ٺري ميرواھ

سيد جاويد علي شاھ جيلاني تعلقي ٺري ميرواھ جو دورو ڪيو

Javed Shah Jilaniٺري ميرواھ (محمد اقبال سومرو): پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ اڳوڻو ايم اين اي پيرسيد جاويد علي شاھ جيلاني تعلقي ٺري ميرواھ جو دورو ڪيو ۽ مختلف ڳوٺن ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. ٺري ميرواھ شھر ۾ تپيدار ذوالفقار علي شر سان سندس ڀاءُ فرحان خادم شر جي فوتگي تي عذرخواھي ڪئي ۽ ڊاڪٽر الطاف حسين ملاح جي ڏنل دعوت ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي پيپلز پارٽي صوبائي اڳوان ۽ اڳوڻي ايم اين اي پير سيد جاويد علي شاھ جيلاني خطاب ڪندي چيو ته پ ه حڪومت سنڌ جي حقن تي سودي بازي نه ڪندي. سنڌ جي عوام سان پ پ جو رت جو رشتو آھي جيڪو جاري رھندو. پيپلز پارٽي عوامي مسئلن جي حل لاءِ جاکوڙي رھي آھي ، ان موقعي تي قائم علي شر، مير حسن شر، سردار احمد شر، منظور احمد دستي، جمشيد احمد شر ۽ ٻيا موجود ھئا

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button