عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل، سنڌ جي وجود تي وار ٿيو آهي: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد : عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته سنڌ جي حڪمرانن جيئن ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات جو، رات جي اونداهي ۾ آمر ضياءَ، مشرف ۽ يحى وانگر سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد کي سنڌ کان کسي ايم ڪيو ايم جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. عوامي تحريڪ توهان جي معرفت سنڌي قوم سان واعدو ٿي ڪري ته پاڻ سنڌي قوم جو ڪنڌ هيٺ ٿيڻ نه ڏينداسين. عوامي تحريڪ اڄ 8 آگسٽ تي سڄي سنڌ ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿار روڪ هڙتال جو سڏ ڏي ٿي، عوامي تحريڪ جا ڪارڪن سڄي سنڌ ۾ مڪمل شٽر بند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتال کي ڪامياب بنائين. عوامي تحريڪ جيئي سنڌ تحريڪ جي اعلانيل هڙتال جي حمايت پڻ ڪري ٿي. عوامي تحريڪ 8 آگسٽ کان 20 آگسٽ تائين 15 ڏينهن سڄي سنڌ ۾ سوڳ ۽ احتجاج جو اعلان ٿي ڪري، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، واهڻ واهڻ، وستيءَ وستيءَ ۾ مظاهرا، ڌرڻا، ريليون ڪڍيون وينديون. سنڌ جي سوداگردن ۽ غدارن جا علامتي جنازا کنيا ويندا ۽ علامتي جنازي نمازون پڙهيون وينديون. مين هاويز روڊن تي ڌرنا هڻي بند ڪيا ويندا. اياز لطيف پليجي چيو ته آئون ڪروڙين سنڌين کي اپيل ٿو ڪريان ته هو آمريڪا ۽ برطانيه جي مخصوص دهشتگرد ٽولي جي حمايت ڪندڙ ۽ ڪراچي جي ورهاڱي لاءِ راءِ عامه هموار ڪندڙ سفارتخانن کي ڪروڙن جي تعداد ۾ خط ۽ اي ميلز ڪري حڪومت جي ڪيل هن فيصلي کي ناپسند ڪرڻ جو اظهار ڪن. اياز لطيف پليجي سڄي سنڌ کي سڏ ڏيندي چيو ته اسان جي وڏڙن هڪ آواز ۽ هڪ جسم ٿي ارغونن، ترخانن، مغلن، خلجن ۽ تغلقن سان جيئن مقابلو ڪري پنهنجي ڌرتي بچائي هئي تئين هن وقت وري ڌرتي ماءُ جي سڏ ۾ سڏ ڏيئي اٿو ۽ ثابت ڪريو ته سنڌي ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ڌرتي ماءُ جي وجود تي وار برداشت نه ڪندا. هن چيو ته هي وقت ڊگهي مستقل مزاجي ۽ ثابت قدمي واري جدوجهد جو وقت آهي.اياز لطيف پليجي سنڌ جي عوام کي اپيل ڪندي چيو آهي ته سنڌيو، سنڌ دوستو، ملڪ جا 17 ڪروڙ باشندؤ لاتعلق ۽ غير جانبدار نه رهو اٿي کڙا ٿيو ۽ سنڌ دشمن حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيو، سنڌ جي غدارن سان تعلق ختم ڪري انهن جو سياسي ۽ سماجي بائيڪاٽ ڪريو. پريس ڪانفرنس ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي سينيئر نائب صدر عبدالقادر رانٽو، عوامي تحريڪ جو مرڪزي پريس سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جو مرڪزي نائب صدر سرمد راڄپر، روشن برهماڻي، مصطفى هنڱورجو، سنڌياڻي تحريڪ جون اڳواڻ شاهين خاصخيلي، فاريه عالم شاهه پڻ موجود هئا.
مانيٽرنگ ڊيسڪ