حيدر آباد

سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل هڪ هزار ملين رپين جي حيدرآباد ڊلپمينٽ پيڪيج مان 620 ملين رپيا هلندڙمالي سال لاءِ مختص ڪيا ويا آهن: ڊي سي او

DCO Narejoحيدرآباد : تعلقي قاسم آباد جي ترقي ۽ ان جي خوبصورتي ۽ اتي هڪ موثر پائيدارنڪاسي آب جو ڍانچو وجهڻ لاءِ 620 ملين رپين جي لاڳت سان چار وڏين اسڪيمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي _اها ڳالهه اڄ ڊي سي او آفيس شهبازبلدنگ حيدرآباد ۾ هڪ هزار ملين رپين تي مشتمل نئين حيدرآباد ترقياتي پيڪيج تي عملدرآمد لاءِ منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻي ۾ ٻڌائي وئي جنهن جي صدارت ضلعي ايڊمنسٽريٽر/ ڊي سي او حيدرآباد احمد بخش ناريجو ڪئي _ گڏجاڻي کي آر سي سي ڪنسلٽنٽ جي اڳواڻ شفيق محمد لاکو لاڳاپيل ترقياتي اسڪيمن بابت بريفنگ ڏني _ گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊي سي او حيدرآباد احمد بخش ناريجوچيو ته سنڌ حڪومت پاران منظور ڪيل هڪ هزار ملين رپين جي حيدرآباد ڊلپمينٽ پيڪيج مان 620 ملين رپيا هلندڙمالي سال لاءِ مختص ڪيا ويا آهن _ هن ٻڌايو ته مختص ڪيل ان رقم مان 4 اسڪيمن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 239.407 ملين رپين جي لاڳت حيدرآباد باءِ پاس ۽ واڌو واهه روڊ درميان انٽرچينج ۽ انڊر پاس جي تعمير، 228.715 ملين رپين جي لاڳت سان پائيدار ۽ موثرنڪاسي آب لاءِ جديد طرز تي برڪس لائين آر سي سي سيور ( بلس ) جي تعمير، 51.663 ملين رپين سان تعمير ڪيل بلس تحت جوڙيل نڪاسي آب واري لائين مٿان سمينٽ ڪنڪرنٽ روڊ جي تعمير ۽ 67.923 ملين رپين لاڳت سان آٽو ڀان روڊ لاءِ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڊرين جي تعمير شامل آهي. هن ٻڌايو ته 5.877 ملين رپيا سروي پلان، ڊزائين، پي سي ون، ڪنسلٽينسي چارجز لاءِ مختص ڪيا ويا آهن جڏهن ته 8.816 ملين رپيا سپرويزن ،ڊاڪومينٽيشن جي تياري ۽ ٽينڊرز لاءِ ڪنسلٽينسي چارجز طور رکيا ويا آهن.اهڙي طرح پروجيڪٽ جي ڪانٽيجينسي چارجز تي 11.754 ملين رپين خرچ ڪيا ويندا ۽ 5.877 ملين رپيا ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن چارجز تي خرچ ڪيا ويندا . هن چيو ته اهي اسڪيمون منظوري لاءِ تمام جلد لاڳاپيل فورم کي پيش ڪيون وينديون . ڊي سي او وڌيڪ چيو ته انهن اسڪيمن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ تعلقي قاسم آباد جي مواصلات ۽ نڪاسي آب جا مسئلا حل ٿي ويندا _ هن چيو ته سيوريج پاڻي جي بهتر نيڪالي لاءِ ترقيافته ملڪن ۾ موجود جديد نظام بلس کي هتي پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو پيو وڃي. هن نظام تحت پاڻي جي نيڪال لاءِ مين لائين جي تعمير سمينٽ بدران خاص سرن تحت ڪئي ويندي آهي .گڏجاڻي ۾ ڊي سي او حيدرآباد لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته تعلقي قاسم آباد ۾ اڳ ئي هلندڙ ترقياتي ڪمن جي رفتار کي تيز ڪن ۽ ٽٽل رستن کي سفر قابل بڻائين _ هن، لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رستن تان حددخليون، بلڊنگ مٽيريل ۽ گند ڪچري کي هٽائڻ کي يقيني بڻائين ته جيئن ٽريفڪ جي بنا رنڊڪ روانگي کي جاري رکي سگهجي.هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ٻين لاڳاپيل ماڻهن جي مدد سان ضلعي اندر ترقياتي اسڪيمن جي نشاندهي پڻ ڪن ته جيئن حيدرآباد کي ترقيافته ۽ جديد شهرن جي صف ۾ بيهاري سگهجي . گڏجاڻي ۾ ايم ڊي واسا شفيق آرئين، آر سي سي ڪنسلٽنٽ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button