سنڌين مهاجرن لاءِ پنهنجا دستر خوان وڇائي ڇڏيا پر هنن نمڪ حلالي نه ڪئي، اڄ ھڙتال جو سڏ
حيدرآباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ): ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين ۽ وسيم اختر طرفان سنڌي قوم خلاف ڳالهائڻ تي پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، عوامي تحريڪ طرفان اڄ سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج جو اعلان، جڏهن ته الطاف حسين معذرت ظاهر ڪئي آهي. الطاف حسين طرفان سندن طرفان قربانيون نه ڏيڻ جي صورت ۾ سنڌي اڄ هندن جا غلام هجڻ جو بيان ڏيڻ ۽ وسيم اختر طرفان سنڌي بلوچ ڪافرن جون جتيون چٽڻ جا بيان ڏيڻ تي پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، عوامي تحريڪ جي جنرل ڪائونسل جو هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ويچاريو ويو ته هڪ دفعو وري موهن جي دڙي واري 5 هزار سال پراڻي تهذيب ۽ وجود رکندڙ، يونانين، ارغونن، ترخانن، مغلن، خلجين، تغلقن ۽ ٻين حملا آورن سان وڙهي لکين سرن جون قربانيون ڏيئي رت جا درياهه جهاڳي، پنهنجي وطن، وجود ۽ وسيلن جي حفاظت ڪندڙ سنڌي قوم ۽ ان جي تاريخي وطن بابت توهين آميز، نفرت ڀريل، فاتحانه ۽ حاڪمانه ٻولي ڳالهائي پيئي وڃي ۽ اهو سوال اٿاريو پيو وڃي ته سنڌ جا مالڪ ۽ وارث ڪير آهن؟ ۽ اهڙي ٻولي ڳالهائي پئي وڃي ته اسان نه هجون ها ۽ قربانيون نه ڏيون ها ته سنڌي هندوئن جا بوٽ صاف ڪندا هجن ها. اهڙا سوال اٿاريندڙ، توهين آميز ٻولي استعمال ڪندڙ ۽ سنڌ جي ڪوڙي وارثي ۽ مالڪي ۾ ڀائيواريءَ جي نام نهاد دعويدارن کي اسان ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌي ماڻهون سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ بشمول اردو ڳالهائيندڙ، پٺاڻن، پنجابين، بلوچ، سرائيڪين ۽ هندڪو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهن ٿا پر سنڌين کي سنڌ جي مالڪي ۽ وارثيءَ جو ڪنهن کان ڪو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جي ضرورت ناهي. اسان جي وڏن پنهنجي وطن ۽ عوام جي نه رڳو غير مسلم ۽ غير هندستاني حملي آورن جي حملن دوران سر ڏيئي حفاظت ڪئي آهي پر خود مسلمان حملي آورن ارغونن، ترخانن، خلجين، تغلقن، مغلن جي لشڪرن ۾ شامل توهان جي وڏن جي سنڌ تي قبضي جي حوَس ۾ سنڌ تي ڪيل حملن دوران به پنهنجي سر ڌڙ جي بازي لڳائي دودي، درياءَ خان، ۽ ٻين سنڌي سورمن جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجي وطن ۽ عوام جي ڪامياب حفاظت ڪئي آهي، نه اسين انهن وڏن کان ڊنا هئاسين نه سندن پوين احسان فراموش کان ڊڄنداسين. تنهن ڪري سمجهڻ کپي ته سنڌ جي وجود ۽ وارثيءَ جي تاريخ فقط پاڪستان ٺهڻ کان شروع نٿي ٿئي. سنڌ ۽ سنڌين جي وجود جي تاريخ موهن جي دڙي کان به اڳ جي آهي. موهن جو دڙو ته سنڌ جي تهذيب يافته تاريخ جو اهڃاڻ آهي. اسان سمجهون ٿا ته هن وقت سنڌ تاريخ جي انتهائي نازڪ دور مان لنگهي رهي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيستائين سنڌ تي حڪومت ڪندڙ ۽ اسيمبلين ۾ چونڊجندڙ صدارتون ۽ وزارتون حاصل ڪندڙ وڏيرا، پير، مير ۽ سردار حڪمران پنهنجي نااهلي ۽ ڪُرسيءَ جي پوڄا سبب سنڌ ۽ سنڌي عوام جي دائمي قومي ۽ عوامي مفادن کي نظرانداز ڪري سنڌ ۾ هندستان کان آيل اردو ڳالهائيندڙن سميت سڄي دنيا ۽ ملڪ جي ٻين حصن مان ايندڙ لاتعداد ماڻهن کي هتي اچڻ ڏيندا رهيا آهن، جن جي اچڻ جو هندستان جي ورهاڱي وارن قاعدن، قانونن، ٺهرائن، قراردادن ۽ دستاويزن ۾ ڪٿي به نه ذڪر آهي نه ئي وري ڪو جواز آهي. انهن اچڻ شرط پنهنجي مخصوص سوچ، ذهنيت ۽ مفادن تحت سنڌ ۽ سنڌين جي وسيلن، حقن تي قبضا ڪرڻ سان گڏ سندن قومي توهين ڪرڻ جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي سو اڃا تائين جاري آهي. عوامي تحريڪ سڄي سنڌي قوم کي هارين کي، مزدورن، عورتن، ٻارن، ٻُڍن، واپارين، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ملازمن، ٽرانسپورٽرن، صحافين، اديبن، شاعرن، دانشورن، استادن ۽ سمورين سنڌ جي سياسي ڌرين کي سڏ ٿي ڏي ته اڄ 5 آگسٽ (اڄوڪي) هڙتال جو ڀرپور ساٿ ڏيئي ان کي ڪامياب بنائين ۽ پنهنجي وطن، قومي وجود، وسيلن جي بچاءَ جي ڊگهي، تاريخي ۽ فيصلا ڪن جدوجهد لاءِ اٿي کڙا ٿين. پنهنجي قومي خودداري تي نه رڳو ٺٺوليون ڪندڙن وٽ پر سڄي دنيا اڳيان ثابت ڪن ته سنڌي زندهه آهن ۽ هر صورت ۾ پنهنجي وطن جي حفاظت ڪندا ۽ ڪنهن به ڌارئي ويريءَ جو قبضو ۽ بالادستي قبول نه ڪندا. هوڏانهن عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پيلجو قاسم آباد ۾ پليجو هائوس تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته لساني تنظيم جي اڳواڻن جي ڳالهايل گٿن لفظن خلاف اڄ سنڌ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌي قوم 5 هزار سال پراڻي تهذيب ۽ وجود رکندڙ قوم آهي، سنڌي قوم هميشه پنهنجي حقن لاءِ ڪاهون ڪندڙ حملي وارن سان مقابلا ڪري کين ڀڄايو آهي. سنڌي ماڻهو سمورن ٻولين ڳالهائڻ وارن پٺاڻن، پنجابين، بلوچن، سرائيڪين هندي ۽ اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهن ٿا. سنڌي قوم دهشتگردن کان ڊڄڻ واري ناهي. هارين، مزدورن، عورتن، ٻارن، بزرگن، واپارين، سرڪاري توڙي غير سرڪاري ملازمن، صحافين، شاعرن، دانشورن، استادن ۽ سمورين سنڌ جي سياسي ڌرين کي سڏ ڏيون ٿا ته اڄوڪي هڙتال جو ڀرپور ساٿ ڏئي ڪامياب ڪندا. هن چيو ته وڏيرا ۽ وڪاڻيل حڪمرانن جي بزدلين ۽ منافقن جي ڪري سنڌين کي ڪمزور ۽ هيڻو سمجهڻ، دهشتگردن جي ڀل آهي، سنڌي عوام دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. هن چيو ته اهڙن دهشتگردن جو اردو ڳالهائڻ وارا به بائيڪاٽ ڪن. هن چيو ته اڄ سنڌ ۾ تاريخي هڙتال هوندي. عوامي نيشنل پارٽي سنڌ جي ترجمان چيو آهي ته ورهاڱي وقت هندستان مان فقط اردو ڳالهائيندڙن هجرت نه ڪئي هئي پر پٺاڻ،ڪشميري ۽ پنجابي به هجرت ڪري آيا هئا. پختون نسل يوسف زئي، خٽڪ به هجرت ڪري آيا. ڪروڙين ماڻهن جي هجرت ۾ مخلتف نسلن ۽ قومن جا ماڻهو شامل هئا. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته الطاف حسين سنڌين خلاف ڌمڪين وارا غير ضروري بيان ڏيڻ بند ڪري، اسان ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهيون، سنڌ جي تاريخ هلان ڪندڙ قوتن سان ڀريل آهي، ايس ٽي پي نسل پرست ۽ ٻولي جي بنياد تي نفرتن واري تنگ نظر سياست جي مخالف آهي، اسان 47 ۾ ڀارت کان آيل اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن جي دل کولي آجيان ڪئي، انهن کي ڀائر بڻايوسين، هاڻي اردو ڳالهائيندڙن جي ذميواري آهي ته الطاف ۽ سندس ساٿين جي نفرت پکيڙيندڙ بيانن ۽ نسل پرست سياست خلاف گڏ ٿين ۽ حلالي پٽ وارو ڪردار ادا ڪن. اي اين پي ترجمان متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ الطاف حسين جي تقرير تي ردعمل ۾ چيو ته محترمه فاطمه جناح جي حمايت اردو ۽ پشتو ڳالهائيندڙن گڏجي ڪئي هئي. هن چيو ته متحده قومي موومينٽ اڄ به مهاجر قومي موومينٽ جو هر سال يوم تاسيس ملهائيندي آهي. موجوده آدمشماري ۾ سڀئي اردو ڳالهائيندڙ پنهنجي آدمشماري فارم ۾ قوميت جي خاني ۾ سنڌي لکي لساني تڪرار ۽ احساس محرومي جو خاتمو هميشه لاءِ ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اردو هميشه هڪ رابطي جي زبان آهي.اها ڪنهن خاص قوميت جي نشاندهي نه ٿي ڪري. هن چيو ته وڏي دل وارن سنڌي ڀائرن جي دل هندستان وارن کان وڏي آهي، الطاف حسين کي مايوس نه ٿيڻ گهرجي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، سردار خالد جهلڻ، الهه بخش ۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ سدائين مذهبي ڪٽرپڻي کان پاڪ رهي آهي. سنڌ جا هندو توڙي مسلمان ڌرتي جا وارث مالڪ آهن، تاريخ کي غلط انداز سان بيان ڪرڻ ۽ مذهبي فرقيواريت کي هوا ڏيڻ قابل مذمت آهي، اسان الطاف حسين ۽ وسيم اختر جي ڳالهايل لفظن جي سخت مذمت ڪيون ٿا. اسان سمجهون ٿا ته طاقتور قوتن جا پگهاردار سنڌ ۾ خانه جنگي ڪرائڻ چاهين ٿا. جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر گروپ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر، مير عالم مري، اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، نواز زنئور ۽ مسيح ڪالاڻي پنهنجي گڏيل بيان ۾ الطاف حسين جي خطاب تي چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪڏهن به سنڌي هندن جا غلام نه رهيا آهن، پوءِ مهاراجا ڏاهر جي دور ۾ به سنڌي مسلمان وزير هئا، نه ڪي غلام، 1935ع جي انڊيا ايڪٽ کان پوءِ ڪو به هندو سنڌ جو وزيراعليٰ نه رهيو آهي. پاڪستان جي حق ۾ قرارداد سنڌ اسيمبلي منظور ڪئي. جڏهن ته الطاف حسين پاڻ کي سنڌ جو حلالي پٽ چوي ٿو ۽ شاهه لطيف جو پيروڪار چوي ٿو ته پوءِ ڪهڙا حق گهري ٿو، کيس کي سنڌ واسين کان سواءِ ٻيا ڪهڙا حق گهرجن. جڏهن ته الطاف حسين کي ڳالهائڻ وقت سنڌ جي مفادن جو خيال رکڻ گهرجي ۽ احتياط کان ڪم وٺي. پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻن مجيد سيال، ڪامريڊ علي محمد جمالي، سليم راجپوت، رضا سيلرو ۽ ٻين جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. 60 سالن جي نام نهاد ڌارين ملڪ ۽ خصوصن سنڌ کي مالي توڙي جاني نقصان ڏيڻ کان سواءِ ڪجهه ناهي ڏنو. عالمي سامراج ملڪ ۾ رهندڙ مهاجرن ذريعي سنڌ جي مالي وسيلن کي ڦٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ هندو برادري کي اسان اقليتي نه پر پنهنجو حصو سمجهون ٿا، جن ملڪ ۾ انڊسٽري لڳائي لکين ماڻهن کي روزگار ڏنو آهي، سنڌ کي وسيع مالي فائدو ڏنو آهي. هنن چيو ته ڪراچي ۾ سنڌين جو قتل عام بند ڪيو وڃي. هندو برادري جي اغوا ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائي هندو برادري کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. سنڌين خلاف غلط لفظ ڳالهائيندڙ ڪڏهن به سنڌ سان سچا نٿا ٿي سگهن. سنڌ نيشنل فرنٽ جي سيڪريٽري جنرل انجنيئر ايوب شر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته الطاف حسين سنڌين خلاف غلط زبان استعمال ڪري سنڌين تي حملو ڪيو آهي، سنڌين اچڻ وقت مهاجرن لاءِ پنهنجا دستر خوان وڇائي ڇڏيا پر هنن نمڪ حلالي نه ڪئي، اها ذميواري پيپلزپارٽي جي آهي، جيڪي انهن سان رسن ۽ پرچن ٿا، جنهن جي ڪري ئي سنڌين کي اهي ڏينهن ڏسڻا پيا آهن ڇو ته سنڌ جا پير، مير، وڏيرا سنڌ جو عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي ۽ هاڻ انهي جو جواب سنڌين کي پيپلزپارٽي پارٽي کان وٺڻ گهرجي، جيڪي پنهنجون ٽوپيون نائين زيرو تي ڇڏي آيا آهن ۽ اڃا تائين انهن جي پيرن ۾ جهڪيا پيا آهن. سنڌ نيشنل فرنٽ اڄ عوامي تحريڪ پاران اعلانيل هڙتال جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ سمورن ڪارڪنن، عهديدارن ۽ ذميوارن کي هدايت ٿي ڪجي ته هڙتال کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو وڃي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل، جوائنٽ سيڪريٽري مشتاق بخاري، عورت جوائنٽ سيڪريٽري مهرالنساءِ لاڙڪ، خزانچي نبي بخش ناز، آڊيٽر بشير منگي، پريس ترجمان زاهد راڄپر پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ هزارين سال قديم ڌرتي آهي، جنهن هر دور ۾ ڌارين کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر مهمان ٿي آيلن سنڌ جي روح کي زخمي ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين، سنڌين کي غلام سڏي ۽ سنڌي ليکڪن، اديبن خلاف ڳالهائي نه صرف رنجايو آهي پر ان دعويٰ جي نفي ڪئي آهي ته هو سنڌي آهي. سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي عوام جو موقف آهي ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌي پاڻ ۾ ڀائر آهن ۽ گڏيل مفاد ان ۾ آهي ته هو سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازش جو گڏيل مقابلو ڪن. هنن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ڪراچي ۾ دهشتگردي پويان اقتداري رساڪشي ۽ پنهنجو ڌاڪو قائم ڪرڻ جي اهڙي حرڪت آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي وحدت کي نقصان ڏيارڻ ۾ ڪجهه ڌريون استعمال ٿي رهيون آهن. ڪڏهن ڪنهن چينل کي استعمال ڪيو وڃي ٿو، ڪڏهن بيگناهه ماڻهو ماريا پيا وڃن ته ڪڏهن مهيني جو راشن گڏ ڪرڻ جا اعلان ڪري ماڻهن کي هيسايو پيو وڃي. سنڌي ادبي سنگت ان سازش جي سخت مذمت ڪندي سنڌ جي سياسي، سماجي، ساڃاهه وند ڌرين کي گڏجڻ ۽ ان عمل خلاف جيڪا به ڌر عملي ڪوششون ڪندي، سنگت سنڌ ۽ اديب ان احتجاج ۾ غير مشروط شريڪ ٿيندا. هنن چيو ته وسيم اختر کي سنڌين ۽ بلوچن خلاف نازيبا لفظ ڳالهائڻ تي معافي وٺڻ گهرجي. جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي چيئرمين قمر ڀٽي جاري ڪيل بيان ۾ سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته سنڌين کي هندن جو غلام هجڻ جا طعنا ڏيندڙن پاڻ هندستان مان هٿين خالي اچي هتي سنڌين جي ملڪيتن، زمينن، شهرن ۽ ڪاروبار تي قبضو ڪيو، هندستان ۾ اڄ به 35 ڪروڙ مسلمان آهن، اهي ته نه آيا ۽ پنهنجي ڌرتي کي نه ڇڏيو. جيڪي هتي آيا، انهن سنڌين جي ملڪيتن تي قبضا ڪيا ۽ ان کي اڏوهي وانگر کائي ويا. مسلم ليگ هم خيال سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعليٰ ارباب غلام رحيم چيو آهي ته پاڪستان ٺاهڻ جي ابتدا سنڌ وارن ڪئي. پوءِ ٻين کي پاڪستان ٺاهڻ جو خيال آيو، پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڪنهن هڪ ڌر جو نه پر سڀني پاڪستانين جو هٿ آهي. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ نون سنڌين طرفان هڪ ٻئي خلاف چڙ ڏياريندڙ بيان ڏيڻ جي مذمت ڪيان ٿو. پراڻا ۽ نوان سنڌي پاڻ ۾ گڏجي ڀائرن وانگر رهڻ شروع ٿي ويا آهن ته ان وقت اهڙي قسم جي چڙ ڏياريندڙ ٻولي نه ڳالهائي وڃي. سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين اشرف نوناري چيو آهي ته الطاف حسين جي خطاب ظاهر ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم اڄ به مهاجر ازم تي قائم آهي. ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٻين قومن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن کي گهرجي ته هو متحده کان عليحدگي اختيار ڪن. تاريخ شاهد آهي ته سنڌي قوم ڪڏهن به ڪنهن جي غلام نه رهي آهي. سنڌ جي بهبود ۽ بقا واري جنگ ۾ هندن جو ڪردار تاريخي رهيو آهي شهيد مها راجا ڏاهر، روپلي ۽ هيمون ڪالاڻي جنهن طرح سنڌ خاطر مزاحمت ڪئي، ان تي سنڌي قوم کي فخر آهي. هندو حاڪم نه پر سنڌ ڌرتي جا اصل وارث آهن.جڏهن ته الطاف حسين ۽ وسيم اختر جي بيان خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪالهه احتجاج ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ عوامي پارٽي طرفان احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي نعريبازي ڪئي وئي. ڪنڊيارو ۾ سنڌ بلوچ اتحاد پاران مرڪزي اڳواڻ انور خشڪ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ٿرڙي محبت جي شهرين عوامي تحريڪ جي اڄوڪي هڙتال جي مڪمل حمايت ڪندي الطاف حسين جي بيان جي سخت مذمت ڪئي آهي. ڪالهه ٿرڙي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ شهري اتحاد، جسقم، جسم، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جرنلسٽ فائونڊيشن، سني تحريڪ ۽ ٻين تنظيم جي اڳواڻن قادر چانڊيو، انعام کوسو، شبير منگي، گلاب ڳن، آزاد منگي، صدرالدين جانوري، گنهور علي ڳن ۽ ٻين چيو ته متحده جي سربراهه اهڙو بيان ڏئي سنڌ جي صديون پراڻي تهذيب تي وار ڪيو آهي، اهڙا تعصبي بيان ڏيندڙ ماڻهو ڪڏهن به سنڌي نه ٿو ٿي سگھي انڪري اسان پنهنجي متحده ۾ شامل سنڌي ڀائرن کي اپيل ٿا ڪريون ته اڃان وقت ناهي ويو هو واپس اچڻ ۽ سنڌ ڌرتيءَ جو سچو ۽ حلالي پٽ هجڻ جو ثبوت ڏين، هن موقعي تي اڳواڻن متحده سربراهه کي چئلينج ڏيندي چيو ته هو چوي ٿو ته سنڌين کي غلط تاريخ ڏسي وئي آهي پر هو ٿرڙي جي هڪ ننڍڙي سماجي يا سياسي ڪارڪن سان سنڌ جي تاريخ تي اچي مناظرو ڪري ۽ پنهنجي بيان کي تاريخي حيثيت سان ثابت ڪري ته سنڌي ماڻهو ساڻس گڏ هلڻ لاءِ تيار آهن، هنن چيو الطاف کي سنڌ جي تاريخ هاڻي پڙهڻ گھرجي ۽ هو چوي ته اسين کيس هتان ڪتاب موڪلڻ لاءِ تيار آهيون، ٿرڙي جي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته الطاف حسين کان شايد وسري ويو آهي ته هندو هتان جا اصلوڪا سنڌي ۽ ڌرتيءَ جا وارث هيا. هوڏانهن گهوٽڪي واسين الطاف حسين ۽ وسيم اختر جي بيان جي سخت مذمت ڪندي اڄوڪي عوامي تحريڪ جي هڙتال جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آهي. جسقم، فرنٽ، سنڌ ساگر پارٽي، شهري اتحاد ۽ ٻين چيو ته سنڌين مهاجرن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر مهاجر سنڌ ڌرتي کي ورهائڻ جي سازش ڪندي ڪراچي ۾ الڳ صوبي جي ڳالهه ڪري سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه جلال محمود شاهه جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سياسي پارٽين جي سربراهن کي سوچي سمجهي ڳالهائڻ گهرجي. اقتدار خاطر هڪ ٻئي جي ميڊيا ٽرائيل ڪري ڪروڙين ماڻهن جي دل آزاري نه ڪرڻ گهرجي. ڪراچي ۾ اقتداري مفادن خاطر پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وارا روزانو هڪ ٻئي کي اکيون ڏيکاري رهيا آهن.