ٺري ميرواھ

حڪومت ڪراچي جي حالتن ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي: محمد علي شر

M A Sharٺري ميرواهه (محمد اقبال سومرو): مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن فنڪشنل ليگ ضلعه خيرپور جي جنرل سيڪريٽري محمد علي شر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جي حالتن ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي ء ڪراچي ۾ عام شهرين سنڌين کي قتل ڪري لاش ٻورين ۾ وجهي روڊن تي اڇلايا پيا وڃن حڪمران صرف خزانو لٽڻ ۾ مصروف آهن هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن کي ڳولي ڳولي ماريو پيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته حڪومت برسات متاثرن جي مدد ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن حڪومت برسات متاثرن جي مدد ڪري ذرعي قرض به معاف ڪري هن وڌيڪ چيو ته حرن جي روحاني پيشوا فنڪشنل مسلم ليگ جي سربراهه اعلي! حضرت پير سائين پاڳارا هميشه ملڪ ء عوام جي بهتري لاءِ فيصلا ڪيا آهن .ان موقعي تي مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن فنڪشنل تعلقه ٺري ميرواهه جي سينئر نائب صدر فقير محتاب علي شر پڻ ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button