حيدر آباد

سانوڻ جي برساتن جي نئين وسڪاري جي اچڻ کان اڳ دريا جي پيٽ ۾ هٿرادو بندن جي نشاندهي ڪئي وڃي

DC Narejoحيدرآباد : ڊي سي او حيدرآباد احمد بخش ناريجو آبپاشي کاتي ۽ سيڊا جي انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته هو سانوڻ جي برساتن جي نئين وسڪاري جي اچڻ کان اڳ دريا جي پيٽ ۾ هٿرادو بندن جي نشاندهي ڪن. ان کان علاوه اتي حددخلين ۽ ٻين رڪاوٽن کي هٽائڻ کي به يقيني بڻائين ته جيئن پاڻي جي بنارنڊڪ روانگي کي جاري رکي سگهجي . هن، واسا انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ناڪاره ٿيل پمپنگ مشينن ، جنريٽرن، ڊيزل ٽراليز جي مرمت ڪري استعمال لائق بڻائين ۽ پاڻي جي نيڪال جي مين لائينن جي صفائي کان علاوه ٻئي گهربل سامان جي موجودگي کي به يقيني بڻائين ته جيئن برسات دوران ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي . هو اڄ شهباز هال شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ ضلعي ۾ برساتن جي شروع ٿيندڙ نئين سلسلي کي نظر ۾ رکندي گهربل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد ڪيل گڏجاڻي ۾ آبپاشي، سيڊا، واسا ، ٽي ايم ايز ۽ روينيو کاتي جي عملدارن کان بريفنگ وٺي رهيو هو.گڏجاڻي ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر ڪوٽڙي بيراج عبدالرحمان نظاماڻي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊبليو آءِ ايس پي سيڊا زاهد حسين جوڻيجو، ايم ڊي واسا شفيق آرائين، اي ڊي او روينيو آصف علي ميمڻ ۽ سمورن تعلقن جي ٽِي ايم اوز شرڪت ڪئي ۽ بريفنگ ۾ حصو ورتو . سيڊا جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽرزاهد حسين جوڻيجو گڏجاڻي کي ٻڌايو ته بين القوامي ماهرن جي مدد سان ايل بي او ڊي ايريا ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊگهي عرصي واري حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي جنهن تحت پراڻي قدرتي رستن کي فعال بڻائي ٻوڏ واري پاڻي جو رخ ريگستان وارن علائقن ڏانهن پوکائي لاءِ موڙڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي جڏهن ته وارننگ سسٽم قائم ڪرڻ، بندن جي سطح مٿي ڪرڻ ۽ روڊن واري نيٽ ورڪ کي وڌائڻ وارا منصوبا پڻ غور هيٺ آهن. هن ٻڌايو ته ننڍي مدي واري حڪمت عملي تحت حساس هنڌن تي وائرليس ڪميونيڪيشن سسٽم جي فراهمي سان گڏ ڳري مشينري ۽ ڊوزر پڻ فراهم ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه گهارا لڳل هنڌن تي ڪنهن به ناخوشگوار واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ آبڪلاڻي سامان ۽ پٿرن جي موجودگي کي يقيني بڻايو ويو آهي _.ان موقعي تي گڏجاڻي کي بريفنگ ڏيندي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر سيڊا زاهد حسين جوڻيجو وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي هيٺياهين وارن ضلعن عمرڪوٽ،ميرپورخاص ، بدين، ٽنڊو محمد خان ،ٿرپارڪر، ٺٽو، ٽنڊوالهيار ۽سانگهڙ ضلعي جي ڪجهه حصن ۾ تازي برسات ٽي سئو کان 400 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا ايل بي او ڊي ۽ ڪوٽڙي بيراج ڊرينيج سسٽم جي گنجائش کان 8 کان 10 ڀيرا وڌيڪ هئي .هن چيو ته ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو ماڻهن پنهنجي بيٺل فصلن کي بچائڻ لاءِ سم نالن ۽ آبپاشي ڪينال ۾ ڪٽ لڳايا ان کان علاوه ڊرينيج سسٽم ۾ رڪاوٽون، حددخليون ۽ پاڻي جي قدرتي وهڪرو به پوندڙ گهارن جو ڪارڻ بڻيو_ هن ٻڌايو ته انتظاميه مين ڪينالن کي ترت بند ڪرڻ کان علاوه سم نالن ۾ پوندڙ گهارن کي ڀرڻ لاءِ انهن هنڌن تي مشينري ۽ آبڪلاڻي سامان پهچايو سپرنٽينڊنگ انجنيئرڪوٽڙي بيراج عبدالرحمان نظاماڻي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل سال واري ٻوڏ ۾ پاڻي 1956 جي ٻوڏ جي آخري حدن کان به ٽپي ويو هو ۽ ڪوٽڙي بيراج جي اڪثر بندن کان پاڻي اوور ٽاپ ڪرڻ وارو هو _ هن چيو ته اهڙِي صورتحال کي نظر ۾ رکندي 2010 جي ٻوڏ جي سطح کي ڏسندي حفاظتي بندن کي 6 فٽ تائين مٿي ڪيو ويو آهي____
ان کان علاوه تباهه ٿيندڙ بندن لاءِ ڪوٽڙي بيراج ريجن ۾ بحالي جون 18 اسڪيمون جوڙيون ويون آهن جنهن تحت بندن کي مٿي ڪرڻ، زميني ڪم کي مضبوط بنائڻ کان علاوه پٿرن جي فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.هن چيو ته انهن 18 اسڪيمن مان فيز ون ۽ ٽو ۾ 12 اسڪيمون فيبروري کان مئي 2011 وچ ڌاري شروع ڪيون ويون جيڪي مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ آهن جڏهن ته فيز ٽو جو باقي ڪم پڻ تيزرفتاري سان هلندڙ آهي .هن چيو ته هن وقت درياهه ۽ ڪينالن ۾ ٻوڏ جو ڪو به خطرو نه آهي جڏهن ته ان جي ابتڙ تربيلا ڊيم مان گهٽ پاڻي ڇوڙ ڪرڻ سبب خشڪ سالي واري صورتحال آهي _ هن ٻڌايو ته ضلعي ڄامشورو ۾ ۾ ٻوڏ جي بحالي وارو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ، جڏهن ته ٺٽي ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن ۾ به گهڻي قدر ڪم ٿي چڪو آهي سواءِ ايس ايم بند کي مٿي ڪرڻ ۽ ٺٽي ۾ پٿر وجهڻ سميت پٿرن کي وڌيڪ اثرائتو بنائڻ.واري ڪم جي جيڪو 25 کان 50 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي _هن ٻڌايو ته 28 حساس هنڌن مان 16 سنڌو رياهه جي کاٻي ۽ 12 دريا جي ساڄي پاسي نشاندهي ڪيا ويا آهن جن مان ڪوٽ عالمون ، منارڪي کاٻي پاسي جڏهن ته دريا جي ساڄي پاسي پي جي بند آر ڊي 6/4 کي حساس ظاهر ڪيو ويو جتي انهن هنڌن جي مضبوطي لاءِ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي .گڏجاڻي ۾ ايم ڊي واسا شفيق آرائين بريفنگ ڏيندي چيو ته حيدرآباد ۾ گذريل هفتي 24 ڪلاڪن اندر 120 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي پر بجلي جي بند ٿيڻ، ناقص سولڊواٽرمينجمينٽ ، پاڻي جي نيڪال وارين لائينن تي حددخليون ۽ واسا جي مالي مشڪلاتن ڪارڻ برسات واري پاڻي کي ترت ۽ موثر نيڪالي ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون . هن چيو ته سندس انتظاميه ناڪاره پمپنگ مشينن، جنريٽرز، پمپنگ اسٽيشن جي مرمت جي انتظامن کان علاوه 12 اضافي پمپنگ اسٽيشنن جي قيام۽ اضافي ڊيزل جنريٽرن جو انتظام ڪيو آهي _ هن ٻڌايو ته ان کان علاوه ماڻهن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ تعلقي سطح تي ايمرجنسي سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن . ڊي سي او حيدرآباد برسات ۽ ٻوڏ دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ واسطيدار ادارن ۾ مضبوط رابطي ۽ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو _ هن ايڇ ڊي اي ۽ واسا کي خاص هدايت ڪئي ته هو ان نئين تعمير ٿيل رهائشي اسڪيمن ۾ ڊرينيج نيٽ ورڪ تي نظر رکندي ان ڪم کي يقيني بڻائين ته اهو سسٽم موثر ۽ پائيدار آهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ ڪوتاهي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي .هن آبپاشي انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ درياهه جي حساس هنڌن تي آبڪلاڻي سامان جي موجودگي کي يقيني بڻائين _ هن حيسڪو جي ڪارڪردگي تي پنهنجي ناراضگي جو اظهار ڪندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي کي يقيني بڻائين ڇاڪاڻ ته بجلي کانسواءِ پاڻي جي نيڪال ممڪن نه آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button