پ پ پ تعلقي بدين جي صدر ڊاڪٽر عبدالعزيز ميمڻ ۽ ايم اين اي شهناز وزير علي پڻ ساڻس گڏ هئي