سنڌ حڪومت پاران متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ اڳ ئي 70 ملين رپيا جاري ڪياويا آهن: شاذر شمعون
حيدرآباد : سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ۽ رليف ڪمشنر سنڌ شاذر شمعون ڪالھ بدين ۾ برسات/ ٻوڏ متاثرن جي امدادي ڪيمپن جو دورو ڪيو _ ان کان علاوه هن شادي لارج ، کوسڪي ، پنگريو ۽ گولاڙچي ۾ قائم امدادي ڪيمپن جو پڻ دورو ڪيو. سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ضلعي انتظاميه بدين کي هدايت ڪئي ته هو متاثرن کي سموريون گهربل سهولتون فراهم ڪن خاص طور تي کين راشن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ سميت سندن مالي سهائتا پڻ ڪئي وڃي _ هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران متاثرن جي امداد ۽ بحالي لاءِ اڳ ئي 70 ملين رپيا جاري ڪياويا آهن جڏهن ته وڌيڪ 30 ملين رپين جو چيڪ ڊي سي او بدين حوالي ڪيو ويو آهي . ان موقعي تي سيڪريٽري روينيو عمرفاروق بلو چيو ته وزير اعظم پاڪستان سيد يوسف رضا گيلاني ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خاص هدايتن تحت رليف کاتي متاثرن کي وافر مقدار ۾ کاڌ خوراڪ واريون شيون مهيا ڪري رهيو آهي جيڪو متاثرن جي مڪمل بحالي تائين فراهم ڪيو ويندو